Pages

Wednesday 21 October 2020

هاڻ ڇا ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  سويلين اداري جي سربراهه کي اغوا ڪرڻ واريون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مٿن ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ويو، ان حوالي سان ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪو به رد عمل سامهون نه آيو ۽ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئجي وئي، جنهن دوران هن واضح ڪيو ته حڪومت وڃي ته ڀلي وڃي پر  جبر برداشت نه ڪندا، بلاول ڀٽو جي پريس ڪانفرنس اڃا هلي ئي رهي هئي ته مٿان ڊي جي آءِ ايس آءِ پاران بيان جاري ڪيو ويو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آءِ جي سنڌ جي اغوا واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان حوالي سان ڪميٽي به جوڙي وئي آهي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جلد کان جلد معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فون تي رابطو  به ڪيو، جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري سندس ٿورا به مڃيا پر  افسوس  جو  آءِ جي سنڌ جي غوا واري معاملي تي  ٻه  سنڌ حڪومت پاران خاموشي اختيار ڪئي وئي، جڏهن سنڌ پوليس پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ موڪلين جي درخوست ڏني ته ان کانپوءِ  بلاول ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جو رد عمل سامهون آيو، سنڌ پوليس جي بهادر آفيسرن جي يڪجهتي واري عمل تي سنڌ جي عوام طرفان کين سلام پيش ڪيو ويو ۽ سوشل ميڊيا تي سنڌ پوليس کي عزت ڏيو وارا نعرا گردش ڪرڻ لڳا، اعليٰ آفيسرن جي موڪلن وارين درخواستن کانپوءِ ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين پوليس پيٽرولنگ گهٽجڻ جون خبرون به سامهون آيون، جڏهن رينجرز جي اختيارن وارين حدن بابت بحث شروع ٿيو ۽ اختيار واپس وٺڻ واريون افواهون هليون ته ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگرد سرگرم ٿي ويا، دهشتگردي ۽ ڦرن جون وارداتون وڌڻ لڳيون، ايتري قدر جو انساني جانيون به ضايع ٿيڻ لڳيون ۽  پوليس آفيسرن  موڪلن واريون درخواستون واپس ورتيون.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ امن امان واري صورتحال بحال ڪرائڻ ۾ سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جون وڏيون قربانيون آهن، ڪنهن به اداري ايتري قربانيون نه ڏنيون وينديون، جيتريون قربانيون سنڌپوليس جي آفيسرن ڏنيون آهن، جڏهن نفيس دهشتگرد  ڪراچي ۾ ڀتو وٺندا هئا ۽ پوليس اهلڪارن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪندا هئا ته ان وقت به بهادر سنڌ پوليس همت نه هاري ۽ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو پر اختيار گهٽ هئڻ سبب  نفيس دهشتگرد آزاد گهمندا رهيا ۽  روڊن تي لاش اڇلائيندا رهيا ڪڏهن پوليس   اهلڪارن کي رستي تي شهيد ڪندا رهيا ته ڪڏهن وري ٻوريون بند لاش  ڏئي حڪومتي رٽ کي چيلينج ڪندا رهندا،  جڏهن انهن دهشتگردن مقدس ادارن خلاف ڳالهائڻ  شروع ڪيو ته پوءِ  نواز ليگ جي  سربراهه ۽ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف ڪراچي ۾ آپريشن ڪرائي نفيس دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو، اڄ جڏهن  سنڌ جي آءِ جي کي کنڀي کڻي وڃڻ واريون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته دهشتگرد اڄ ٻيهر ٻرن مان ٻاهر نڪري آيا آهن ۽  سنڌ جي گادي واري شهر ۾ دهشتگرد ڪارروايون  ڪرڻ ۾ لڳي ويا آهن،  شهري هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن.  جيڪڏهن آرمي چيف جنرل قمر باجوه نوٽيس نه وٺي ها ته معاملو اڃا ويتر خراب ٿي وڃي ها، ڇاڪاڻ ته هي رڳو هڪ آءِ جي سنڌ جو مسئلو نه آهي پر هڪ اداري جي ساک ۽ بقا جو مسئلو آهي، جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه ۾ ڪا به صداقت آهي ته پوءِ ذميوارن کي سزا ضرور ملڻ گهرجي، جيڪڏهن اها خبر ڪوڙي آهي ته پوءِ  جعلي خبرون پکڙيندڙن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هونئن به بلاول ڀٽو زرداري  به سوال پڇيو آهي ته اهي ڪهڙا ماڻهو هئا، جيڪي آءِ جي سنڌ جي گهر ويا ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويا؟ آءِ جي واري معاملي تي سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ واريون به خبرون گردش ڪري رهيون هيون، جيڪڏهن گورنر راڄ لڳو ته ڇا هي حڪومت هلي سگهندي؟ بلڪل نه اڳ ئي سنڌ جي عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي، وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري پنهنجي ناپاڪ ارادن کي  وائکو ڪري ڇڏيو آهي، وڏا شهر اڏي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارين وفاقي حڪومت جي پاليسين تي سنڌ جو عوام هڪ آواز ٿي ويو آهي، اردو ڳالهائيندڙ سنڌي هجي يا وري سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي  هجي، سنڌ جو هر  جوڌو ، ٻيٽن تي قبضو نامنظور جا نعرا هڻي رهيوآهي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ڊي ايم جي پهرين جلسي ۾ نوازشريف تقرير ڪئي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ حالتون تبديل ٿيندي نظر اچي رهيون آهن ۽ پهرين ئي جلسي ۾ وزيراعظم عمران خان کي پاڻ ميدان ۾ لهڻو پيو ۽  اپوزيشن کي ڏاڙهي ڏئي ڌمڪي ڏيڻي پئي ته هو انهن کي ڏسي رهندو، ايتري قدر جو وزيراعظم عمران خان ميان محمد نوازشريف کي مخاطب ٿيندي چيوته هاڻ سندس پهرين ڪوشش کيس ڏيهه آڻڻ جي هوندي ۽ اهو به چيو ته هاڻ هو نوازشريف کي عام جيل ۾ وجهندو، کيس عام قيدي وانگر رکي ويندو، عمران خان نوازشريف کي ڌمڪي ڏيڻ  دوران اهو وساري ويٺو ته نوازشريف ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي، هو کيس عام جيل ۾ ڪيئن رکي سگهي ٿو، هن ته پرويز مشرف جي دور ۾ جيل جون سختيون سٺيون آهن  پر اڄ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري  حڪمرانن کان تنگ اچي چڪو آهي،  ڪروڙين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن،  صنعتون  بند ٿي ويون آهن، ملڪي معشيت مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي، ان وقت عوام اوهان جو ساٿ ڏيندو، اهو ممڪن نه  ٿو لڳي.

