Pages

Sunday 25 October 2020

حڪومت تي پي ڊي ايم جي جلسن جو وڌندڙ دٻاءُ

صاحب خان ڀٽي

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ووٽ کي عزت ڏيڻ واري نعري تي ملڪ جون 11 سياسي وڏيون پارٽيون هڪ پيج تي اچي ويون آهن، گجرانوالا ۾ٿيل پاڪستان ديموڪريڪٽڪ  جلسي کان پوءِ حڪومت جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، جنهن جو  اندازو ڪراچي ۾ ٿيل جلسي مان لڳائي سگهجي ٿو،  اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف جي تقرير تي اعتراض به اٿارايا ويا ۽ سندس موقف کي رد ڪيو ويو پر ان باوجود لکين ماڻهو پي ڊي ايم سان گڏ نظر اچي رهيا آهن، جنهن به شهر ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ٿي رهيو آهي، اتي عوام جو  سمنڊ اٿلي رهيو آهي، حڪومت پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پي ڊي ايم اختلافن جي ور چڙهي وئي آهي ۽ عوام سندن موقف رد ڪيو آهي پر عوامي سمنڊ ڪجهه ٻيو ئي ٻڌائي رهيو آهي، ڪراچي ۾ ٿيل جلسي کانپوءِ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار نظر آئي، ڪئٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري کانپوءِ صحافي کي کنڀي گم ڪرڻ وارن مامرن مان لڳي ٿو ته حڪومت پي ڊي ايم  کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هرممڪن وسيلا اختيار ڪري رهي آهي ۽ حڪومت آخري حد تائين وڃي سگهي ٿي، ڪراچي کانپوءِ جڏهن  پي ڊي ايم جو جلسو دهشتگردي جي ور چڙهيل صوبي بلوچستان ۾ ٿيو ته ان وقت ميڊيا تي  ان جلسي کي ڪا خاص ڪوريج نه ڏني وئي ۽ حڪومتي ترجمانن کي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئجي وئي ۽ قومي ميڊيا حڪومتي نمائندن کي ڏيکارڻ ۾ رڌل نظر آئي، ان باوجود سوشل ميڊيا تي پي ڊي ايم جي جلسي کي لکين ماڻهن ڏٺو، انهي جلسي ۾ پي ڊي ايم جي اڳواڻن انڪشاف چيو ته ڪجهه اتحادي اتحاد ختم ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ووٽ جي عزت ڏيڻ واري جدوجهد کي ڇيهو رسندو.

ماضي ۾ جڏهن تبديلي پسندن جا جلسا ٿي رهيا هئا ته ان وقت ميان محمد نوازشريف جي حڪومت هئي ۽ ان حڪومت خلاف گٿا لفظ ڳالهايا ويندا هئا ۽ ميڊيا ذريعي سڌي ريت انهن کي ڏيکاريو ويندو هو، پر تبديلي پسندن جي حڪومت اچڻ کانپوءِ ميڊيا تي سخت پابنديون لڳايون ويون آهن ۽ اهو چيو پيو وڃي ته اهي ملڪ دشمني ڪري رهيا آهن، ڇا ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو نعرو ملڪ دشمني آهي؟ يا وري مهانگائي سٽيل عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ آوز اٿارڻ گناهه آهي، جيڪڏهن حڪومت مهانگائي ۽بيروزگاري  جو خاتمو آڻي ها ته ڇا اڄ پي ڊي ايم جا جلسا ڪامياب ٿين ها، بلڪل نه؟ عوام پي ٽي آءِ کي ان ڪري ووٽ ڏنو هو ته کنڊ 45 ڪلو  هئي ان کي سستو ڪيو ويندو، ڊالٽر 100 کان وڌيڪ هو، ملڪ تي قرض چڙهيل هو، عوام ته تبديلي حڪومت جي موقف کي لبيڪ ڪيو هو ته پي ٽي آءِ  جي حڪومت اچڻ کانپوءِ ملڪ جو قرض لهي ويندو ۽ ماڻهن روزگار جو موقعا ملندا پر  تبديلي پسندن جي حڪومت اچڻ کانپوءِ جيڪي ماڻهو روزگار سان لڳل هئا، اهي بيروزگار ٿي ويا، جن وٽ گهر هئا، انهن کي بي گهر ڪيو ويو، ملڪ ٻيڻ ٽيڻ تي قرضي ٿي ويو، ڇا ملڪ جي غريب عوام تبديلي پسندن کي ان ڪري ووٽ ڏنو هو ته دنيا  آڏو هٿ ٽنگي قرض ورتو وڃي؟ ڇا غريب عوام تبديلي پسندن کي ان ڪري ووٽ ڏنو هو، جو  انهن کي  نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي، انهن جون پگهارون بند ڪيون وڃن، بلڪل نه اڄ پي ڊي ايم سان گڏ عوام جو سمنڊ گڏ آهي ته اهو  پي ٽي آءِ حڪومت جي ناڪام پاليسين جي ڪري آهي، جيڪڏهن ماڻهو بيروزگار نه ٿين ها، انهن جا گهر نه ڊاهيا وڃن ها، ڊالر جو اگهه وڌائي عوام جي پئسن تي ڌاڙو نه هنيو وڃي ها،  ڏينهن رات نوٽ نه ڇاپيا وڃن ها ته اڄ ملڪ جو عوام موجوده حڪمرانن سان گڏ بيٺل هجي ها، حڪومت کي هڪ  ئي وقت ملڪ جي غريب عوام تي ايڏو وڏو بار نه وجهڻ گهرجي ها.

