Pages

Monday 19 October 2020

پي ڊي ايم جا جلسا۽ حڪومتي وائڙائپ

صاحب خان ڀٽي

هونئن ته سنڌ ۾ عام ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ واريون خبرون اسان ڪافي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون پر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  ٻڌو آهي ته آءِ جي سنڌ کي به کنڀي گم ڪيو ويو هو، اها دعويٰ پاڪستان جي ناليواري صحافي حامد مير پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي  ملڪ جي عوام کي ٻڌائي، سنڌ جي ناليوارن صحافين، اديبن ۽ دانشورن به آءِ جي سنڌ جي کڀجڻ واري واقعي جون پوسٽون رکيون، سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ماڻهو سوال اٿاري رهيا هئا ته ڇا هي سنڌ آهي يا فلسطين؟ جو آءِ جي کي به کنڀي گم ڪيو پيو وڃي پر حڪومت اهڙي خبر جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي پر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايترو ضرور ٻڌايو ته مٿن وڏو دٻاءُ وڌو ويو ته نوازليگ اڳواڻ ڪئپٽن (ر) صفدر کي  گرفتار ڪيو وڃي ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي نعرا هڻڻ واري عمل جي مذمت ڪئي وئي، پيپلزپارٽي اڳواڻن طرفان چيو ويو ته پوليس به سٺو نه ڪيو ۽ صفدر به مزار تي درست عمل نه ڪيو پر پيپلزپارٽي جي دعوت تي آيل صفدر جي گرفتاري سنڌ جي مهمانوازي جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي پاڻ ئي رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر کي دعوت ڏئي گهرايو ۽ پوءِ سندس ئي حڪومت ڪيس هڻي گرفتار ڪيو ويو.

جيئن ته پي ڊي ايم جي جلسي ۾ ماڻهن قيادت جي اميد کان به وڌيڪ شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ وفاقي حڪومت جي وزيرن جون ننڊون حرام ٿي ويون، ماڻهو انتظار ڪري رهيا هئا ته  گجرانوالا جيان ڪراچي ۾ به ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم ميان محمد نوازشريف، جنهن جي حڪومت ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردن جو خاتمو آيو، ڀتا خوري ۽ قتل عام جو سلسلو بند ٿيو، انهيءَ  اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءُ مريم نواز جو ڪراچي جي ماڻهن ڀرپور استقبال ڪيو، هي جلسو 18 آڪٽوبر جي شهيدن جي حوالي سان هو پر ڪراچي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ٻين  نواز ليگ اڳواڻن جو تصويرون پييپلزپارٽي طرفان لڳرايون ويون ۽ ڪراچي جا شهري ان ڪري به خوش هئا جو هي اها واحد پارٽي هئي، جنهن ڪراچي مان ڀتا مافيا ۽ خطرناڪ دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو هو، پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ، مطلب ٻئي پارٽيون اڄ ڪراچي ۾ جلسا ڪري رهيون آهن ته اهو به نوازشريف جي ڪامياب پاليسين جو نتيجو آهن، نه ته اهي دهشتگرد ڪراچي ۾ ڪنهن به شهري کي سک جو ساهه ڏسڻ نه ڏيندا هئا.

بهرحال ڪراچي ۾ امن قائم ڪرائڻ جو ڪريڊٽ ميان محمد نوازشريف ڏانهن ئي وڃي هو، هن بهادري سان دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرائي دهشتگردن کي انجام تائين  پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، اڄ به عوام سندس جلسن ۾ سمنڊ جيان اٿلي پئي ٿو، هي  پهريون ڀيرو نه آهي جو سياسي جماعتون حقيقي جمهوريت لاءِ گڏ ٿيون آهن، محترمه شهيد بينظير ڀٽو به جمهوريت لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ۽ اڄ اهو ڪم جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪري رهيو آهي، مولانا  جي ڪامياب ڪوششن سان ئي اڄ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ  سميت ٻيون پارٽيون حقيقي جمهوريت لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون آهن، گجرانوالا جي ڪامياب جلسي کان پوءِ  وفاقي حڪومت  جي وزيرن  ۽ مشيرن جي لهجي ۾ تبديلي اچي وئي آهي، پر هن ڀيري هو  غداري جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ به چاهين ته به نه ٿا ڏئي سگهن، ڇاڪاڻ ته 11 پارٽين جي سربراهن کي غدار قرار ڏيڻ مطلب 22 ڪروڙ عوام کي غدار چوڻ برابر آهي، ڇاڪاڻ ته هي پارٽيون عوام جو آواز بڻيل آهن ۽ ملڪ  جي عوام جون نظرون به انهن سمورين پارٽين تي آهن، مهانگائي، بيروزگار ۽ بک بدحال جو شڪار عوام هاڻ تبديلي ڏسڻ چاهي ٿو، عوام رڙيون ڪري چئي رهيو آهي ته جڏهن انهن چورن جي حڪومت هئي ته انهن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ويلن جي ماني ته ملندي هئي پر جڏهن کان سرٽيفڪيٽ يافته صادق ۽ امين آهن، سندن جيئڻ جنجال بڻي ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن نئين پاڪستان ۾ صنعتون بند ٿي ويون آهن، ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو آهي، غريب عوام سان گڏ ڪاروباري طبقو به پريشان آهن، جنهن فيڪٽري ۾ هزارين ماڻهو ڪم ڪندا هئا، اتي اڄ سون جي تعداد ۾ پورهيت ڪم ڪري رهياآهن، ڪجهه فيڪٽريون ته بند ٿي ويون آهن، ڪيترائي سرڪاري ادارا خانگائي ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، جنهن سبب عوام ۾ڪاوڙ  جي لهر ضرور آهي.

ٻڌو  آهي ته پي ڊي ايم جي ڪراچي واري جلسي گجرانوالا واري جلسي جا به ر ڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهن جو اندازو اسان وزيراعظم پاڪستان عمران خان جي تقريرن مان لڳائي سگهون ٿا، هو اپوزيشن کي للڪاري رهيو آهي ته سڀني کي ڏسي رهندو، ڇا؟ عمران خان اڳ اپوزيشن کي نه ڏٺو هو جو هاڻ ڌمڪي ڏئي چئي رهيو آهي ته ڏسي رهندو؟ شايد  وزيراعظم عمران خان کي خبر نه آهي ته هي اهي ئي اپوزيشن جماعتون آهن، جن مارشل لا دور ۾ ڪوڙا کاڌا آهن، شهادتون ڏنيون آهن، بينظير ڀٽو به جمهوريت جي خاطر شهادت ڏني، ڇا  حڪمران جماعت اهڙين جماعتن جو مقابلو ڪري سگهندي؟ اسان ته اهو به ٻڌو آهي ته ميان محمد نواز شريف  کي پي ڊي ايم جي ڪراچي واري جلسي کي به خطاب ڪرڻو هو پر  اهو ملتوي ڪيو ويو، جڏهن مريم نواز اسٽيج تي پهتي ته ڪراچي جا شهري جيڪي دهشتگردن، ڀتا خورن جا سٽيل هئا، انهن  سندس لاءِ وڏا نعرا به هنيا، مريم نواز پنهنجي جلسي ۾  چيو ته نواز ليگ ملڪ جي وڏي پارٽي آهي، جنهن تي پابندي لڳائڻ جو سوچجو به نه؟ ان جا نتيجا خراب نڪرندا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي پهريون ڀيرو آهي جو  حڪمران جماعت جي وائڙائپ سامهون اچي رهي آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ميڊيا کي اهڙي ريت ڪنٽرول نه ڪيو وڃي ها، جيئن اڄ ڪلهه ڪيو پيو وڃي، ملڪ جي وڏي ٽي وي چينل جو صحافي حامد مير پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي خبر ڏئي ٿو ته آءِ جي سنڌ کنڀجي ويو آهي پر هو اها خبر  ان اداري ۾ نه ٿو هلرائي سگهي، جنهن ۾ هو ڪافي عرصي کان پنهنجون صحافتي ذميواريون نڀائي رهيو آهي. ايتري قدر  جو سنڌ حڪومت به ان عمل تي خاموش رهي، جيڪڏهن ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر قائداعظم جي مزار تي نعرا هڻي غلط ڪيو هو ته پوءِ مزار جي ٻاهران اندر اڳ ڇا ٿيندو هو، ان بابت خانگي ٽي وي  چينل پنهنجون رپورٽون ڏيکاري چڪا آهن، جيڪڏهن مزار جي مئنجمينٽ کي ان وقت اهڙي ڪڌي ڪم تي گرفتار ڪيو وڃي ها ته ڇا ٿي پئي ها، پر افسوس ان وقت توهين ڪندڙن خلاف ڪا به اثرائتي ڪارروائي نه ڪئي وئي. ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر ۽ مريم نواز ته پنهنجي ڪارڪنن سان گڏ قائداعظم وٽ دانهن کڻي آيا هئا ته ووٽ کي عزت نه ٿي ملي، نواز ليگ قيادت ته قائداعظم محمد علي جناح وٽ فرياد کڻي آيا هئا ته محب وطن ماڻهن کي غداري جا لقب ڏنا پيا وڃن، هو ته اها به دانهن کڻي آيا هئا ته  اوهان واعدو ڪيو هو ته ملڪ ۾ جمهوريت قائم رهندي ۽ هر هڪ ماڻهن کي پنهنجو حق ملندو، ڇا ملڪ جي باني وٽ دانهن کڻي اچڻ ڪو ڏوهه آهي يا وري مزار جي مئنجيمنٽ جيڪو ڪم ڪيو اهو بهتر آهي؟

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ڊي ايم جي جلسي حڪمرانن جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن، انهن جون ننڊون به شايد حرام ٿي ويون آهن، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اڄ عمران خان ٿورو مختلف نظر نه اچي ها، اها ته سڀني کي خبر هئي ته ميان محمد نوازشريف سڀني کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپو ءِ اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ضروري ٿيندي ۽ اسان انتظار ڪري رهيا هئاسين ته ڪا وڏي گرفتاري ۽ وڏا وڏا ڪيس سامهون ايندا پر حڪومت گرفتاري وارو عمل شروع ڪيو به ان شخص کان جنهن پنهنجي ملڪ لاءِ سرحد جي حفاظت ڪئي، فوج ۾ پنهنجون ذميواريون نڀايون، ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کان گرفتاري وارو عمل ته شروع ٿي چڪو آهي پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ٻي واري ڪهڙي ليڊر جي اچي ٿي، ڇا مريم نواز ، بلاول ڀٽو زرداري ۽  مولانا فضل الرحمان خلاف به ڪارروائي ٿيندي ؟ يا وري پي ڊي ايم جي حقيقي جمهوريت لاءِ شروع ڪيل جدوجهد جاري رهندي، هاڻ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته تمام جلد ملڪ ۾ هڪ انقلاب اچڻ وارو آهي


No comments:

Post a Comment