Pages

Thursday 5 March 2020

“ عورت آزادي مارچ” معاشرو ايڏو ڊنل ڇو آهي؟


صاحب خان ڀٽي

عورت آزادي مارچ تي سکر ۾ هڪ صحافي پاران شروع ڪرايل بحث سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويو آهي، ساڃاهه وند به حمايت ۽ مخالفت ۾ ڳالهائي رهيا آهن، ٽي وي چينلز تي عورت آزادي مارچ تي پروگرام به ٿي رهيا آهن،  هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو عورتن جي آزادي مارچ تي ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي نظر اچي رهي آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو گذريل عورتن جي ريلين ۾ اهڙا بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا ويا هئا، جيڪي نه ته هن معاشري جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن عزت دار عورت انهن لفظن کي برداشت ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪو مرد به انهن لفظن کي برداشت ڪري سگهي ٿو، ڪجهه عورتن پلي ڪارڊ کنيا هئا ته “ مرد به ٻار پيدا ڪن“ هاڻي انهيءَ بينر کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جيڪڏهن مردن کي ٻار پيدا ڪرڻا هئا ته الله تعاليٰ عورت کي ڇو پيدا ڪيو؟ پر شايد انهن عورتن کي اها خبر نه آهي ؟ يا وري اهي عورتون  ڪنهن الڳ قسم جي ئي آزادي چاهين ٿيون، جيڪو اسلام نه ٿو ڏئي، سوشل ميڊيا تي اهڙا بينر به شيئ ڪيا ويا، جن کي ڏسي ئي ماڻهو شرم ۾ ٻڏي وڃي، هڪ عورت ته بينر کڻي ڏيکاري رهي هئي ته “ عورت ٻار پيدا ڪرڻ جي مشين نه آهي“ مرد کاڌو پاڻ پچائي کائن، اهي اهي نعرا ۽ بينر اهي عورتون کڻي بيٺل هيون، جن ڪڏهن به رڌڻي جو منهن به ڏٺو هوندو ۽ چئي رهيون آهن ته عورتن سان ظلم ٿي رهيو آهي، اسان کي به ان ڳالهه تي ڪو شڪ نه آهي ته عورتن تي ظلم ٿي آهي، پر انهن کي روڪرائڻ بدران اهڙا گندا نعرا هڻڻ سان اڇا عورتن کي حق ملي ويندا؟ يا وري اهڙن نعرن سان معاشري ۾ برائي جنم وٺندي؟  جيڪڏهن عورتن جي ريلين ۾ اهڙي قسم جا بينر ۽ پلي ڪارڊ نه کنيا وڃن ها ته ڪڏهن به عورتن جي آزادي واري مارچ تي بحث نه ٿئي ها ۽ ساڃاهه وندن  توڙي عام ماڻهو ۾ ايڏي بيچيني  پيدا نه ٿئي ها.
سڀني کي خبر آهي ته سکر واري “ عورت آزادي مارچ” ۾ اهڙا بينر عورتن وٽ نه هوندا، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اڪثريت سنڌي عورتن جي ئي هوندي پر  ملڪ جي ٻين شهر ن ۾ جيڪو ٽريلر ماڻهن ڏٺو آهي، ان جو گهرن تي اثر ضرور پوندو ۽ “ ميرا جسم ميري مرضي” جهڙي نعري ته  واقعي هر هڪ کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي، جنهن کي مذهبي اسڪالر توڙي ساڃاهه وند ڪنهن به صوت ۾ قبول نه ڪندا، نه ئي عام ماڻهو انهيءَ نعري کي برداشت ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن  هر عورت چوڻ لڳي ته منهنجو جسم آهي مان جيڪو ڪجهه ڪيان منهنجي مرضي ته پوءِ   شادي جو رواڄ ختم ڪيو وڃي، شايد پوءِ اهو نعرو ٺهي به ٿو، باقي مظلوم عورتن جي آڙ ۾ جسماني فائدو حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ لڳل عورتن جي حمايت ڪرڻ بلڪل غلط آهي، هتي به وري به چوندو هلان ته سکر  واري مارچ جون انهيءَ نعرن سان پري پري تائين ڪو به واسطو نه آهي پر  ماضي جي مارچ کان پوءِ عورتن جو رويو ڏسي اسان جو معاشرو ٿورو خوفزدا ٿي ويو آهي، انهيءَ ڪري سکر جي آزادي مارچ جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، سکر واري آزادي مارچ جي اڳواڻي ڪندڙن کي گهرجي ته ڀلي مارچ ڪن ۽ مارچ ۾ سنڌ ۾ معصوم نياڻين جو مذهب مٽائي شادي ڪرائڻ واري معاملي کي به اٿارين ۽ رياست جو ڌيان ڇڪائن ۽  ماضي ۾ کنيل بينرن کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪڏهن “ ميرا جسم ميري