Pages

Thursday 1 April 2021

تيزي سان وڌندڙ مهانگائي، ذميوار ڪير آهي؟

صاحب خان ڀٽي

تبديلي سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي ايئن وڌي رهي آهي، جيئن ملڪ ۾ گرمي پد وڌي رهيو آهي، گرمي جي سٽ ته ماڻهو برداشت ڪري ويندا پر مهانگائي جي سٽ برداشت ڪري سگهندا يا نه،  ان بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهي، جنهن ڏينهن کان تبديلي پسندن ملڪ جون واڳون سنڀاليون آهن، ان ڏينهن کان ڪڏهن پيٽرول مهانگو ته ڪڏهن گئس مهانگي ڪئي وڃي ٿي، روز ڪا نه ڪا شئي مهانگي ڪري عوام تي بار وڌايو پيو وڃي، مزدور جي ڏهاڙي ساڳي آهي،  ادارا تباهه ٿي رهيا آهن پر حڪومت آءِ ايم ايف آڏو گوڏا کوڙي مهانگائي کي وڌائڻ ۾ سڀ کان اڳ ڀرو آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به اهڙي مهانگائي نه  ٿي هوندي، جيڪا موجوده حڪومت ٿي آهي، مٿان وري عالمي وبا ڪورونا غريب توڙي امير کي لوڏي ڇڏيو آهي، صنعت ڪار به پريشان آهن ته دڪاندار به پريشان آهن، روزگار نه هجڻ جي ڪري ماڻهن خريداري به ڇڏي ڏني آهي رڳو کائڻ پيئڻ واريون شيون ماڻهو جيئڻ لاءِ خريد ڪري رهيا آهن، ڪاروبار مڪمل طور ٺپ ٿي ويو آهي پر ان باوجود موجوده حڪومت راڳ الاپي رهي آهي ته ملڪ ترقي جي راهن تي هلي رهيو آهي.

هي واحد حڪومت آهي، جنهن  ۾ اٽو 80 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، بجلي به روز مهانگي ڪئي وڃي ٿي، گئس جا اگهه ماضي ۾ ڪڏهن به نه وڌايا ويا، هن وقت گئس جا اگهه ٻيڻ ٽيڻ تي وڌايا ويا آهن پر تبديلي پسند حڪومت چئي رهي آهي ته اوهان کي گهٻرائڻو نه آهي،سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته حڪومت ڪرپشن ڪندڙن کي روئاري رهي آهي يا وري غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسي رهي آهي، ڪڏهن اٽو مهانگو، ڪڏهن کنڊ مهانگي، ڪڏهن بجلي مهانگي ڪئي وڃي ٿي، آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ آخر غريب عوام کي ڪڏهن رليف فراهم ڪيو ويندو، اپوزيشن چئي رهي آهي ته هي سليڪٽڊ حڪومت آهي ته پوءِ مخالف ڌر اڳواڻ عوام کي رليف فراهم ڪرائڻ بدران هڪٻئي سان ڇڪتاڻ ڇو وڌائي رهيا آهن، پي ڊي ايم وارو شو ته ختم ٿي ويو، هاڻ مهانگائي سٽيل عوام جو آواز ايوانن تائين ڪير پهچائيندو، آخر ڇو مخالف ڌر مهانگائي جي خاتمي لاءِ تحريڪ نه ٿي هلائي؟ موجوده حڪومت جي فيصلن آڏو مخالف ڌر جماعت خاموش ڇو بڻيل آهي،  جڏهن پيٽرول، گئس، بجلي، دوائن ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌايا وڃن ٿا ته ان وقت مخالف ڌر اڳواڻ خاموش رهن ٿا، انهن سوالن جو جواب ته مخالف ڌر ئي ڏئي سگهي ٿي پر سڄي صورتحال مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڪرپشن ڪندڙ ته سڪون سان ويٺا آهن ۽ غريب عوام مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪڏهن تبديلي سرڪار ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿي وڃي ٿو ته ڪڏهن وري کنڊ جو بحران ڪيو وڃي ٿو ۽ حڪمران خاموش آهن، اپوزيشن هجي يا حڪومت ڪو به اهو ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي ته آخر اهڙا بحران پيدا ڪندڙ ڪير آهن؟ ڇا اٽي ۽ کنڊ جو بحران ڪندڙ رياست کان ڏاڍا آهن يا وري رياست ادارا  ملڪ جي عوام کي اونداهي  جي دور ۾ ڌڪيندڙن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، ڪجهه ته ٻڌايو وڃي، کنڊ بحران جو ته ڪجهه ماڻهن کي ذميوار  قرار ڏنو ويو آهي پر هيل تائين انهن تائين ڪا خاص ڪارروائي نه ٿي سگهي، هوڏانهن نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته اٽي ۽ کنڊ اسڪينڊل کي انجام تي پهچائينداسين، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر ڪڏهن اهي ماڻهو قانون  جي ڪٽهڙي ۾ ايندا يا وري ڪرپشن ڪندڙ وزيرن جيان آزاد هوندا. هن وقت کنڊ کان ويندي هر شئي مهانگي آهي، ڀاڄين جا اگهه به چوٽ چڙهيل آهن۽  ملڪ جا آبادگار بدحالي جو شڪار آهن، پر حڪومت ڪورنا سٽيل عوام کي رليف فراهم ڪرڻ بدران مهانگائي ڪئي پئي وڃي.

