Pages

Thursday 19 March 2020

ڪورنا وائرس، آسماني پٿر ۽ قرضن جي آڇ


صاحب خان ڀٽي

چين مان پکڙيل ڪورونا وائرس سڄي دنيا ۾ خوف واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، هر طرف ماڻهن ۾ خوف ڇانيل آهي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳڻتي واري صورتحال آهي، سڀ کان وڌيڪ هن قدرتي آفت سبب چين متاثر ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ ايران ۾ به ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، يورپ ۾ حالتون ضابطي هيٺ آهي۽ آمريڪا ۾ به ايتري ڳڻتي جوڳي صورتحال ناهي، جنهن سان ڪا پريشن ٿيڻ جهڙي ڳالهه هجي پر اٽلي ۾  ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، هي وائرس انهن ۾ کي تمام جلد وچڙجي ٿيو، جيڪي وڏي عمر وارا آهن يا ننڍي عمر وارا آهن، هي وائرس ايترو جلدي ڪنهن نوجوان ۾ نه ٿو پکڙجي، پاڪستان ۾ به ڪورونا وائرس سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي رهيو آهي، پنجاب  ۽ سنڌ مان  ايران زائرين ويل ماڻهن جي چڪاس ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو تڏهن ڪيو ويو، جڏهن سنڌ سرڪار سڀ کان پهرين ڪورونا وائرس واري معاملي کي سنجيدگي سان ورتو ۽ ماڻهن جون ٽيسٽون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪي به ماڻهو پرڏيهه مان اچي رهيا هئا، سنڌ سرڪار جي پهرين ترجيح انهن ماڻهن جون ٽيسٽون ڪرڻ هئي ۽ ان جي ڪري ئي سڀ کان  پهرين سنڌ ۾ ئي ڪورونا وائرس جا ڪيس ظاهر ٿيا، باقي خيبرپختونخواهه ۾ سڌو ڪورونا وائرس سبب ماڻهن جي فوتگي جون خبرون ٻڌڻ اچي رهيون آهن، وفاقي سرڪار طرفان خيبرپختونخواهه جي هنگو ۽ مردان واري علائقي ۾ ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق به ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ ڪورونا وائرس  پاڪستان به قاتل وائرس بڻجي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان ڊڄڻ جي ڪا به ڳالهه نه آهي، صابڻ سان هٿ ڌوئيندا ڪيو، جيڪڏهن شهرن کي بند ڪنداسين ته ماڻهو بک مري ويندا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جڏهن  به دنيا تي  ڪا  وبا پکڙي  آهي ته سڄي دنيا ان کي گڏجي  منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن وقت به سڄي دنيا جا سائنسدان ۽ ڊاڪٽر  ڪورونا وائرس جي وئڪسين تيار ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن پر هن وقت تائين  ڪا خاص ڪاميابي کين نه ملي آهي پر هي وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جنهن سبب دنيا ۾ ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي،  اسان جي ملڪ ۾ به ڳڻتي جوڳي واري صورتحال ٿيڻ کانپوءِ  سرحدن تي انتظام سخت ڪيا ويا آهن،  سنڌ ۾ به جن ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، انهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته تفتان بارڊر تي اسان جي ادارن زائرين سان سٺو رويو اختيار نه ڪيو، ماڻهن کي هڪ هنڌ ئي رکيو ويو، جنهن سبب اهو وائرس ٻين ماڻهن ۾ به پکڙيو، سکن کي جيڪي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، اهڙيون سهولتون جيڪڏهن ايران ويندڙ زائرين کي  ڏنيون وڃن ها ته شايد اهو وائرس ٻين ماڻهن ۾ نه پکڙجي ها پر افسوس جو اسان جي حڪمرانن کي اسان جي ملڪ جا ماڻهو نظر نه پيا اچن، جيڪيڏهن تفتان بارڊر تي ماڻهن کي گهڻي دير تائين هڪ هنڌ نه ترسايو وڃي ها ته اهڙيون حالتون اڄ سنڌ ۾ پيدا نه ٿيا هن، ٻي وري ڳڻتي واري ڳالهه اها به آهي ته پنجاب مان ويل زائرين کي وائرس جي تصديق ناهي ٿي ۽ سنڌ ۾ آيل زائرين جي جڏهن ٽيسٽون ڪيون ويون ته انهن مان ڪجهه ماڻهن کي ڪورونا وائرس جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي وئي آهي، جيڪڏهن ايران ويل سنڌ جي زائرين کي ڪورونا ٿي سگهي ٿو ته پوءِ پنجاب مان ويل زائرين  جون به ٽيسٽون ڪيون وڃن ته جيئن انهيءَ وائريس کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه  ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو ڪورونا تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن پر سائين کي ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن وڌيڪ ڪيس سکر ۾ ظاهر ٿيا آهن ته انهيءَ شهر ۾ گاڏين جي اچ وڃ بند ڪئي وڃي ها پر سنڌ سرڪار سکر ۾ ايندڙ ويندڙ گاڏين تي پابندي نه لڳائي رڳو ڪراچي شهر ۾ گاڏين جي اچ وڃ روڪي وئي آهي، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪو شهر متاثر آهي، ان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ها ۽ سکر مان ماڻهن کي ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ کان روڪيو وڃي ها پر اهڙا قدم سنڌ سرڪار نه کنيا رڳو ڪراچي ۾ لاءِ خاص انتظام کنيا ويا.
بهرحال چين هن وقت ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي، ٻين ملڪن ۾ به  چين کان مدد طلب ڪري ورتي آهي،  هي اهو واحد ملڪ آهي، جنهن سڀ کان پهرين  وڏي اسپتال قائم ڪئي، ڇاڪاڻ هي وائرس انهيءَ ملڪ ۾ سڀ کان پکڙيو هو، هي ڪو نئون وائرس نه آهي، ان کان اڳ به سارس ۽ مارس جهڙا خطرناڪ وائرس  پکڙيا آهن، جن   جو ملڪن گڏجي  مقابلو ڪيو. هن وقت به وائرس  تي ضابطو آڻڻ لاءِ  سمورا ملڪ هڪ پيج تي آهن، چين، ايران، اٽلي ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪورونا  سبب ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن، جنهن سبب سڄي دنيا جي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، جنهن سبب ايران به ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ پهريون ڀيرو قرض گهريو آهي، ٻئي طرف وري آءِ ايم ايف به ڪورونا سٽيل ملڪن کي قرض ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي۽ امير ملڪ به آفريقا جهڙن غريب ملڪن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، اسان جي ملڪ ۾ به ڳالهيون  هلي رهيون آهن ته قرض معاف ٿي وڃي ته ڪورونا وائرس جو بهتر نموني سان مقابلو ٿي سگهي ٿو.  هاڻي ڏسڻو آهي ته آخر ڪهڙا ڪهڙا ملڪ ڪورونا  وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ قرض ٿا وٺن.
هوڏانهن ڪورونا وائرس سان گڏ آسماني پٿر جو ذڪر سوشل ميڊيا تي ٿي رهيو آهي، ڪيترا ئي  سوشل ميڊيا جا واهپيدار دعوائون ڪري رهيا آهن  ته آسمان  پٿر زمين ڏانهن تيزي سان اچي رهيو آهي،  جيڪو 29  اپريل 2020 سان ٽڪرائجندو، جنهن سان سڄي دنيا ختم ٿي ويندا، اهڙيون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، پر هن وقت تائين ناسا طرفان اهڙي ڪا به آفيشل  پڌرائي جاري ناهي ڪئي پر  ناسا طرفان ايترو ضرور چيو ويو آهي ته ناسا جي 20 سالن کان انهيءَ پٿر تي نظر  آهي، انهيءَ پٿر جو ڊائيا ميٽر 4.1 ڪلو ميٽر آهي، هي پٿر پنج برج خليفا  يا مائونٽ ايوريسٽ  جي اونچائي جي اڌ جيترو  آهي.هن پٿر جي رفتار 31 هزار ڪلو ميٽرس في ڪلاڪ آهي. پٿر  جي اها رفتار دنيا ۾ تيار ٿيل هوائي جهازن کان چار ڀيرا وڌيڪ آهي. جيڪڏهن اهو پٿر دنيا سان ٽڪرائجي ها ته دنيا ۾ وڏي تباهي اچي  ها، جيئن ڊائنوسارس جو خاتمو ٿيو، اهڙي ئي تباهي اچي ها. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هي پٿر 29 اپريل تي  دنيا کان 3.9 ڪلوميٽر جي فاصلي کان گذري ويندو، مطلب هن پٿر جو  ڌرتي کان فاصلو 40 لک ڪلوميٽر هوندو.  جئين ته چنڊ جو ڌرتي کان فاصلو 3 لک 84 هزار 400 ڪلو ميٽر  آهي. جڏهن هي پٿر دنيا کان ويجهو گذرندو ته چنڊ کان به 10 ڀيرا وڌيڪ فاصلي تي هوندو.  انهيءَ حوالي سان ناسا  سمورا تفصيل پنهنجي  آفيس ويب سائيٽ تي رکي رهيو آهي، جنهن سبب سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ  خبرن جو زور ٽٽي رهيو آهي. پر ڳالهه درست آهي ته جيڪڏهن ڪو پٿر زمين سان ٽڪرايو ته هن دنيا جو خاتمو ضرور اچي ويندو، پر 29 اپريل وارو پٿر هن دنيا سان ڪون ٽڪجرائيندو، هن وقت جيڪو وڏو خطرو آهي، اهو خطرو ڪورونا وائرس آهي، جنهن کي  سڄي دنيا کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو، تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به قدرتي آفتون آيون، ماڻهن پنهنجي  خالق کي ياد  ڪري  انهن جو مهاڏو اٽڪايو آهي

No comments:

Post a Comment