مرضي” وارو نعرو ايڏو ئي ڀلو هجي ها ته ناليوارو ليکڪ خليل الرحمان قمر ۽ مذهبي ڌريون ان جي مخالفت نه ڪن ها، ها رهي ڳالهه خليل الرحمان قمر خلاف ڳالهائڻ جي ته اهي ماڻهو  خليل الرحمان قمر  ۽ مذهبي ڌرين خلاف ڳالهائي رهيا آهن، جن پنهنجين عورتن کي گهر  کان ٻاهر ڪڍيو به ناهي، اهي اديب، ليکڪ جيڪي عورتن جي آزادي مارچ ۾ ڌڙا ڌڙ پوسٽون شيئر ڪري رهيا آهن، انهن مان اڪثريت انهن اديبن جي آهي، جن ڪڏهن به پنهنجين عورتن کي ڪنهن سيمينار  يا پروگرام ۾ پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ پسند ناهي ڪيو. ڪجهه اديب آزاد خيال جا به آهن، مان سڀني اديبن جي ڳالهه نه پيو ڪريان پر سوشل ميڊيا تي اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي، جن پنهنجي عورتن کي ته گهر ۾ رکيو آهي ۽ ٻين جي عورتن جي حقن جي کين وڏي ڳڻتي آهي.
بحرحال ناليواري ليکڪ خليل الرحمان قمر ۽ تجزيانگار ماروي سرمد وچ ۾ ٿيل غير اخلاقي لفظن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، خليل الرحمان کي “ ميرا جسم ميري مرضي ” جو جملو بار بار  ٻڌائي ڪاوڙ ڏياري  وئي، جيڪڏهن اهو جملو ايڏو ڀلو هجي ها ۽  هر  عورت اهي لفظ  ورجائيندي وتي ها،  اهو ئي جملو آهي، جيڪو فساد جي پاڙ آهي، پر چيو پيو وڃي ته ميرا جسم ميري مرضي  تي ڪاوڙ ۾ نه اچجي، ڀلا انهيءَ  جملي جي حمايت ڪندڙ عورتون واضح ڪري ٻڌاين ته انهيءَ جملي جو آخر مقصد ڪهڙو آهي، جو انهيءَ مطالبي تي تمام گهڻو زور ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن اهو جملو ڀلو هجي ته هر مذهب ۾ ايئن لکيل هجي ها ته عورت جي مرضي آهي، جيڪو چاهي وڃي ڪري، والدين جو پنهنجي نياڻين تي ڪو به حق نه آهي.آخر هر مذهب جي ڪتاب ايئن ڇو نه لکيل آهي؟ جيڪڏهن رهي ڳالهه ڪارو ڪاري، عورتن  تي ظلم ڪرڻ يا وري انهن کي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ، ته ان بابت  پاڪ ڪتاب ۾ سڀ ڪجهه واضح  ٿيل آهي، هاڻي ان تي ڪو عمل ڪري ٿو يا نه ٿو ڪري، ان کي قيامت ۾ جواب ضرور ڏيڻو پوندو ۽ اسان جي ملڪ جو قانون به  عورتن جا حق واضح آهن ۽  ان تي عمل ڪرائڻ به رياست جي ذميواري آهي، پر ان جو مطلب نه آهي ته عورتون روڊن  تي نڪري “ غير اخلاقي “ بينر کڻي مذهبي ڌرين کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪن، جيڪڏهن  ملڪ ۾ عورتن کي حق نه هجن ها ته اڄ سرڪاري ادارن توڙي خانگي شعبن ۾ عورتون ڪم ڪندي نظر نه اچن ها، باقي رهي ڳالهه سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائئقن جي ته اتي ممڪن آهي ته عورتن سان ظلم ٿيندو هجي، ڇاڪاڻ ته  جيڪي به ڪارو ڪاري جا واقعا ٿيندا آهن، اهي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رپورٽ ٿيا آهن، شهرن ۾ تمام گهٽ ٿيندا آهن،  
جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود  سومرو چئي رهيو آهي ته هڪ صحافي کيس عورت آزادي مارچ ۾ “ ميرا جسم ميري مرضي ” ٻڌايو، جنهن تي کيس اعتراض آهي پر هو عورتن جي حقن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، جي يو آءِ اڳواڻ هڪ خانگي ٽي وي چينل تي اهو به چيو  ته جنهن صحافي کانئس راءِ ورتي ۽ انهيءَ صحافي وري سندس خلاف سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکي ۽ سندس  آزادي مارچ جي اڳواڻي ڪندڙن سان ڳالهيون  به ٿيون آهن ۽ خاطري به ڪرائي وئي آهي ته مارچ ۾ اهڙا غير اخلاقي لفظ استعمال نه ڪيا ويندا. اسان ته رڳو ايتري ئي گذارش ڪنداسين ته “ ميرا جسم ميري مرضي“  وارو نعرو ختم ڪيو وڃي ۽ عورتن جي جائز حقن جي ڳالهه ڪئين وڃي ۽ معاشري کي ڪنهن تڪرار ڏانهن ڌڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.

No comments:

Post a Comment