Pages

Sunday 1 March 2020

سنڌ جي ثقافت کان ڊنل وفاقي سرڪار

صاحب خان ڀٽي
سنڌ صوفي بزرگن جي ڌرتي آهي، جتي امن، پيار ۽ محبت جو درس ڏنو ويندو آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ٻولي، وطن ۽ ثقافت سان به تمام گهڻي محبت رکندڙ آهن، هي ملڪ به سنڌ جي شامل ٿيڻ کانپوءِ دنيا جي وجود ۾ آيو، شايد هي هن ملڪ ۾ ڪا اهڙي قوم هجي، جيڪا پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ٻولي سان محبت ڪندڙ هجي، جيڪڏهن ايئن چيو وڃي ته ٻين قومن سان سنڌين جي ڀيٽ ٿي ئي نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اها واحد قوم آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي رهزنن حملا ڪيا پر ناڪام ويا ۽ سنڌي پنهنجي وطن، ثقافت ۽ پنهنجي مٺڙي ٻولي لاءِ ڪفن ٻڌي ميدان تي لٿل رهيا ۽ انهن رهزنن کي تاريخ ۾ بدنامي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه مليو، سنڌي قوم هميشه جيان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان پيار ڪندا پيا اچن ۽ ڪندا رهندا، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ دشمن عنصرن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اک ۾ ڪنڊي جيان لڳندو آهي، ڪڏهن ادارن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي لڳائي ويندي آهي ته ڪڏهن وري سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ کان روڪيو ويندو آهي، اهي زيادتيون اڄ ڏينهن تائين بند ناهن ٿيو، افسوس جي ڳالهه اها به آهي ته افغان مهاجرن کي به سنڌي ثقافت کان چڙ آهي ۽ وفاق ته هر وقت ڏمريل نظر اچي رهيو آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته وفاقي سرڪار طرفان سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ ۽ ثقافتي سرگرمين تي پابندي لڳائڻ جي ضرورت نه پئي ها.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ملڪ ٺهڻ کان اڄ ڏينهن تائين سنڌي ٻولي کي قومي درجو ناهي ڏنو ويو، سنڌ اندر سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي جو درجو به ناهي ڏنو،  مهمانن کي خدا جي نعمت سمجهي انهن جي وس آهر خدمت ڪئي ويندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو دنيا مان ڪيترائي ماڻهو سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ پاڻ کي سنڌ جو سپوت سڏرائڻ لڳا ۽ وطن جي آجپي لاءِ سنڌ دشمنن سان مهاڏو اٽڪائڻ لڳا، ڪجهه رهزنن سنڌ تي حملا ڪري حڪومتون به ڪيون پر وطن سان محبت ڪندڙ عاشقن هميشه انهن آڏو رُڪ جي ڀت بڻجي انهن جو مقابلو ڪيو ۽ انهن کي وطن مان تڙي ڪڍيو، پر جڏهن مسلمانن لاءِ هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي ته ان وقت به  سڀ کان پهرين سنڌين انهن جي حمايت ڪئي اڄ هي ملڪ وجود ۾ آيو پر سنڌين کي اها خبر نه هئي ته ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ٻاهران ماڻهو وڏي اڪثريت ۾ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندا پر ان باوجود سنڌين مهمانوازي ڪندي ڀارت مان لڏپلاڻ ڪري آيلن جي آجيان ڪئي، 1947ع جي لڏپلاڻ کانپوءِ سنڌين سوچيو ته هاڻي لڏپلاڻ جو سلسلو بند ٿي ويندو پر افسوس جو اهو لڏپلاڻ وارو سلسلو اڄ  تائين جاري آهي بس فرق ايترو آهي جو هاڻي ڀارت سان گڏ افغانستان، بنگلاديش ۽ برما مان ماڻهو اچي سنڌ ۾ آباد ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي وفاقي سرڪار جي آشيروارد سان آباد ڪيو پيو وڃي، 1973ع ۾ بنگلاديش ڌار ٿيڻ کانپوءِ به ڌارين جي لوڌ کي آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو، سنڌ جي قومپرست ڌرين پاران سخت احتجاج به ڪيو ويو پر ان وقت به وفاق پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو ۽ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ وارو سلسلو بند نه ٿيو، ان کانپوءِ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ افغانستان تي آمريڪا جي حملي کانپوءِ افغان مهاجرن کي ملڪ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ سرحد کوليون ويون، ڪنهن کي به خبر نه آهي ته آخر ڪيترا افغان مهاجر پاڪستان ۾ داخل ٿيا، جيڪڏهن وفاقي سرڪار  افغان مهاجرن کي واپس وطن موڪلڻ لاءِ سنجيده هجي ها ته ان وقت  افغان مهاجرن کي سرحد ويجهو ئي ڪئمپن ۾ ترسايو وڃي ها پر هڪ سازش تحت انهن کي ملڪ ۾ ايئن ڇڏيو ويو، جيئن اهي ڪي هن ملڪ جا اصل وارث هجن، افغان مهاجرن هتي اچي پنهنجا گهر ٺاهي ويا ۽ وڏيون وڏيون بستيون قائم ڪري ويا، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ افغان شهري موجود آهن، جن مان اڪثر پاڻ کي پٺاڻ سڏرائي جند آجي ڪرائي وڃن ٿا، اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيوآهي ته انهن وٽ هاڻي سڃاڻپ ڪارڊ به آهن پر آخر انهن خلاف ڪارروائي هاڻي ڪير ڪري سگهي ٿو؟
بهرحال  ڌارين جي لوڌ وارو مامرو ڪو نئون نه آهي، اهو ڪافي عرصي کان آهي پر پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين سنڌ واحد صوبو آهي، جنهن جو عوام هن وقت به بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي، سنڌ جا اصل وارث بنيادي سهولتن کان محروم آهن، سنڌ جي وسيلن تي به سنڌين جو ڪو به اختيار نه آهي، جتان پيٽرول، گئس ۽ ڪوئلو نڪري رهيو آهي، اتي نالي ماتر ڪم ڪندڙ سنڌي آهن، پوليس کاتو هجي يا ڪو ٻيو سرڪاري کاتو، سڀني ۾ ڌارين جي لوڌ، مطلب غير سنڌي ماڻهن کي وڏي انگ ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صوبائي سرڪاري کاتن  تي نظر ڦيرائينداسين ته انهن ۾ سنڌي نه هئڻ برابر هوندا، آخر ملڪ ٺهڻ کانپوءِ هن وقت تائين ٻين صوبن ۾ وفاقي سرڪاري نوڪرين ۾ سنڌين کي ڀرتي ڇو نه ڪيو ويو؟ اهو سوال جڏهن پڇيو ويندو آهي ته  جواب ملندو آهي ته اوهان جن ماڻهن کي ووٽ ڏنو آهي، انهن ئي سنڌ کي اهڙي صورتحال تي پهچايو آهي ۽ انهن ئي حڪمرانن ڪرپشن ڪري سنڌ کي لٽيو ويو آهي، جيڪڏهن ايئن هجي ها ته جڏهن افغان مهاجرن خلاف سنڌ سرڪار ڪارروائي جو فيصلو ڪيو هو ته ان وقت ڇو روڪيو ويو هو؟ ان مان صاف واضح آهي ته وفاق ڪڏهن به صوبن کي اختيار نه ڏنا آهن، جيڪڏهن صوبن وٽ اختيار هجن ها ته ڌاريا ماڻهو سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڀرتي ٿين ئي نه ها ۽ نه ئي سنڌين ۾ احساس محروميون پيدا ٿيا هن.
بهرحال بک، بدحالي ۽ بيروزگاري باوجود سنڌ جي ماڻهن پراُمن احتجاج ڪيو آهي، سنڌي ڪافي عرصي کان پاڻي چوري جون به دانهون ڪري رهيا آهن ته پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي پر ان باوجود ملڪ کي هلائيندڙ ڌرين جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري،
