Pages

Friday 27 January 2017

ڀتون اڏڻ سان ملڪ محفوظ بڻجي ويندا؟

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ به آمريڪي، ميسڪسيڪو سرحد وٽ ڀت تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ميڪسيڪو ۽ آمريڪا وچ ۾ اختلاف  به پيدا ٿي رهيا آهن، ڊونالڊ ٽرمپ ميڪسيڪو  سرحد وٽ ڀت تعمير ڪرڻ واري حڪمن تي صحيح به ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ميڪسيڪو جي صدر انريق پينانيٽو آمريڪا جو د ورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ميڪسيڪو طرفان آمريڪا کي اهو واضع پيغام ڏنو ويو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڀت جي تعمير تي خرچ ٿيندر رقم نه ڏيندا، جنهن تي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ به ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ميڪسيڪو صدر سان ڳالهين جو ڪو به فائدو نه ٿيندو ۽ هو هاڻ صرف ڪم ڪندا، آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ميڪسيڪو طرفان ڀت تعمير ڪرڻ لاءِ فنڊنگ ڪرڻ کان انڪار تي مختلف معاملن تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايتري قدر جو آمريڪي صدر ميڪسيڪو کان درآمدگي تي به ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هو ٽيڪس لڳائي ميڪسيڪو سرحد وٽ ڀت تعمير ڪندا،
هونءَ ته دنيا جو هر هڪ ملڪ پنهنجي پنهنجي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پر ڪجهه ملڪ سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ڀت به تعمير ڪري رهيا آهن ته جئين هو پنهنجي ملڪ کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي سگهن، ڪجهه ملڪ ته سرحدن کي ان ڪري محفوظ بڻائي رهيا آهن جو انهن جي ملڪن ۾ دهشتگردي وڌندي پئي  وڃي، شايد دنيا اندر ڪو اهڙو ملڪ هجي جتي دهشتگردن پنهنجيون ڪارروايون نه ڪيون هجن، پاڪستان هجي يا افغانستان، يا وري ڀارت، سمورن ملڪن ۾ دهشتگرد پنهنجيون ڪهري ڪارروايون ڪري چڪا آهن، مسلم ملڪ هجي يا وري غير مسلم ملڪ هجي دهشتگرد عام شهرين کي ماريندا رهيا آهن، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مذهبي انتهاپسندي سبب هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن، ڪڏهن عالمي دهشتگرد تنظيم داعش ذميواري قبول ڪري وٺندي آهي ته ڪڏهن وري ٻي ڪا پابندي مڙهيل تنظيم ان جي ذميواري کڻندي آهي، جنهن مان اهو واضع ٿيندو آهي ته هن وقت عالمي سطح تي دهشتگرد مذهب جو نالو استمال ڪري دهشتگردي پکيڙي رهيا آهن، بس فرق ايترو آهي جو اڳ ۾ ڪهري ڪارروايون ڪندڙ جي خبر نه پوندي آهي پر هاڻ ماڻهن کي مارڻ بعد پابندي مڙهيل تنظيمون ذميواري قبول ڪري وٺنديون آهن.
پاڪستان ۾ به جيڪي به هن وقت دهشتگرد ڪارروايون ٿي چڪيون آهن، انهن جون ذميواريون به پابندي مڙهيل تنظيمن ئي قبول ڪيون آهن، جيڪڏهن ڪنهن دهشتگرد کي سوگهو به ڪيو ويندو آهي ته ان جو تعلق يا ته افغانستان نڪري پوندو آهي وري ڪنهن ٻي ملڪ سان ان جو واسطو هوندو آهي، جڏهن پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون وڌي ويون هيون تڏهن پاڪستان افغاستان بارڊر تي دروازو لڳائڻ جو فيصلو ڪيو هو، ان وقت به افغانستان ڏمرجي پيو هو ۽ سرحد تي فائرنگ ڪري ڏني هئي،جنهن دوران هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويوهو، بهرحال هن وقت آمريڪي صدر توڙي ٻيا ملڪ صرف پنهنجن پنهنجن ملڪن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سوچي رهيا آهن ته جئين هو پنهنجي عوام کي محفوظ بڻائي سگهن. هونءَ ته آمريڪا توڙي برطانيا دشتگردي جي خاتمي بابت بيان ڏيندا رهيا آهن پر اڄ جي جديد دور ۾ به برطانيا ۽ آمريڪا جهڙاملڪ سرحدن تي ڀت تعمير ڪرڻ سان ملڪ کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهي،  هونءَ ته سرحدن تي ڀت تعمير ڪرڻ کانسواءِ به سرحدن تي مانيٽرنگ سخت ڪري سگهجي ٿي،
