Pages

Monday 26 October 2020

سنڌ حڪومت وٽ اختيار آهن؟

صاحب خان ڀٽي

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ڏينهون ڏينهن آبادي وڌي رهي آهي  پر حڪومت ان معاملي کي سنجيدگي سان ناهي ورتو، پاڙيسري ملڪن مان هجرت ڪري سنڌ جي دل ڪراچي ۾ غير سنڌي اچي آباد ٿي رهيا آهن، حڪومت غيرقانوني طور تي سنڌ ۾ آباد ٿيندڙن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي ناهي جوڙي، افغانستان، ڀارت ۽ بنگلاديش مان وڏي لوڌ ڪراچي ۾ اچي آباد ٿي رهي آهي، جن  هتان جا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڇڏيا آهن، سنڌي قوم جي احتجاج جي باوجود سنڌ سرڪار جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، جنهن سبب ڏينهون ڏينهن  ڪراچي جي آبادي وڌي رهي آهي، وڏيون وڏيون عمارتون ٺهڻ سان گڏ جبلن تي به  ماڻهن پنهنجا گهر تعمير ڪري ڇڏيا آهن پر سنڌ حڪومت ڪٺ پتلي حڪومت جيان سمورو تماشو ڏسي رهي آهي، ڪراچي جي نالن تي به غيرقانوني قبضو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب شهر ۾ نيڪال وارو نظام درهم برهم آهي، رهيل ڪسر شهر جا نفيس ماڻهو پوري ڪري ڇڏين ٿا، جڏهن سڄي سنڌ ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿيو هو ته ان وقت نام نهاد قومي ميڊيا رڳو ڪراچي  شهر کي فوڪس ڪيو ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آيل برسات جي تباهي کي  نه ڏيکاريو ويو، اهو رڳو ان ڪري ٿيو،  جو هن شهر ۾ پرڏيهين ديرا ڄمائي ورتا آهن، جن کي سنڌ جي ٻين شهرن سان ڪو به واسطو نه آهي، سنڌ سرڪار پاڻ به دعويٰ ڪري رهي هئي ته ڪراچي ۾ ڪجهه نامعلوم ماڻهو گٽر نالن کي بند ڪري رهيا آهن، جنهن سبب شهر ۾ پاڻي بيهجي رهيو آهي، ظاهر ڳالهه آهي ته جڏهن حڪومت ڪمزور هوندي ته ڪراچي ۾ غريب ماڻهن جو رت وهائيندڙ نفيس ماڻهن لاءِ گٽر بند ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هوندي،  سنڌ حڪومت جا ترجمان اهي ته ٻڌائي رهيا هئا ته گٽر بند ڪيا پيا وڃن پر انهن خلاف ڪارروائي نه پيا ڪن، ڇا سنڌ سرڪار ايتري بيوس آهي جو گٽر بند ڪندڙ نامعلوم ماڻهن خلاف ڪارروائي به نه ڪري سگهي.

گذريل ڏينهن وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پراونشل ڪوآرڊينيشن اينڊ امپليمينٽيشن ڪميٽي جي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي سوڌو ٻين ميمبرز جي شرڪت ڪئي، جنهن دوران ڪراچي ۾ ايندڙ سال جي جون مهيني تائين نالن تان قبضا هٽائڻ ۽ صفائي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، هاڻ انهيءَ فيصلي تي ڪيترو عمل ٿيندو، اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر نالن ويجهو  جيڪي ماڻهو آباد آهن، اهي سولائي سان پنهنجا گهر ڊاهڻ جي اجازت ڏيندا، ڇا سنڌ  سرڪار وٽ  ايترا وسيلا موجود آهن جو نالن تان غيرقانوني طور ٺهيل اڏاوتون ختم ڪرائي سگهي.

ڪراچي ۾ رڳو نالن تي غيرقانوني اڏاوتون قائم نه آهن، پر ريل گاڏين جي پٽڙين ويجهو به اڏاوتون ٺهيل آهن، پر  جيئن ته حڪومت  نيڪال  نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ جيڪو نالن تان قبضا  ختم ڪرڻ وارو فيصلو ڪيو آهي، اهو بهتر آهي پر  انهيءَ عمل سان ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿيندا، جيڪڏهن اهي سنڌ جا اصلوڪا رهواسي آهن ته انهن کي گهر ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪڏهن اهي ڪنهن ٻئي ملڪ جا شهري آهن ۽ ٻين صوبن مان آهن ته انهن کي واپس پنهنجن علائقن ڏانهن موڪليو وڃي، انهن کي گهر ڏيڻ حڪومت جي ذميواري ناهي آهي، سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻ سان ئي سنڌ جي گادي واري شهر ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام بهتر ٿيندا ۽ آبادي جو بار به گهٽبو، افغانستان مان اچي سنڌ جي گادي واري شهر ۾ آباد ٿيل افغانين کي پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس موڪليو وڃي، هونئن به سنڌ ۾ بدامني جو ڪارڻ به پرڏيهه مان آيل ماڻهو آهن، ٻين صوبن مان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ ماڻهو به سنڌ سرڪار جي ناقص پاليسين تي اعتراض اٿاري رهيا آهن ته سنڌ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪي به سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت کي گهرجي  ته انهن کي پنهنجن صوبن ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن پنهنجي صوبن جي حڪومتن کان وڃي  سهولتون حاصل ڪن، سنڌ تي بار نه بڻجن، اڳ ئي ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ جي سرڪاري نوڪرين تي قابض ٿيل آهن، جيڪا سنڌي قوم سان وڏي زيادتي آهي. انهن ماڻهن کي پنهنجن صوبن ۾ رهڻ پسند نه آهي، سنڌ ۾ اچي سنڌ ۾ نفرتون پکيڙي رهيا آهن، سنڌ جي گادي واري شهر ۾ رهن ٿا، جتي سموريون سهولتون ميسر آهن پر ٻين شهرن ۾ اهڙيون سهولتون موجود نه آهن ان باجود هو سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪندا رهن ٿا ۽ حڪومت خاموشي سان تماشائي بڻيل آهي، ڌاريا سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا ته ان وقت حڪومت خاموش رهي پر جڏهن سنڌي ماڻهو ڪراچي ۾  پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪن ٿا سنڌ سرڪار  انهن  تي پوليس  ذريعي لٺبازي ڪرائي  ظلم ڪري ٿي،  آخر اهڙي رويي سان سنڌ جي حڪمرانن کي ڪو فائدو ملندو؟

سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻي گذريل 72 سالن کان احتجاج ڪري رهيا آهن ته مقامي ماڻهن کي روزگار  ڏيو، پر ان  باوجود سنڌ تيل، گئس  ڪڍندڙ ڪمپنين ۾ سنڌي نه هئڻ برابر آهن، پورٽ قاسم جو بنياد ڪنهن رکيو، اهو به سڀني کي خبر آهي پر اتي ڪيترا سنڌي ماڻهو ڪم ڪن ٿا، ڪيترا آفيسر سنڌي آهن، اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪيل نه آهي، هزارين سنڌي نوجوانن يونيورسٽين مان ڊگريون کڻن ٿا، جن کي  سرڪاري نوڪريون نه ٿيون ملن ۽ ٻين صوبن جي  عورتن توڙي مردن کي سنڌ ۾ نوڪري ملي وڃي ٿي، آخر  انهيءَ سازش پٺيان ڪير آهي؟ سنڌ حڪومت کي سوچڻو پوندو، وفاقي ادارن ۾ سنڌي نه هئڻ برابر آهن، ايتري قدر جو راندين جي ميدان ۾ به سنڌي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، پاڪستان ٺهڻ کان هيل تائين پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪو به سنڌي رانديگر نه اچي سگهيو آهي، ڇا رڳو اهل پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا ماڻهو آهن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اصل رانديگر نه آهن يا وري اهو رڳو وڏن ادارن ۾ ويٺل تعصب پرست ماڻهن جو رويو آهي، جيڪي سنڌي نوجوانن کي اڳتي ڏسڻ نه ٿا چاهين، ڪجهه عرصو جعلي ڊوميسائيل وارو مامرو اٿيو ته ان ۾ به سنڌ سرڪار خاموش نظر آئي، بلڊر مافيا به رڳو سنڌي وسندين کي ڊاهي رهي آهي، ان تي به سنڌ سرڪار خاموش آهي، بلڊر مافيا کي افغانين، بنگالين ۽بيهارين جون بستيون نظر نه ٿيون اچن، جيڪڏهن نظر اچن ٿا ته رڳو ڳوٺ نظر اچن ٿا، بلڊر مافيا کي شايد لڳي ٿو ته سنڌ فلسطين آهي، سنڌ جي انچ انچ تي قبضو ڪرڻ سندن لاءِ اسرائيل جيان سولو آهي، حڪومت انهن بلڊر مافيائن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري، پوليس به سندن سهولتڪار بڻيل آهي، ڇا سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ڪو افغانستان، بنگلاديش يا ڀارت مان لڏي آيا هئا، جن جا اوهان ڳوٺ ڊاهي رهيا آهيو، جيڪڏهن اوهان کي گهر ڊاهڻ آهن ته افغانين، بنگالين ۽ بيهارين جا ڊاهيو، جيڪي غير قانوني طور سنڌ ۾ ترسيل آهي، جيڪي هن ملڪ تي بار بڻيل آهن، اصلوڪن رهواسين خلاف ڪارروائي ڪري اوهان ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاهيو؟  جيڪڏهن سنڌ حڪومت وٽ ڪي اختيار آهن ته پوءِ فوري طور غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ سان گڏ سنڌ ۾ آباد ٿيل ڌارين جا نادرا پاران جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ رد  ڪرائي ۽ سنڌ جي سرحد وٽ وڏي چيڪ پوسٽ قائم ڪئي وڃي، خاص طور پنجاب سنڌ دنگ وٽ، جيڪي به ماڻهو به پنجاب مان سنڌ ۾ داخل ٿي رهيا آهن، انهن جو رڪارڊ رکيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ داخل ٿيندڙن کي خبر پئي ته هو ڪهڙي صوبي ۾ داخل ٿي رهيا آهن، هتي ته مختلف صوبن مان اچي ماڻهو ايئن گهمي رهيا آهن، جيئن هي صوبو هنن جي پيءُ جي ملڪيت هجي، جيڪڏهن سنڌ پنجاب بارڊر  بهترين چيڪ پوسٽ قائم ٿي ته دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اهي دهشتگردي ڪارروايون ڪندا آهن، جيڪي ٻين صوبن مان ايندا آهن.


No comments:

Post a Comment