Pages

Wednesday 25 January 2017

سنڌ جا ماڻهو زندهه ڪئين آهن؟

صاحب خان ڀٽي
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي بابت ڳالهائيندي چيو  آهي ته سنڌ جا ماڻهو زهريلو پاڻي پيئن پيا، کين سمجهه ۾ نه پيو اچي ته سنڌ جا ماڻهو زندهه ڪئين آهن، جوڙيل ڪميشن صنعتي زون جي زهريلي پاڻي تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، ڪميشن جي اهڙي بيان مان اهو هاڻ ظاهر ٿي ويو آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ جيڪي به صاف پاڻي جي لاءِ احتجاج ٿي رهيا هئا، ان تي  صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ڪو به ڌيان نه ڏئي رهي آهي، هن وقت به سنڌجو ڪو اهڙو شهر نه بچيو هوندو، جتي زهريلو پاڻي ماڻهن کي فراهم نه ٿيندو هجي، هونءَ ته سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ جر جو صاف پاڻي استعمال ڪيو ويندو آهي پر شهري علائقن ۾ جر جو پاڻي کارو نڪري ٿو، جيڪو پيئڻ جي لائق نه هوندوآهي، جنهن سبب شهرن ۾ ماڻهو مٺي پاڻي جا ٽينڪر لهرائيندا آهن، يا وري واٽر سپلاءِ جو پاڻي استعمال ڪندا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت طرف صرف اهڙن علائقن کي مٺو پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، جن علائقن ۾ ڪو بااثر رهندو هجي يا وري جتي وري ڪنهن ڪاموري جو گهر هجي، انهن علائقن ۾ نه بجلي بند ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري اتي ڪو پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو پيدا ٿيندو  آهي، هونءَ ته حڪومت طرفان ڪراچي سميت سنڌجي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪيترائي پيئڻ جي پاڻي جا پلانٽ لڳايا ويا آهن پر ان باوجود ڪيترائي پلانٽ بند پيل آهن يا وري اهي پلانٽ اهرن علائقن ۾ لڳايا ويا آهن جتي غريبب ماڻهو نه رهندا ۽ اهي پلانٽ گهٽ به استعمال ٿيندا آهن پر ان باوجود حڪومت ڪو به نوٽيس نه وٺندي آهي، هن وقت اسان وٽ وڏو الميو آهي جو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان زمين ۾ پوريل صاف پاڻي جا پائيپ تبديل نه ڪيا ويا آهن، جنهن سبب اهي پائيپ ڳري ويا آهن، جنهن سبب سيوريج جو گندو پاڻي به انهن پائيپ لائين ۾ مڪس  ٿي رهيو آهي ۽ اهو پاڻي غريب ماڻهو  استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سان انهن جا ٻار ڪيترن ئي موذي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. ڪيترائي ٻارڙا پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا آهن، هن وقت به ٿر ۾ اها صورتحال آهي جو خوراڪ جي کوٽ ۽ بهتر علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي بچائڻ لاءِ به ڪي قدم نه پيا کنيا وڃن.
بهرحال پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو پنهنجي جڳهه تي درست آهي، پر سنڌ جا ٻيا به کوڙ سارا مسئلا آهن، صرف پيئڻ جي صاف پاڻي فراهم نه ٿيڻ تي اهو چوڻ ته سنڌ جا ماڻهو زندهه ڪئين آهن، ناڪافي هوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو انڊس ڊيلٽا جو به آهي، ڪجهه عرصو اڳ اهو معاهدو به ڪيو ويو هو ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو ته جئين هزارين ايڪڙ زمين کي بچائي سگهجي پر هن وقت تائين ان تي به عمل نه ٿي  سگهيو  آهي، هن وقت به بدين، ٺٽي جي زمين کي سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي، پر وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، جيڪڏهن هن وقت به حڪومت سجاڳ نه ٿي ته پوءِ سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويندو ۽ ان جو نقصان صرف سنڌ کي ئي ٿيندو. سنڌ جو ٻيو به سڀ کان وڏو مسئلو ڌارين جي لوڌ وارو آهي، هن وقت سنڌ جي ڪامورن جي آشيروارد سان لکين پناهگير سنڌ ۾ ترسيل آهن ۽ آدمشماري به تمام گهڻو ويجهو اچي چڪي آهي، هاڻ اهي ئي ڪامورا جيڪي عوام جي ووٽ ذريعي اسيمبلين ۾ ويٺل آهن، اهي اهي دانهون ڪري رهيا آهن ته آدمشماري سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، پر اهي ئي ڪامورا ان وقت خاموش هئا جنهن وقت سنڌ جو عوام رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو،