 اڄ ڪلهه ته ڪجهه ملڪ ڊرون ڪيميرائن ذريعي به ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪري رهيا آهن، ڪجهه ملڪ ته سيٽلائيٽ ذريعي به سرحدن  جي نگراني ڪري رهيا آهن، اڄ جي جديد دور ۾ به هيڪرز ڪنهن به ملڪ جي ويب سائيٽ هيڪ ڪري وٺن ٿا، ته ڪڏهن ڪڏهن وري حساس دستاويزن تائين به هيڪرز پهچي وڃن ٿا جن کي به ترقي يافته ملڪ روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، اتي وري ملڪن جي سرحد کي محفوظ بڻائڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري ڀت تعمير ڪرڻ سان شايد ئي دهشتگردي جي ضابطو اچي سگهي يا ملڪ محفوظ ٿي سگهجي، جيڪڏهن ملڪن جي سرحدن کي محفوظ بڻائڻو ئي آهي ته پوءِ وڏن ملڪن کي ننڍن ملڪن تي قبضو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ ۾عوام جا غضب ٿيندا هوندا ته اتان جي امن امان جي صورتحال انتهائي خراب هوندي، ڪجهه عرصو اڳ برطانيا به پناهگيرن جي ڪيمپن آڏو ڀت اڏڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ چيو ويو هو ته ڀت اڏڻ سان پناهگير هڪ هنڌ ئي موجود هوندا ، جنهن سان کين ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيندو. اڄ جڏهن آمريڪا طرف سرحد تي ڀت اڏڻ جون خبرون هلي رهيون آهن ته مون کي چين جي عظيم ڀت ياد آئي آهي،
چين جي تاريخي ڀت بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اها ڀت حضت عيسي عليه السلام جي جنم کان به اڳ جي ٺهيل آهي، چين جي عظيم ڀت کي حضرت عيسيٰ عليه اسلام جي جنم کان 2 سئو اڳ چين جي بادشاهه چن  شي هوانگ ملڪ کي محفوظ بڻائڻ ٺهرايو هو ته جئين ڪو به دشمن ملڪ سندس ملڪ تي حملو نه ڪري سگهي ۽ حملي کان اڳ کيس ڀت کي پار ڪرڻو پئي، ان تاريخي ڀت جي شروعات چين ۽ منچوڪي جي سرحد کان شروع ٿئي ٿي، ڪجهه ڪتابن ۾اهو به لکيل آهي ته ان زماني ۾هن ۽ تاتار هوندا هئا، جيڪي وچ ايشيا ۾ تمام گهڻو طاقتور سمجهيا ويندا هئا، هن ڀت جي ڊيگهه لڳ ڀڳ پندرنهن سئو ميل آهي ۽ هن ديوار ويهه کان پنجويهه فٽ اوچي آهي، هن ڀت جي ويڪر هيٺان کان پنجويهه فٽ ۽ مٿان کان ٻارنهن فٽ آهي.هي ڀت دنيا جي تاريخي ڀت آهي، هن ڀت جي هر ٻه سئو گز جي فاصلي تي حفاظت ڪندڙ لاءِ مضبوط ٺڪاڻا قائم ڪيا ويا آهن..
بهرحال هن وقت آمريڪا ۽  ميڪسيڪو ڀت اڏڻ واري معاملي تي اٽڪجندا نظر اچي رهيا آهن، شايد اهو معاملي اڳتي هلي شدت به اختيار ڪري سگهي ٿو پر ڊونالڊ ٽرمپ جو اهو موقف ناڪافي آهي ته ڀت تعميرڪرڻ سان هو دهشتگردن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي وٺندو ته شايد اهو ناممڪن آهي. ڪجهه عرصو اڳ اٽلي ۽ آسٽريلا وچ ۾ مهاجرن جي اچ وڃ کي روڪڻ لاءِ برينر سرحدي چوڪي تي ڀت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن سبب ٻنهي ۾ ڇڪتاڻ وڌي هئي، جنهن بعد اهو فيصلو واپس ورتو ويو هو ۽ اطلاوي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته سرحدن کي بلاڪ ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي سياحتي شعبي سميت ٻطرفا واپاري لاڳاپا ۽ يورپي نظريي کي نقصان پهچندو. بهرحال هن وقت آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جهڙي ريت ملڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن، تنهن مان اهو اندازو لڳائي سگجي ٿو ته جيڪي دهشتگرد ملڪ سپر پاورر جهڙي ملڪ کي بخش نه ڪري رهيا آهن تي ڪنهن ٻي ملڪ تي ڪهڙو رحم ڪندا هوندا،
آمريڪا طرفان ميڪسيڪو سرحد تي ڀت اڏڻ واري فيصلي کان ثابت ٿيندو پيو وڃي ته دهشتگردن پنهنجو نيٽ ورڪ مضبوط ڪري ورتو آهي، جنهن سبب آمريڪا سپر پاور ملڪ هجڻ باوجود به سرحد کي محفوظ بڻائي رهيو آهي، پر هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مستقبل ۾ آمريڪا اڃا  وڌيڪ ڪيترين سرحدن تي ڀتون  تعمير ڪندو ۽ ٻيا ملڪ ان مان ڪهڙو سبق حاصل ڪندا، آمريڪا جي ڀت اڏڻ واري فيصلي کانپوءِ هڪ ڳالهه ته واضع ٿيندي پئي وڃي ته جلد وچ ايشيا۾به ڪو نه ڪو ملڪ سرحد کي محفوظ بڻائڻ ڀت تعمير ڪندو، جيڪڏهن اهو سلسلو شروع ٿي ويو ته مستقبل ۾ سيٽلائيٽ سان هر ملڪ جون سرحدون واضع ڏسي سگهبيون ۽ انهن ڀتن جي تعمير تي تمام گهڻو خرچ به ايندو، جيڪڏهن اهو پيسو دنيا ۾ غربت جي خاتمي  ۽ روزگار جي ذريعن تي استعمال ڪيو وڃي ته ان سان دنيا ۾ وڏي ترقي به ٿيندي ۽ هر هڪ خوشحال به ٿي ويندو.
sahibalisindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment