Pages

Wednesday 28 October 2020

گستاخ فرانس خلاف مسلمانن جو رد عمل

صاحب خان ڀٽي

آمريڪا ۽ چين پاڻ کي دنيا ۾ سپر پاور ملڪ مڃرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، ٻئي ملڪ هڪٻئي جو سامهون آهن پر چين اقتصادي طور آمريڪا کان وڌيڪ مضبوط ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، آمريڪي شهرين جا بينڪ اڪائونٽ چين جي بينڪن ۾ به هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، برطانيا ۽ فرانس سميت ڪيترن ئي غير  مسلم ملڪن جون نظرون مسلمان ملڪن مان نڪرندڙ تيل ۽  ٻين معدني وسيلن تي آهن، مصر، عراق، شام ۽ افغانستان ۾ ٿيل تباهي به وسيلن تي قابض ٿيڻ جي  هڪ ڪڙي آهي، جنهن سبب اهي سمورا غير مسلم ملڪ مذهب جي غلط تشريح ڪري دنيا ۾ مسلمانن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، سڄي دنيا کي خبر آهي ته  دهشتگرد ڪنهن تيار ڪيا ۽ انهن کي وري ڪيئن آمريڪالاءِ خطرو قرار ڏئي ختم ڪيو ويو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته افغانستان، مصر، عراق ۾ ٿيل تباهي پٺيان به سپر  پاور ملڪ آهي،  انهيءَ تباهي ۾ لکين  بي گناهه ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، افغانستان ۾ به آمريڪي فوج ۽  طالبان وچ ۾ مقابلو هلي رهيو آهي،جنهن ۾ طالبان ۽ آمريڪا کي ڪو خاص نقصان ٿيو آهي،  رڳو غريب ماڻهو  ئي مري رهيا آهن، بي گهر به ٿيا آهن ته رڳو غريب عوام ئي ٿيو آهي، ڪڏهن آمريڪي فوج جي بمباري ۾ غريب ماڻهو وري ويندا آهن ته ڪڏهن وري دهشتگردن جو نشانو بڻجي ويندا آهن، فلسطين ۾ وري اسرائيل ظلم ڪري رهيو آهي، پر ان باوجود مسلمان ملڪ هڪ نه ٿيا پر هاڻ ڳالهه وڌندي پئي وڃي، غير مسلم ملڪ پيغمبرن جا گستاخ خاڪا جاري ڪري مسلمان کي جنگ ڪرڻ جي دعوت ڏئي رهيا آهن،  جنهن جي شروعات  ڊينمارڪ ٿي وئي هئي پر هاڻ فرانس ان کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. پاڻ کي سيڪولر سڏرائيندڙ فرانس جنهن باهه کي ٻاري رهيوآهي، اها سندس لاءِ وڏي خطرناڪ ثابت ٿيندي، فرانس کي مسلمانن جي جذبن سان کيڏڻ نه گهرجي ها. 

ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته فرانس جي گادي واري شهر  پيرس ۾ هڪ استاد شاگردن کي گستاخ خاڪا ڏيکاريا هئا، جنهن کانپوءِ هڪ شخص انهيءَ استاد کي قتل ڪري ڇڏيو، فرانسيسي صدر ايمنوئل ميڪخوان  به واقعي هنڌ جو دورو ڪيو، جنهن کانپوءِ مسلمانن خلاف هڪ وڏو آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، فرانسيسي صدر اسلام مخالف بيان ڏيندي چيو ته ڪجهه به ٿي پئي پر هو ڪارٽون ٺاهڻ وارو سلسلو بند نه ڪندا، سوشل ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ته  پيغمبرن جي گستاخي ڪندڙ استاد جي قتل کانپوءِ فرانسيسي حڪومت مسلمانن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، اتي ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، فرانسيسي صدر استاد جي قتل جي واقعي جو نوٽيس ته ورتو پر ان جو نوٽيس نه ورتو ته آخر گستاخ خاڪا  ڇو ۽ ڇا لاءِ ٺاهيا پيا وڃن ۽ ڇو  ڏيکاريا پيا وڃن؟، اهڙي واقعي کانپوءِ فرانسيسي حڪومت 120 هنڌن جي تلاشي وٺڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جتي به مسلمان رهندا آهن، انهن علائقن جي سختي سان نگراني ڪئي ويندي، ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته فرانس ۾ 2022ع ۾ صدارتي چونڊون ٿيڻ واريون آهن، جنهن سبب ايمينوئيل مذهب جي اوٽ وٺي ماڻهن کي وڌيڪ ڀڙڪائي رهيو آهي، ته جيئن پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃي.

آمريڪا ۾ به صدارتي اليڪشن ٿيڻ وڃڻ واريون آهن، جنهن جا دنيا تي به اثر پوندا، ظاهر ڳالهه آهي، جڏهن به آمريڪا ۾ چونڊون ٿينديون آهن ته مسلمان ملڪن لاءِ هڪ نئين آفت ضرور ايندي آهي، ڪڏهن مصر، ڪڏهن عراق ته ڪڏهن ڪري وري افغانستان جهڙن ملڪن تي ٿيل ڪارروايون اسان ڏسي چڪا آهيون، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪي اليڪشن کانپوءِ ڪهڙي مسلمان ملڪ جو وارو اچي ٿو، اهو ممڪن ئي نه آهي ته ڪنهن ملڪ خلاف ڪارروائي نه ٿئي يا وري مذهبي دهشتگردي جو جواز بڻائي ڪارروائي ڪئي وڃي، هونئن به آمريڪا عرب ملڪن تي ڏينهون ڏينهن اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو دٻاءُ وڌائي رهيو آهي ۽  ڪجهه عرب ملڪن اسرائيل کي تسليم ڪري دوستي جو هٿ به وڌائي ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال دوران فرانس ۾ اسلامي فوبيا پکڙجڻ سان آمريڪا پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي ويندو، هن وقت آمريڪا جو دٻاءُ سعودي عرب تي آهي، پوءِ  ٻين جو وارو به ايندو، پر پاڪستان ۾ حالتون ٿورو مختلف آهن، جتي حڪمران چاهين به ايئن نه ٿا ڪري سگهن. آمريڪا جي ڪوشش هوندي ته فرانس کي مسلمانن خلاف وڌيڪ ڪارروائن لاءِ ڀڙڪائي ته جيئن هو عرب ملڪن تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو دٻاءُ  وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي، اهڙي ڳمڀير  صورتحال ۾ صرف هڪ ئي ملڪ اهڙو آهي جو آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي هر وقت جواب ڏيڻ لاءِ تيار هوندو، ترڪ صدر رجب طيب اردگان فرانسيسي صدر جي اهڙي عمل کي مسلمانن خلاف سازش قرار ڏنو آهي ۽ دنيا جي مسلمان ملڪن کي فرانسيسي شين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، ڪجهه عرب ملڪن ۾ فرانسيسي شين جو بائيڪاٽ ٿي چڪو آهي،  ڪويت ۾ فرانسيسي پراڊڪٽس کي اسٽور تان هٽايو ويو. فرانسيسي صدر توهين جوڳي ۽ مسلمان مخالف قدمن، کان پوءِ اسلامي دنيا طرفان سخت رد عمل سامهون اچي ويو آهي. پر ان باوجود  فرانسيسي صدر مسلمان ملڪن کان معافي ناهي گهر نه ئي پنهنجو بيان واپس ورتو آهي.

جيئن ته فرانس ۾ گستاخ خاڪن کان پوءِ سڄي دنيا جا مسلمان هڪ آواز ٿي ويا آهن پر سعودي عرب هيل تائين ڪنهن وڏي احتجاج جي خبر ناهي پهتي، رڳو ترڪي، بنگلاديشن، عراق، مصر، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ فرانس خلاف احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بنگلاديش ۾ لکين ماڻهو فرانسيسي صدر جا پتلا ٺاهي انهن کي باهيون ڏئي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن، پاڪستان رڳو  فرانيسي سفير کي سڏائي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي پر اسان جي  حڪمرانن کي هن حساس معاملي تي رڳو احتجاج نه پر فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏيڻ گهرجي ها پر افسوس جو اسان جي حڪمرانن ايئن نه ڪيو، ايران، قطر، او آو آءِ سي ۽ عرب ملڪن جي تعاون ڪائونسل طرفان به سخت مذمتي بيان جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسلامي دنيا ۾ فرنچ شين جو بائيڪاٽ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته غير مسلم ترقي يافته ملڪ اڄڪلهه مسلمانن خلاف مهم هلائي رهيا آهن، جيڪي ڏينهن رات مسلمانن خلاف سازشن ۾ رڌل آهن، ڳرا هٿيار به رڳو مسلمان ملڪن تي ئي استعمال ڪيا پيا وڃن، عراق ۾ ڪهڙي طرح غير مسلم ملڪن تباهي آندي، مصر  ۽ شام ۾ ڪيئن معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪيو ويو، اها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل نه آهي، هاڻ  وري ڊنمارڪ کانپوءِ فرانس ۾ پيغمبرن جا گستاخ خاڪا ڇاپي مسلمانن  خلاف  ويڙهه جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان سان دنيا ۾ امن ڪامياب ٿئي يا نه ٿئي ؟ پر ايترو ضرور چوندس ته فتح مسلمانن  جي ٿيندي، غيرتمند مسلمان ڪڏهن  به پنهنجي پيغمبرن جي گستاخي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ترڪ صدر رجب طيب اردگان به چيو آهي ته مسلمانن خلاف مهم  هلي رهي آهي، جيڪا ٻي جنگ عظيم ۾ يهودين خلاف هلائي وئي هئي، جيئن ته هن وقت سڄي دنيا جا مسلمان هڪ آواز ٿي ويا آهن، انهن ملڪن جا حڪمران به گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، کين احتجاج ڪرڻو پئجي رهيو آهي، نه ته  رڳو  ترڪي ئي واحد ملڪ  هو، جنهن سڀ کان پهرين اهڙي ڪڌي عمل جي مذمت ڪئي ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ مسلمان ملڪن ۾ فرانس خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع ٿيو، هن وقت گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ غير مسلم ملڪن کي پيغمبرن جي گستاخي کان روڪڻ ۽ انهن کي سزائون ڏيڻ لاءِ ڪو قانون جوڙڻو پوندو، ٻي صورت ۾ مسلمان ته روڊن ۾ هوندا پر غير مسلم ملڪ به سک جو ساهه کڻي نه سگهندا. مسلمان ملڪن جي حڪمرانن کي به گهرجي عوام کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي اپيل کان اڳ هو پاڻ فرانسيسي سفيرن کي پنهنجن ملڪن مان نيڪالي ڏين ۽ فرانس جي سمورين شين تي پابندي لڳائن، جنهن سان اقتصادي  طور به فرانس کي نقصان رسندو ۽  اهڙو ڪڌو عمل ٻيهر نه ڪندا، ايتري قدر جو فرانسيسي شهرين تي به پابندي لڳائي وڃي، جيستائين ڪو اهڙو قانون نه ٿو ٺاهيو وڃي، جنهن سان گستاخ خاڪا ٺاهيندڙ کي سزائون ملن.جيڪڏهن فرانس جي حڪومت اهڙن جاهلن کي اجازت ڏيندي رهندي ته مسلمان به پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندا رهندا.


No comments:

Post a Comment