بهرحال هن وقت هر ڪ سنڌي سمورن ڪمن کي ڇڏي هن سنڌي قوم جي ڀلائي واري ڪم رڌل نظر اچي ريا رهيا آهن. جيڪو پڻ ڳڻتي جوڳو وارو عمل آهي،  ڇاڪاڻ ته ڌارين جي لوڌ کي ترسائي سنڌين کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪو پناهيگيرن کي باعزت ملڪ مان ڪڍڻ جو مطالبو به ڪري ٿو ته ان جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪو به سياستدان انهن کي پسند نه ٿوڪري. هڪ طرف ڌارين جي لوڌ سبب سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي ته ٻيو وري ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا به پيش اچي رهيا آهن، هن وقت ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ايتري بهتر نه آهي، جنهن سان اهو چئي سگهجي ته واقعي ملڪ امن امان مڪمل طور ختم ٿي چڪو  آهي پوءِ به سنڌ جا ماڻهو زندهه آهن ۽ پنهنجيون زندگيون گهاري رهيا آهن، جيڪڏهن هن وقت حڪومت چاهي ها سمنڊ ڳڙڪائڻ وارو عملو رڪجي سگهجي پيو، جيڪڏهن اهو سلسلو اڃا به جاري رهيو آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي ويندي.  بهرحال هن وقت جهڙي ريت ڪمِشن سنڌ جي ماڻهن بابت بيان ڏنو آهي، تنهن بعد حڪمرانن جون اکيون کلي وڃڻ کپن، خاص طور تي سنڌ جي ڪامورن کي اک ضرور پٽڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن وقت به حڪمرانن هوش کان ڪم نه ورتو، اڳتي هلي سن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو اڃا به بحران وڌي ويندو ۽ اسان کي اهو ساڳيو صنعتي زون جو زهيلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿيڻ ٿي وينديون ۽ اسان سڀ صرف احتجاج ڪرڻ ۾ ئي پورا ٿي وينداسين.
هونءَ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي پر افسوس جو صوفين جي سرزمين جي عوام لاءِ صوبائي حڪومت واقي حڪومت ڪي به قدم نه کڻڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، حڪومت کي ته تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻيون هونديون. پر هتي صرف تعليم ۽ صحت تي صرف ايمرجنسيون ئي لڳايون پيون وڃن، عملي طور ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن، هڪ طرف سنڌ ڌاري لوڌ جو بار به برداشت ڪري رهي هئي ته مٿان وري سنڌ کي سمورين سهولتن کان به محروم ڪيو ويو آهي، هڪ طرف فيڪٽرين جو زهريلو پاڻي واهن ۽ شاخن ۾ وڌو پيو وڃي ته ٻي طرف وري اهو ئي زهريلو پاڻ شهرين کي فراهم به ڪيو پيو وڃي. جنهن سبب ماڻهو چمڙي سميت پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. هونءَ ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جي واهن ۽ شاخن ۾ زهريلي پاڻي جي ڇوڙ خلاف احتجاج ٿيندا  رهيا آهن پر هن ڀيري جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي جوڙيل ڪميٽي چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي صنعت جو زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي اهڙي سنجيده معاملي تي ٿورو سوچڻ گهرجي سنڌ واسين جي مسئلن کي هٿ پير هڻڻ شروع  ڪري ڇڏين ته جئين سنڌ جي ماڻهو  زنده رهي سگهن. جيڪڏهن زهريلي پاڻي جي ڇوڙ کي واهن شاخن ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيو ويو ته ان جا ڀيانڪ نيجا نڪرندا  ۽ ان جا نتيا خراب نڪرندا.
صوبائي حڪومت کي گهرجي ته ڌارين جي لوڌ کان ويندي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ تڪڙا قدم کڻي ته جئين هتان جا ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن ۽ اها ئي حڪومت جي اولين ترجيح هوندي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته  هتي ڌارين جي لوڌ کي آڻڻ لاءِ بحث ٿيندا، ڪجهه ڏينهن اڳ اسيملي اندر چيو ويو هو ته بنگلاديش ۾ رهندڙ پناهگيرن کي سنڌ ۾ آندو وڃي، جنهن مان لڳي رهيو هو ته هڪ سازش هيٺ سنڌ  کي تباهه ڪيو پيو وڃي پر ان جو ڪو قدم نه پيو کنيو وڃي، هڪ طرف سنڌ ۾ سمنڊ زمين ڳڙڪائي ري آهي ته مٿان وري صنعتي ادارن جو گندو پاڻي واهن ۽ شاخن ۾ ڇوڙ ڪري عوام کي پياريو پيو وڃي. هاڻ اها صوبائي ئي حڪومت جي ذميواري ئي صنعتي ادارن جي زهريلي پاڻي ۽ دونهين کي روڪرائي ته جئين ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن.

No comments:

Post a Comment