Pages

Tuesday 24 January 2017

صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ شخصيت“ انور پيرزادو”

صاحب خان ڀٽي
صوفين جي جي هن سرزمين تي اديبن ۽ ليکڪن پنهنجي قلم ذريعي عوام جي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنهن سبب صحافين ۽ ادبي لڏي سان تعلق رکندڙن کي مشڪلاتن کي منهن به ڏيڻو پيو آهي، پر ان باوجود اديبن ۽ دانشورن سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪنهن به شيءَ جي پرواهه نه ڪئي آهي،  اهڙن صحافين مان انور پيرزادو به هڪ هو، جنهن بنا ڪنهن خوف جي سنڌ جي عوام جو آواز اٿاريو ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف جنگ ڪئي. انور پيرزادو سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ قلم ذريعي جهاد ڪيو. هونءَ ته سنڌ جي سرزمين تي ڪيترين ئي اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ ليکڪن جنم ورتو آهي جن پنهنجي قلمي پورهئي ذريعي معاشري ۾ تمام گهڻي تبديلي آندي آهي، انهن اديبن ۽ دانشورن سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري ۽ جاهيلت جي خاتمي لاءِ تمام وڏو ڪردار نڀايو آهي، اهڙن اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن جا حوصلا هماليا جي پهاڙن جي چوٽي کان به اوچا هوندا آهن، جيڪي هميشه سنڌ جي خوشحالي لاءِ سوچيندا رهندا آهن. جن کي سنڌ وطن جي تمام گهڻو فڪر هوندو آهي، اهي هميشه سنڌ جي مستقبل بابت ويچاريندا آهن. جن جي دنيا ۾ ٿيندڙ هر اٿل پٿل تي به نظر هوندي  آهي، ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي ڪنهن به شخص سان انصافي ٿيندي نه ڏسندا آهن ۽ اهي هميشه سچ جو ساٿ ڏيندا آهن پوءِ ڀلي کني انهن کي سولي تي ڇو نه چاڙهيو وڃي،
هونءَ ته صوفين جي هن سرزمين کي قدرت وڏن ذخيرن سان مالا مال ڪيو آهي پر هن ڌرتي تي اهڙا دانشور، اديب ۽ليکڪ به پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جدوجهد ۽ بهادري سان ظلم جي خاتمي ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ انهن ماڻهن کي سنڌ جي مستقبل جو فڪر هوندو آهي، جيڪي هميشه سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا آهن، مطلب ته صوفين جي سرزمين تي ڪيترائي اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا آهن جن سنڌ جي خوشحالي لاءِ وڏو ڪردار اداو ڪيو آهي،  جنهن سبب معاشري ۾ وڏي تبديلي ايندي آهي، ڪجهه ماڻهو ته ظالم آڏو مضبوط ديوار به بڻجي ويندا آهن، جيڪي اڄ به هر هڪ جي دل ۾ زنده آهن ۽ هر هڪ ماڻهو انهن کي اڄ به ياد ڪندو آهي،  انهن شخصيتن مان انور پير زادو به هڪ هو، جنهن  قلم ذريعي سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ظالمن سان جنگ ڪئي هئي، اهو ئي انور پيرزادو هو جنهن پنهنجي قلم ذريعي حق ۽ سچ  کي لکي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ وک وڌائي هئي، انور پيرزادي پنهنجي قلم ذريعي معاشري جي براين کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪيو هو.
 انور پيرزادي 25 جنوري 1945ع  تي ڏوڪري تعلي جي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو هو. سندس والد جو نالو شفيع محمد هو، انور پيرزادي 1955 تائين پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪائين. انور پيرزادي 1962ع ۾ ميٽرڪ ڪئي هئي، هو 1963ع کان 1968ع تائين ڏوڪري تعلقي ۾ هڪ اسڪول ۾پرائمري ٽيڪر ٿي رهيو. انور پيرزادي 1969ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي هئي. انور پيرزادي ايم اي ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ انگلش ڊپارٽارٽمينٽ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو هو. انور پيرزادو 1970ع ۾ پاڪستان ايئرفورس ۾ پائليٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ به چونڊيو ويو هو پر ڇهن مهينن جي ٽرينن ڪرڻ بعد کيس بنگلاديش خلاف آپريشن جي مخالف ڪرڻ تي فيلڊ ڪورٽ مارشل ۾ مٿس بغاوت جو ڪيس هلايو ويو هو ۽ کيس پشاور جيل ۾ رکيو ويو.
 انور پيرزادي شيخ مجيب الرحمان کي 20هين صديءَ جو عظيم جنگجو قرار ڏنو هو. انور پيرزادي کي 7 مهينن جي سخت پورهئي جي سزا بعد آزاد ڪيو هو، جنهن بعد هو هڪ اخبار ۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو هو. انور پيرزادي 1975ع ۾ اخبار ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ هڪ بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. روسي سفارتخانو بند ٿيڻ بعد هو سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن به رهيو. انور پيرزادو 7 جنوري 2007ع ۾ ڪينسر جي بيماري سبب فوت ٿي ويو پر اڄ هو ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. انور پيرزادي سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي ۽ سندس ڪيترائي شاگرد اڄ وڏن عهدن تي آهن، هو هميشه سڀني کي نياڻين جي تعليم بابت چوندو رهندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته سنڌ ۾ جاهليت تڏهن ئي ختم ٿي سگهي ٿي جڏهن سنڌ ۾ نياڻين کي  تعليم ڏياري ويندي. انور  پيرزادي پنهنجي لکڻين ذريعي معاشري ۾ تمام گهڻي تبديلي به آندي.
جيڪڏهن اسان انور پيرزادي کي تبديلي جي اهڃاڻ جو لقب به ڏيون ته اهو به سندس لاءِ گهٽ هوندو، ڇاڪاڻ ته انور پيرزادو ڪڏهن به ڪنهن آڏو نه جهڪيو هو ۽ هن پنهنجي نوڪري جي به پرواهه نه ڪئي هئي جڏهن هو ايئر فورس ۾ هو. انور پيرزادي ان وقت به ڪڏهن سچ ڳالهائڻ کان نه ڪيٻايو هو جڏهن هو ايئرفورس ۾ هو، اهو ئي سبب هو جو کيس نوڪري تان به هٿ ڌوئڻو پيو هو. انور پيرزادي نياڻين جي تعليم جي لاءِ جيڪو منفرد ڪردار ادا ڪيو شايد ان جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي به نه ملندو. انور پيرزادي پنهنجي  تخليق سان هر هڪ جو ڳاٺ اوچو ڪيو هو. جيتوڻيڪ اڄ انور پيرزادو اسان جي وچ ۾ ته ناهي رهيو پر سندس لکڻين ۽ ڏنل درس تي عمل ڪرڻ سان اسان هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي سرزمين جي مستقبل کي روشن ڪري سگهون ٿا ۽ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي انور پيرزادي جي ڏنل رستي تي هلون سگهون ٿا، انور پيرزادو سنڌ جي صحافت جو ليجنڊ صحافي هو، اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.
انور پير زادي سنڌ وطن لاءِ  پاڻ پتوڙيو هو، سندس لکڻين کي پڙهڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو هو هڪ ڪومل احساس رکندڙ شخصيت هو، جنهن کي پنهنجي وطن جي خوشحالي تمام گهڻو پياري هئي ۽ هو هميشه سنڌ جي روشن مستقبل بابت ويچاريندو هو.انور پير زادي 1970ع جهڙي طرح پنهنجي فيصلي تي  قائم رهيو  ۽ سختيون سٺيون، شايد ڪو ٻيو نه ائين نه ڪري سگهان هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت جون حالتون تمام گهڻيون خراب هيون ۽ سندس سچ ڪنهن کي به ان وقت نه وڻي ها پر هن سچ چوڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو هو.سندس بهادري جو اندازو پشاور جيل ۾ قيد ڪاٽڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. انور پيرزادو هڪ باشعور شخصيت جو مالڪ هو، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار هن وطن لاءِ ارپي ڇڏي هئي، انور پيرزادي صحافت جيڪو جديد لاڙو آندو شايد اهو تاريخ ڪڏهن به نه اچي سگهي ها. انور پيرزادي روشن خيال، ترقي پسند سنڌي سامجي اوسر لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي هئي، جنهن جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي به نه ملندو. انور پيرزادو هڪ تخليقي قوت رکندڙ هو. انور پيرزادو تمام مخلص، محنتي ۽ جاکوڙي ليکڪ به هو. اڄ ڀلي کڻي انور پيرزادو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو پر سندس قوم لاءِ ڪيل خدمتون اڄ به ياد رکيون وينديون.

No comments:

Post a Comment