جيئن جيئن ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي، لڳي ٿو ته تمام جلد ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو، عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيڻ معمولي ڳالهه نه آهي، غريب عوام تي جيڪو بار وڌو پيو وڃي، ان جا ڪي به هاڪاري نتيجا نه ايندا، اپوزيشن به اهڙي حساس معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون آهن، هڪ پيپلزپارٽي ۽ ٻي مسلم ليگ ن، هڪ تي ڪيس هلي رهيا آهن ته ٻي جي سنڌ ۾ حڪومت آهي، ظاهر ڳالهه آهي، مهانگائي جي خاتمي لاءِ تحريڪ هلائڻ انهن لاءِ ناممڪن آهي، مسلم ليگ ن پنهنجن ڪيسن کي منهن ڏئي رهي  آهي ته پيپلزپارٽي حڪومت ڪري رهي آهي، هاڻ ڪا ٽين ئي پارٽي چاهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي خاتمي ۽ حڪومت جي عوام دشمن فيصلن خلاف احتجاج ڪري سگهي ٿي، هن وقت ملڪ ۾ سياسي قيادت نه هئڻ برابر نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته ڪا نه ڪا پارٽي مهانگائي جي خاتمي ۽ حڪمرانن پاران روز نوان نوازن ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌائڻ وارن فيصلن خلاف تحريڪ هلائي ها پر لڳي ٿو ته هي ملڪ جي واحد حڪومت آهي، جنهن کي فرينڊلي اپوزيشن ملي آهي، ايوانن ۾ جيڪي به بل پيش ڪيا وڃن ٿا، اهي پاس ٿي وڃن ٿا ۽ مخالف ڌر اڳواڻ رڳو بيان ڏيڻ ۾ پورا آهن، جڏهن ايوانن ۾ ووٽنگ ٿئي ٿي ته سندن ميمبر به حڪومتي قدمن جي حق ۾ ووٽ ڏئي ڇڏين ٿا، ان کي فرينڊلي اپوزيشن نه چئجي ته پوءِ آخر ڇا چئجي.

هن وقت اٽو، کنڊ، گيهه، چانور ۽ ٻيون عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن، حڪومت  يوٽيلٽي اسٽور به اهڙن علائقن ۾ کوليا آهن، جتي امير طبقو رهي ٿو، جتي غريب ماڻهورهن ٿا، اتي اٽي ۾ لوڻ برابر يوٽيلٽي اسٽور آهن،جيڪڏهن ڪنهن غريب آبادي واري علائقي ۾ ڪو يوٽيلٽي اسٽور آهي به ته اتان جو عملو يوٽيلٽي اسٽور خالي ڪرائي ڇڏي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته سڀ ڪجهه وڪرو ٿي ويو، ايئن ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته عوام سمورو سامان خريد ڪري وڃي، سستي اگهه جي اميد ڪري ماڻهو يوٽيلٽي اسٽورن تي وڃن ٿا ته کين لائينز ۾ بيهڻو پوي ٿو جڏهن واري اچي ٿي ته چيو وڃي ٿو ته کند ختم ٿي وئي آهي، ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته اٽو ڪونهي ۽ جتي ڪو غريب نه  ٿو رهي اتي وري يوٽيلٽي اسٽور ڀريا پيا  آهن، اتي هر سامان موجود آهي، مطلب ته هن ملڪ ۾ غريبن کي رليف ملڻ تمام گهڻو مشڪل آهي،  پنج سئو روپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙ 80 روپين جو ڪلو اٽو وٺندو يا وري 320 روپين جو ڪلو گيهه، يا وري ڪو ٻيو سامان،  آخر حڪمرانن  کي ڪڏهن غريب عوام جو احساس ٿيندو، وزيراعظم ڪرپشن ڪندڙن کي ته روئاري نه سگهيو پر غريب عوام جون مهانگائي جي ڪري غريب عوام جون رڙيون نڪري ويون آهن ۽ ڪرپشن ڪندڙن جي چهرن تي مسڪراهٽ آهي ۽ غريب عوام جن جو ڪو ڏوهه به نه آهي، اهي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پسجي رهيا آهن. حڪومت کي گهرجي ته  رمضان کان اڳ عوام کي رليف ڪري نه ته نفعي خور به ان جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ هر شئي مهانگي ڪري ڇڏيندا، جيئن حڪومت   ڏينهون ڏينهون  بجلي، گئس، کنڊ ۽ اٽي جا اگهه وڌائي رهي آهي. گهٽ ۾ گهٽ عام واهپي جون شيون سستيون ڪري غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

No comments:

Post a Comment