Pages

Tuesday, 1 November 2016

يمن ۾ سعودي اتحادي فوجين جون قهري ڪارروايون

صاحب خان ڀٽي
دنيا اندر ڪيترائي اهڙا اسلامي ملڪ آهن جيڪي اڄ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جتي اڄ به معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪٿي عام شهري دهشتگردن هٿان مارجي رهيا آهن ته ڪٿي وري دهشتگردن جي آڙ ۾ دنيا ۾ امن قائم ڪرائيندڙ ٺيڪدار انهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو شام ۽ عراق ۾ حالتون انتهائي خراب آهن ۽ يمن جون به حالتون ڪي بهتر نه آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ به يمن ۾ گهرو ويڙهه سبب ڪيترائي خاندان اجڙي ويا آهن، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سعودي عرب ۽ سندس اتحادي ملڪ ۾ يمن ۾ هوائي حملا ڪري رهيا آهن ۽ انهن هوائي حملن ۾ عام شهري به مارجي ويا آهن پر افسوس جو يمن جي شهرين جون هن وقت تائين ڪنهن به دانهون نه ٻڌيون آهن، ان جي ڪري يمن ۾ امن قائم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي. هر طرف ڪڏهن دهشتگرد قهري ڪاررواين ۾ ماڻهن کان حياتيون کسي رهيا آهن ته ڪڏهن آهي سيڪيورٽي ادارن جو نشانو بڻجي رهيا آهن، ڏٺو وڃي ته ٻنهي طرفن کان صرف عوام ئي پسجي رهيو آهي.
 جڏهن حوثي باغين يمن جي گادي واري شهر صنعاءَ ۾ پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪيو ته ان وقت يمن جون حالتون تمام گهڻو خراب ٿي ويون هيون، 2015 ع ۾ جڏهن ٻيهر يمن اندر گهرو ويڙهه شروع ٿي ته ان وقت سعودي عرب سميت سندس اتحادين کي ڳڻتي ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن کي حوثي باغين کان تمام گهڻو خطرو هو جنهن سبب انهن ملڪن حوثي باغين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو هو،حوثي باغين 21 مارچ تي صنعاءَ جو مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو هو، پر جڏهن حوثي باغي عدن طرف وڌڻ لڳا هئا ته ان وقت سعودي حڪومت گڏيل قومن جي سهڪار سان حوثي باغين خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو هو، جنهن دوران ڪيترائي هوائي حملا به ڪيا ويا، گڏيل قومن طرفان به يمن ۾ هوائي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ اکر پڌرو ڪيو ويو هو، مارچ 2015 کان آگسٽ 2016 تائين سعودي ۽ سندس اتحادي فوجين جي حملن ۾ يمن 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، جنهن ۾ 3800 کان وڌيڪ عام شهري به شامل هئا. جن ۾ هن وقت واڌ به ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ به سعودي عرب ۽ سندس اتحادين يمن ۾ هوائي حملا ڪيا هئا، جنهن بابت به اهو ئي ٻڌايو پيو وڃي ته ان حملي ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به مارجي ويا هئا.
 سعودي عرب يمن ۾ هوائي حملا بند ڪرڻ وارو سلسلو هن وقت تائين بند نه ڪيو آهي.5 سيپٽمبر 2015 ۾ يمن جي گادي واري شهر  صنعا ۾ هٿيارن ڊپو ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ گڏيل رب امارتن ۽ بحرين جا 50 فوجي مارجي ويا، جنهن جي حوثي باغين ذميواري قبول ڪئي هئي. 6 اپريل 2015 يمن جي شهر مڪلا ۾  چڪرين دوران 14 ڄڻا مارجي ويا هئا. 8 اپريل 2015 ۾ جڏهن باغين ۽ سعودي عرب جي اتحادي فوجن وچ ۾ چڪريون ٿيون هيون ته ان وقت به 100 کان وڌيڪ باغين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، سعودي اتحادي فوج الاتاد ايئربيس ۽ ملٽري ڪئمپ تي به بمباري ڪئي هئي جنهن ۾ 10 باغي مارجي ويا هئا. 14 اپريل 2015ع ۾ سعودي اتحادي فوج يمن جي گادي واري شهر صنعاءَ ۽ عدن ۾ حوثي باغين جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي هئي، اتحادي فوج جي ان بمباري ۾ به ڪيترائي عام شهري به مارجي ويا هئا. 25 اپريل 2016ع ۾ يمن ۾ عرب اتحادي فوجن القاعده خلاف وڏي پيماني تي گڏيل فوجي آپريشن شروع ڪيو هو، جنهن ۾ يمني فوج کانسواءِ سعودي عرب ۽ امارات جون اسپيشل فورسز حصو ورتو هو، جنهن بابت ٻڌايو ويو هو ته آپريشن ۾ 800 کان وڌيڪ ويڙهاڪ ماريا ويا هئا. جڏهن به ڪيترن ئي جي فرار ٿي وڃڻ جي به تصديق ڪئي وئي هئي، هونءَ ته  يمن ۾ سعودي ۽ سندس اتحادي ڪارروايون ڪندا رهندا آهن پر ڪجهه   ڏينهن صنعا ۾ اتحادي فوج جنازي ۾ شريڪ ماڻهن تي هوائي حملو به ڪيو هو جنهن ۾ ڪيترائي  معصوم شهري مارجي ويا هئا، جن ۾ ٻارڙا به شامل هئا. ٻي طرف عرب ميڊيا  طرفان اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته  ان اتحادي فوج جو ڪو به ڪردار نه هو، جڏهن ته سعودي عرب طرفان اهو بيان ڏنو ويو هو ته هنن ڪنهن به اهڙي هنڌ کي نشانو ناهي بڻايو جنهن سان عام شهري کي نقصان پهتو هجي پر ان سان گڏ گڏيل قومن يمن ۾ جنازي نماز ۾ شريڪ ماڻهن مٿان هوائي حملي ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت به ڪئي هئي .
گڏيل قومن طرفان رپورٽ به جاري ڪئي وئي  هئي پر سعودي عرب ان کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو، هونءَ ته ٻين اسلامي ملڪن جي خراب حالتن جو ذميوار آمريڪا کي تصور ڪيو ويندو هو پر  افسوس يمن ۽ لبيا ۾ حالتون خراب ٿيڻ جو ذميوار صرف عرب ملڪن کي قرار ڏنو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب ايران سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي هيٺائين ڏيکارڻ لاءِ انهن خلاف سازشون ڪندو رهيو آهي، جنهن جو مثال يمن مان به ملي سگهجي ٿو. ڪجهه عرصو اڳ سعودي عرب ايران سان به پنهنجا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي بهرحال اهو ته سعودي عرب ڄاڻي ۽ سندس اتحادي پر هتي ڳالهه هلي رهي آهي يمن جي ته يمن ۾ هن وقت به انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي جنهن کي روڪرائڻ لاءِ صرف بيانن مان ڪم ورتو پيو وڃي، جيڪو بهتر عمل نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان لبيا ۾ اڃا وڌيڪ  انساني حياتيون ضايع ٿينديون ۽ ان جو ذميوار به اهي ئي ڌريون هونديون جيڪي هن وقت يمن ۾ ڪارروايون ڪري رهيون آهن. هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو يمن ۾ عام ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو هجي، ماضي ۾ به اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا آهن پر ان ۾ ايتري تعداد ماڻهو نه مارجي ويا هئا جهڙي ريت هن ڀيري سعودي عرب ۽ سندس اتحادي فوج جي بمباري ۾ مارجي ويا هئا،
هڪ طرف شيعا حوثي باغي وڙهي رهيا آهن ته ٻي طرف وري سعودي عرب به يمن ۾ جي ڳولا ۾ رڌل نظر اچي رهيو آهي پر اڃا ته اها خبر نه پئجي  سگهي آهي ته آخر حوثي باغين خلاف ڪارروائي سان سعودي عرب کي ڪهڙو لاڀ حاصل ٿيندو، بهرحال سعودي عرب طرفان صرف اهي بيان جاري ڪيا ويندا آهن هو پنهنجي ملڪي سلامتي لاءِ ڪارروايون جاري رکندا، ڇاڪاڻ ته حوثي باغين سرحد وٽ سعودي سڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻائيندا رهيا آهن، هاڻ ان ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو ته صرف سعودي عرب ئي ڄاڻي ٿو اسان ته صرف اندازو ئي لڳائي سگهون ٿا. صنعا ۾ جنازي نماز ۾ شريڪ ماڻهن تي حملي کانپوءِ  ٻيهر حوثي باغين ۽ سڪيورٽي ادارن ۾ ڇڪٿاڻ وڌي وئي هئي، جڏهن ته هن وقت به يمن ۾ سعودي ۽ سندس اتحادين جي ويڙهاڪن سان جنگ هلندڙ آهي، جنهن ۾ کين اڳڀرائي ٿي به آهي يا نه، ان بابت هن وقت تائين ڪا خاص رپورٽ جاري نه ڪئي وئي آهي، جنهن بابت اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته سعودي ۽ سندس اتحادين کي ڪيترو فائدو ٿيو آهي، بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جهڙي ريت سعودي  جي اتحاد سان يمن ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن اهي انساني حقن جو خيال به رکندا يا صرف ميڊيا بريفنگ کان ڪم ورتو ويندو.  

No comments:

Post a Comment