جيئن ته هاڻي پي ِڊي ايم پنهنجي طاقت جو مظاهرو بلوچستان ۾ ڪري چڪي آهي، اتي به  هزارين ماڻهو  پي ڊي ايم جي موقف جي حمايت ڪري رهيا آهن ته حڪمرانن کي عوام جي طاقت کي مڃڻو پوندو، اها ڪنهن کي به خبر نه آهي ته هن ملڪ ۾ ووٽ کي عزت ملندي يا نه ؟ پر ايتري خبر آهي ته جن کي موجوده حڪمران چور چوندا هئا، انهن جي حڪومتي دور ۾ مهانگائي گهٽ هئي، ماڻهو خوشحال هئا ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا هئا پر تبديلي پسندن جي حڪومت ۾ ملڪ اندر انارڪي پکڙجي رهي آهي، بلوچستان جو عوام حقن لاءِ جان قربان ڪرڻ لاءِ به تيار آهي، ڪافي عرصي کان پنهنجي جدوجهد به جاري رکيو پيو  اچي  ۽ هاڻي وري سنڌي قوم ڪراچي ڪميٽي ۽ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽ چين ۽ جاپان کي وڪرو ڪرڻ واري معاملي تي سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي، ايتري قدر جو جنهن سنڌ اسيمبلي پاڪستان کي ٺاهڻ لاءِ قراداد پيش ڪئي هئي، انهي اسيمبلي جي ٻيٽن تي والار خلاف ٺهراءَ کي ملڪ  جي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان ٿڏي ڇڏي آهي، مطلب ته پاڪستان ٺاهڻ کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ سنڌ اسيمبلي کي اهميت نه ٿي ڏي ۽ نه ئي سنڌي قوم کي ڪجهه سمجهن ٿا، سنڌي قوم ته ڪالا باغ ڊيم جي خلاف به روڊن تي هئي، پر ٻيٽن تي والا سنڌي قوم جي وجود جو سوال آهي، ٻيٽن تي وڏا شهر اڏڻ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ جي انچ انچ کي وڪرو ڪري ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش آهي، جيڪو به سنڌي وزير يا مشير  سنڌ ۾ وڏا شهر ٺاهي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو اهو ڪڏهن به سنڌ جو سڄڻ نه ٿو ٿي سگهي، سنڌي قوم هن وقت پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي پر افسوس سنڌ جي حڪمرانن هيل تائين سنڌ ۾ ڌارين جي آباڪاري جو سلسلو روڪي ناهن سگهيا.

جيتوڻيڪ وفاقي سرڪار سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته جيستائين سنڌ حڪومت راضي نه ٿيندي ٻيٽن تي ڪم نه ٿيندو، پر ان باوجود سنڌ جي ٻيٽن تي ڪنسٽرڪشن جو ڪم تيزي سان جاري آهي، هڪ وڏي عمارت پري کان نظر اچي رهي آهي، ان کان علاوه ميڊيا تي هلندڙ وڊيوز ۾ ڪجهه گهر به نظر اچي رهيا آهن،اٽارني جنرل خالد جاويد عدالت ۾ ٻڌايو هو ته ماڻهن ۽ مينگروز کي ڪو به نقصان نه ٿيندو، ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطو جاري آهي، اسان سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيل ٺهراءُ جو احترام آهي، قانون کان مٿانهون ڪو به ڪم نه ڪندي، جيستائين سنڌ حڪومت راضي نه ٿيندي ٻيٽن تي ڪم نه ٿيندو، ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن. اٽارني جنرل جي اعتراف باوجود صدر عارف علوي چئي رهيو آهي ته 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو اهي ٻيٽ پورٽ قاسم جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، هاڻ ان ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو ته پيپلزپارٽي ئي ٻڌائي سگهي ٿي پر  اٽارني جنرل ۽ صدر جي بيان تضاد آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. پي ڊي ايم جي جلسي ۾ به سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي تي  وفاق جي والار کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو ويو آهي، جيڪڏهن صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي عزت نه ڏيندا ته ڇا سنڌ جو عوام انهن جي فيصلن کي مڃيندو؟ جيڪڏهن وفاقي حڪومت جو اهڙو ورتاءُ رهيو هو ته هن ملڪ ۾ انارڪي پکڙجندي ۽ ملڪ کي 1973ع واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو، موجوده حڪومت وڏا شهر اڏي سنڌ ۾ ڌارين کي تبديل ڪري سنڌ کي فلسطين بڻائڻ چاهي ٿي، جنهن کي سنڌي قوم ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا، ڪجهه  سنڌ جا وزير وڏا شهر اڏڻ  واري فيصلي جي حمايت ڪري رهيا آهن، جنهن سان سنڌ جي عوام ۾ ڪاوڙ پکڙجي رهي آهي ۽ پيپلزپارٽي جي ساک  به متاثر ٿي رهي آهي.