جڏهن هڪ اينڪر پرسن سنڌي ٽوپي جي مذاق بڻائي ته ان وقت سنڌي قوم هڪ ٿي، سخت احتجاج رڪارڊ ڪيو ۽ ساڃاهه وندن پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ سنڌ دمشنن جون ننڊون حرام ٿي ويون، ڇاڪاڻ ته اسڪول هجن يا وري ڪاليج ۽ يونيورسٽيون، هر طرف سنڌ جي ثقافت اجاڳر ٿيڻ لڳي ۽ سنڌ دشمنن جو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارو منصوبو ناڪام ٿيندي نظر آيو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڌارين کي آباد ڪرڻ  واريون ڪوششون  اڄ به جاري ۽ ساري آهن پر جيئن ته بهادر قومپرست چيو آهي ته سنڌ بمبئي جو ڪيڪ ناهي، قوم زندهه آهي ۽ هميشه زندهه رهندي. جيڪڏهن وفاقي سرڪار کي سنڌي ثقافت کان ايڏي ئي تڪليف آهي ته پوءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سنڌ جي ثقافتي تقريبن تي پابندي لڳائي وڃي ها، سنڌ ۾ نه، ڇاڪاڻ ته سنڌي هڪ قوم آهي، جيڪا هزارين سالن جي قديم ثقافت جي وارث آهي، آخر وفاقي سرڪار کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نه ٿي اچي ته ڪنهن به قوم کي غلام بڻائي نه ٿو سگهجي، پابندي لڳائي وفاقي سرڪار جيڪو پنهنجي نفرت جو اظهار  ڪيو آهي، ان جو نقصان وفاق کي ٿيندو، سنڌي قوم ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، هن ملڪ کي ٺاهڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون سنڌين ئي ڏنيون آهن، سنڌي ثقافتي سرگرمين تي پابندي لڳائي ان جي وڌيڪ سزا نه ڏني وڃي.هونئن به هر وفاقي اداري ۾ وڏن وڏن عهدن تي غير سنڌين جي لوڌ ڀرتي ٿيل آهي، ملڪ ٺهڻ کان هن وقت تائين اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سرڪاري اداري ۾برابري جي حساب سان سنڌين کي ڀرتي ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ سنڌي وڏي اڪثريت سان ڀرتي ٿيلن آهن، سنڌ پوليس ۾ به پنجاب جا ماڻهو ڀرتي  ٿيل آهن، ان باوجود به سنڌي قوم خاموش آهي پر هن ڀيري سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ قومي ثقافتي سرگرمين تي پابندي لڳائي سنڌي قوم کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پيپلزپارٽي اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته ثقافتي سرگرمين تي پابندي لڳائڻ ون يونٽ جي ڪوشش آهي پر اها ون يونٽ جي ڪوشش نه پر سنڌي قوم جو نشان مٽائڻ جي ڪوشش آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ سپريم ڪورٽ کي گهرجي ته سنڌ ۾ وفاقي سرڪار طرفان لڳايل پابندي جي نوٽيس وٺي سنڌي قوم ۾مچندڙ باهه کي وسائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ انهن ڌرين کي سمجهائي جيڪي سنڌي قوم کي ثقافت ۽ قومي ٻولي کان پري ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته وفاقي سرڪار ۾ ويٺل وزير سنڌي ثقافت کان ايئن نفرت جو اظهار نه ڪن ها، هڪ وزير پاران سنڌي ثقافتي سرگرمين تي پابندي لڳائڻ جو جواز ٻڌيو پيو وڃي ته سنڌي ثقافتي سرگرمين سان ڇڪتاڻ ٿيندي، مطلب ڪجهه ماڻهن کي تڪليف ٿي رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو رهن ٿا، جن کي سنڌي ثقافت ۽ ٻولي کان نفرت آهي ته انهن کي فوري طور سنڌ مان تڙي ڪڍيو وڃي، اسان هن ملڪ کي انهن نفرت ڪندڙ ماڻهن لاءِ نه ٺاهيو هو ته اهي هتي اچي اسان کي پنهنجي ۽ ثقافت کان پري ڪن، مهرباني ڪري جيڪي ٻين صوبن جا ماڻهو هتي آباد ٿيا آهن، انهن جي شڪايتن تي اهو پابندي وارو نوٽيس جاري ڪيو ويو ، انهن کي پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ واپس موڪليو وڃي ۽ سنڌي قوم کي سڪون سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، تاريخ ۾ والاريل ڪشمير جي عوام تي به شايد اهڙو ظلم نه ٿيو هوندو، جيڪو ظلم وفاقي سرڪار سنڌ قوم کي ثقافتي سرگرمين کان پري رکي ڪري رهي آهي. سنڌين جي امن، محبت ۽ پيار واري درس کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ۽ قومپرست ڌرين ۽ خاص ڪري پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي گهرجي ته وفاقي سرڪار جي اهڙي عمل خلاف فوري طور حڪمت جوڙي ڀرپور جواب ڏنو وڃي

No comments:

Post a Comment