Pages

Thursday 26 January 2017

“ اڇڙو ٿر” ڪتاب تي تبصرو

صاحب خان ڀٽي
اڇڙي ٿر کي قدرت معدني وسيلن سان مالا مال ڪيو آهي پر ان باوجود اتان جا رهواسي سمورين بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جڏهن به هن علائقي ۾ برسات پوندي آهي ته هتان جا مارو ماڻهو تمام گهڻو خوش ٿي ويندا آهن ۽ اڇڙي ٿر جو سمورو علائقو ساوڪ جو ڏيک ڏيڻ لڳندو آهي، حڪومت ته هميشه اهي دعوائون ڪندي رهندي آهي ته هنن اڇڙي ٿر ۾ بنيادي سولتون فراهم ڪيون آهن پر ان جو اندازو هتان جي مارو ماڻهن جي ڏکن دردن کي ڏسي ئي لڳائي سگهجي ٿو، ته انهن جي حڪومت ڪيتري حد تائين واهر ڪئي آهي، هن وقت اڇڙي ٿر جي اها صورتحال آهي جو هتان جي ماڻهن کي نه پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي وري تعليم جي بهري لاءِ ڪي قدم کنيا پيا وڃن ۽ نه ئي وري اڇڙي ٿر جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جنهن سبب هڪ طرف ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري اڇڙي ٿر جي رهواسين جا ڍور به جانورن جا ڊاڪٽر نه هئڻ سبب مري رهيا آهن.
هونءَ ته قدرت سنڌ کي تيل، گيس، ڪوئلي سان گڏ ٻين ڪيترن ئي معدنيات سان نوزيو آهي پر اڇڙي ٿر جي سونهن به ڪنهن کان گهٽ نه آهي، اڇڙي ٿر جون حدون عمر ڪوٽ ۽ هٿونگي واري پاسي کان شروع ٿي گهوٽڪي وٽان گذرنديون آهن، جيڪي پنجاب جي صوبي سان وڃي ملنديون آهن، جنهن جي اڳيان بابا فريد جو چولستان به لڳندو آهي، جنهن کي اڇڙو ٿر سڏيو ويندو آهي، اڇڙي ٿر جا ماڻهن جواڪثر ماڻهو چوپايو مال ئي پاليندا آهن، جڏهن به ڏڪارٿيندو آهي ته هتان جي ماڻهن کي تمام گهڻيون ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوندو پر حڪومت ڪڏهن به ڏڪار واري صورتحال ۾ اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي پرگهور نه لڌي آهي، هن وقت به نه ته اڇڙي ٿر جي تعليمي نظام بهتر آهي ۽ نه ئي وري اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي فلاح لاءِ ڪي قدم کنيا ويا آهن،
ڪجهه اهڙا سماجي ماڻهو هن وقت به اڇڙي ٿر ۾ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هتان جي تاريخي ماڳن کي اجاڳر ڪيو وڃي ۽ اهي شخصيتون ڏينهن رات اڇڙي ٿر جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن.اڇڙي ٿر جي مارو ماڻهن جي حالت کي ڏسي حڪومت جي دعوائن جي پت به وائکي ٿي وڃي ٿي پر ان باوجود مارو ماڻهن جي دردن جو درمان بڻجڻ لاءِ ڪو تيار ئي نه ٿئي ٿو، صوفين جي سرزمين تي ڪجهه ماڻهو اهڙا به موجود آهن، جيڪي اڄ به لاچار ۽ غريب ماڻهن جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، اهڙن مان سانوڻ راڄڙ به هڪ آهي، جنهن اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي دردن کي پنهنجو درد سمجهيو آهي ۽ هن اڇڙي ٿر جي نالي سان هڪ سلسلو به شروع ڪيو آهي. سانوڻ راڄڙ جو چوڻ آهي ته سندس تعلق به اڇڙي ٿر سان آهي، جنهن سبب هو اڇڙي ٿر جي کاڻين، معدني وسيلن ۽ تاريخي ماڳن تي تحقيق ڪري ۽ دنيا کي ان بابت ٻڌائي سندس اها ڪوشش اڳتي هلي ضرور ڪامياب ٿيندي،