بهرحال حڪومت هڪ طرف سنڌ جي ماڻهن سان مهاڏو اٽڪائي نفرتون پکيڙي رهي آهي ته مٿان وري پي ڊي ايم جي  ڪامياب جلسن جو راڳ دنيا جي مختلف چينلن ۾ ٻڌڻ اچي رهيو آهي، پاڪستان ۾ به ميڊيا تي پي ڊي ايم جا جلسا نه پر جلسيون نظر اچي رهيون آهن پر دنيا جي ٻين  چينلن تي عوامي سمنڊ نظر اچي رهيو آهي، قومي ميڊيا تي پي ڊي ايم جلي جلسن کي سڌي ريت نه ڏيکارڻ واري عمل باوجود وفاقي حڪومت خوف زده نظر اچي رهي آهي ۽ پي ڊي ايم کي ماضي جيان غدار قرار ڏيڻ وارو پراڻو فارمولا  استعمال ڪيو پيو وڃي پر سوشل ميڊيا ۽ موجوده حڪمرانن جي پاليسي جي ڪري عوام غداري جو سرٽيفڪيٽ ورهائيندڙن تي يقين نه پيو ڪري، اڳ ۾ ڪنهن کي غدار قرار ڏنو ويندو هو ته عوام انهن جي جلسن نظر نه ايندو هو، پر  موجوده حڪومت ڏينهن رات هڪ ڪري پي ڊي ايم کي غدار قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهي ڀارت کي خوش ڪري رهيا آهن، ڀلا موجوده حڪمران اهو ٻڌائڻ پسند ڪندا، ته غريب عوام کي بيروزگار ڪري هو ڪنهن کي خوش ڪري رهيا آهن، ڀلا  موجوده حڪومت اهو ٻڌائيندي ته ڊالر جو اگهه  وڌائي ڪنهن کي خوش ڪيو ويو؟ ڪير اهو ٻڌائيندو ته کنڊ ۽ اٽي جا هٿرادو اگهه وڌائي ڪنهن کي خوش  ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن پي ڊي ايم وارا ڀارت کي خوش ڪري رهيا آهن ته پوءِ حڪومت ملڪي معشيت کي تباهه ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪري رهي آهي، ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيندو؟ هاڻ حڪومت کي اهو غداري وارو ڪارڊ کيڏڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، 11 پارٽين جو اتحاد ٽٽي سگهي ٿو پر عوام ۾ حڪومت خلاف جيڪا ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي، اها ختم ٿيڻ ناممڪن آهي، اڄ عوام تبديلي جو نالو ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿو، اهو سڀ ڪجهه حڪمرانن جي غلط پاليسين  جي ڪري ٿي رهيو آهي، پي ڊي ايم جي جلسن کان ڊنل حڪومت کي گهرجي ته پابنديون لڳائڻ بدران انهن کي پنهنجو آواز عوام تائين پهچائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جيڪڏهن اوهان ملڪ کي خوشحال بڻائي ڇڏيو آهي ته عوام اوهان سان گڏ هوندو، جيڪڏهن اوهان کان ملڪ جو عوام خوش ناهي ته اهي پي ڊي ايم ڏانهن ويندا،  گذريل ڏينهن جيڪو ڪوئيٽا ۾ جلسو ٿيو، اهو جلسو ملڪي تاريخ ۾ تمام وڏو اهميت جوڳو آهي ڇاڪاڻ ته مايوسي جي ورچڙهيل بلوچستان جو عوام پي ڊي ايم سان گڏ ٿي ويو آهي، هونئن به بلوچستان دهشتگردي جي ورچڙهيل آهي، ڪا به پارٽي اتي جلسو ڪرڻ کان اڳ تمام گهڻو سوچيندي آهي، ان وقت بلوچستان جي عوام کي پي ڊي ايم ذريعي هڪ امن جي ڪرن نظر آئي آهي ۽ پي ڊي ايم جي موقف کان به مطئمن ٿي ويا آهن.هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته عوامي طاقت کي موجوده حڪومت تسليم ڪري ٿي يا نه؟  پر هڪ ڳالهه واضح ٿي رهي آهي ته ملڪ ۾ هاڻ سليڪٽيڊ نه پر حقيقي تبديلي ايندي نظر اچي رهي آهي.


No comments:

Post a Comment