آءِ جي سنڌ واري معاملي کانپوءِ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جا سربراهه ئي جلسن ۾ شرڪت نه ڪن ته پوءِ اها تحريڪ ڪيئن ڪامياب ٿي  سگهندي؟ پي ڊي ايم   ۾ شامل سمورين جماعتن کي چڱي ريت خبر  هئي ته  جنهن جنگ جي شروعات  هو ڪرڻ وارا آهن،  اها تمام خطرناڪ آهي ته پوءِ  هاڻ ان تحريڪ کي اڌ ۾ ڇڏڻ ڇا هن ملڪ ۽ عوام جي لاءِ بهتر هوندو؟  نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ف پاران ڪوئيٽا واري جلسي جون تياريون جاري آهن ۽ پر ريلوي واري وزير شيخ رشيد ته اڳ ئي  ٻڌائي چڪو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا پکڙجي سگهجي ٿو، دهشتگردي ٿي سگهي ٿي، وڏيون گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون؟ جنهن تي پ پ اڳواڻ سعيد غني کيس عادل ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ کانئس پڇيو آهي ته اهڙا ڪهڙا ذريعا آهن جو شيخ رشيد کي اڳ ۾ ئي خبر پئجي وڃي ٿي؟ بهرحال شيخ رشيد کي  ريلوي وارو وزير نه پر دفاع وارو وزير مقرر ڪيو وڃي ها ته بهتر هو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو دفاع وارو وزير ته خاموش آهي پر ريلوي وارو وزير  پنهنجي کاتي بابت ڳالهائڻ بدران ملڪي صورتحال تي ڳالهائڻ کي وڌيڪ پسند ڪري رهيو آهي.

جيئن ته آءِ جي سنڌ وارو مامرو  نواز ليگ اڳواڻ رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري کان شروع ٿيو آهي ۽ صفدر تي ڪيس داخل ڪرائيندڙ پاڻ به روپوش ڏوهاري نڪتو آهي ته پوءِ  اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪو ماڻهو پاڻ روپوش هجي اهو ڪيئن ٻئي تي ڪيس داخل ڪرائي سگهي ٿو؟ ان معاملي جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، پر جڏهن به هن ملڪ ۾ ڪا ڪميٽي ٺهندي آهي ته معاملو جلد حل ٿيڻ بدران دير جو شڪار ٿي ويندو آهي. بهرحال اهو وقت ئي ٻڌائندو ته ڪير صحيح ۽ ڪير غلط آهي پر  ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو دهشتگردن جو سرگرم ٿيڻ مان لڳي ٿو ته نفيس دهشتگردن جو پٽو کوليو ويو آهي، هن وقت سنڌ پوليس ۾ بحران پيدا ڪري بدامني جي باهه پکيڙي جي سازش کي روڪڻ وفاقي حڪومت ۽ ملڪي سيڪيورٽي ادارن جو  فرض آهي، باقي رهي ڳالهه پي ڊي ايم جي جلسن جي ته عوام پنهنجو موقف سڄي دنيا آڏو رکي ڇڏيو آهي ته انهن کي ڇا گهرجي؟اپوزيشن جماعتن وٽ عوامي طاقت آهي ۽  اها ئي طاقت انهن جي ڪاميابي جو ڪارڻ بڻجندي، جيڪڏهن اهي پنهنجي بيان تي قائم رهيا ته، مهانگائي جو سٽيل عوام انهن ۾ نظرون لڳائي ويٺو آهي، ڪروڙين بيروزگار ٿي ويل ماڻهو به اپوزيشن جماعتن ۾ اميدون لڳايو ويٺا آهن ته کين  بيروزگاري ۽ بک بدحالي مان ڇٽڪارو ڏيارو وڃي.


No comments:

Post a Comment