هڪ نئين اداري ”اڇڙوٿر پبليڪيشن “ طرفان به”اڇڙوٿر“ جي نالي سان ڪتاب ڇاپيو ويو آهي، جنهن ۾ اڇڙي ٿر سان لاڳاپيل تاريخي مواد، اڇڙي ٿر جا ماڳ مڪان، رتوڪوٽ، اڇڙي ٿر جون کاڻيون ميون ٿرائي، جماعتي راڳ اڇڙي ٿر ۾ پيرسائين روزي ڌڻي رح کان، مخدوم عبدالرحيم رح جن جي شھادت واري جاء ساميء واري مڙهي صوفي صادق ڀنڀري جي شاعري اڇڙي ٿر جو ڪامل ولي الله ميون ٿرائي پڙائي وارو،ٻيو گهڻون ڪجھ ھن ڪتابي شماري ۾ شامل ڪيو ويو آھي، هن ڪتاب ۾ سانوڻ راڄڙ، صاحب خان ڀٽي ۽ ٻين جا بهترين تحقيقي مضمون شامل ڪيا ويا آهن. جڏھن ته اڇڙي ٿر ڪتاب جو سيهڙيندڙ ۽ اڇڙو ٿر پبليڪيشن جو بنياد رکندڙ سانوڻ راڄڙ اڇڙي ٿر جي ڳوٺ فقير محمد بچل راڄڙ مان شروعات ڪئي آھي اڇڙي ٿر جي مارو ماڻھن جي ڏک درد کي ويجهڙائي کان محسوس ڪندي اهو ڪتابي سلسلو شروع ڪيو آھي، سندس چوڻ آهي ته هو اڳتي به اهڙي ڪوشش ڪندو رهندو ته جئين اڇڙي  ٿر جي خوبصورتي ۽ معدني وسيلن سان گڏ تاريخي ماڳن کي ڪتاب ۾ سهيڙيندو رهندو ۽ ماروئڙن جي ڏکن ۽ دردن کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندو رهندو.
هن ڪتاب ۾ اڇڙي ٿر جون کاڻيون، هٿ جو هنر، اڇڙي ٿر جو ڪامل ولي ميون ٿرائي پڙائي وارو، شهادت گاهه، گرهوڙي عرف سامي جي مڙهي ۽ ٿر جو مشهور ماڳ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ عصرو ئي وارو قبرستان اڇڙي ٿر جو مشهور بزرگ درويش قطب شاهه خليفا مٽن وارا ۽ وڪيو فقير درس، موکٽ جو مڪان ۽ مٺي، کارهوڙ ڍنڍ آهي، کارهوڙ ڍنڍ جيڪا اڇڙي ٿر جي آخري ڪناري تي يعني چوٽيارين جي ويجهي آهي، هن ڍنڍ جي خاص ڳالهه هي آهي ته هي هڪ مٺي ۽ هڪ کاي ڍنڍ آهي، فرق صرف ٿورو فاصلو هجڻ جيڪري ڏسڻ وٽان آهي، جوارڙو جي لارڙو ڍنڍ، پٽيهل ڍنڍ، ڪلانڪر ڍنڍ به سفيد واري جيڪا دڙاپنهنجي شڪل مٽائيندا رهن ٿا،
مخدوم عبدالرحيم گروڙي رحه جي دور جي ڪنڊي جنهن پير پاڳاري کي گرهوڙي صاحب جا سلام ڏنا هئا، نورو ولي به اڇڙي ٿر جي تاريخ جو هڪ ورق آهي،  هونءَ ته سنڌ ڌرتي صوفين بزرگن ۽ ولين سان جي سرزمين آهي ۽ اهڙن صوفي بزرگن مان اڇڙي ٿر ۾ صوفي بزرگ عالم درويش ميون ٿرائي پڙائي به ٿي گذريو آهي، جنهن جون به ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن، جن مان مڇي کي دڙي تي زنده چاڙهڻ به هڪ آهي. اڇڙي ٿر جي تعلقو سانگهڙ جي يونين ڪائونسل ڪلر ۾ پڙائي جي نالي سان اڄ به مشهور ۽ موجود آهي. اڇڙي ٿر ۾ ميان ٿرائي جي تاريخي مسجد به موجود آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هن مسجد ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شهيد رح ميون مبين ڪيريو رح چوٽيارين واري به نماز پڙهي هئي ان مان اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته هي مسجد تقريبن 400 سال پراڻي آهي.هن مسجد کي ويجهڙائي ۾ 2000ع ۾ ٺهرايو ويو هو.
بهرحال هن وقت اڇڙي ٿر تي اڃا وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته اڇڙو ٿر هڪ وارو جو سمنڊ ۾ آهي، جنهن تي جيتري تحقيق ڪجي اوتري گهٽ آهي، اڇڙي ٿر جون کاڻيون، اڇڙي ٿر جون ڍنڍون ۽ اڇڙي ٿر جي خوبصورتي تي جيترو لکجي اهو به ناڪافي هوندو، جيڪي به ماڻهو اڇڙي ٿر بابت تحيقق ڪري رهيا آهن يا وري اڇڙي ٿر جي ماڻهن جي فلاح بهبود لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن،انهن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. ڇاڪاڻ ته هن وقت اڇڙي ٿر جي مارو ماڻهن جي واهر لاءِ  حڪومت ڪي خاص  قدم نه کڻي رهي آهي ۽ نه ٿر جي ماڻهن کي روزگار فراهم  ڪرڻ سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، اڇڙي ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحالهجي يا وري اڇڙي ٿر  ۾ ٻي ڪا خراب صورتحال ڪو به حڪومتي نمائندو مارو ماڻهن وٽ لڙي اچڻ لاءِ تيار ئي نه هوندو آهي.  جيڪڏهن هن وقت به اڇڙي ٿر ۾ ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي سميت تعليم ۽ صحت جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته اها تمام گهڻي ناانصافي هوندي.

No comments:

Post a Comment