Pages

Saturday 28 January 2017

جنگ جو ميدان بڻيل ايوان

صاحب خان ڀٽي
سياسي پارٽين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هاڻ ايڏي ته شدت اختيار ڪري ورتي آهي جو معاملو وڃي اسيمبلين ۾ پهتو آهي، جنهن سبب مقدس ايوانن ۾ به گوڙ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ، هر هڪ پارٽي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي ۽ ايوان جو ماحول ڪنهن مڇي مارڪيٽ کان گهٽ نه نظر پيو اچي، ان سڄي صورتحال کي ڏسندي ائين لڳي رهيو آهي ته جن به اڳواڻن کي عوام ووٽ ڏئي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو انهن عوام جي ووٽ جي  پرواهه ڪرڻ بنا پنهنجا ذاتي معاملا  حل ڪرڻ لاءِ  ايوانن کي استعمال ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ هجي يا وري نواز ليگ، مطلب ته سموريون پارٽيون ايوانن ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، ماضي ۾ ايوانن ۾ چونڊيل نمائندا عوام جي حقن ۽ انهن جي مسئلن بابت گوڙ ڪندا هئا ۽ پر هاڻ پنهنجا پنهنجا مسئلا حلا ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي وڌيڪ بهتر سمجهڻ لاءِ بحث ۽ جهيڙا ٿي رهيا آهن،
 اهڙو هڪ واقعو قومي اسيمبلي ۾ پيش اچي چڪو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ  ۽ نواز ليگ جا اڳواڻ هڪ ٻئي آمهون سامهون اچي ويا هئا ۽ هڪ ٻئي مٿان لتن، مڪن جو وسڪارو ڪيو هو، جنهن کي سڄي  دنيا ڏٺو هو، انهن جي جهيڙي کي ڏسي ائين لڳي رهيو هو ته هي ڪو جهيڙو چونڊيل نمائندن جو نه پر ڪنهن مڇي مارڪيٽ ۾ ٿيندڙ  واپارين  جو جهيڙو هو، هونءَ ته اعليٰ ته اعليٰ ايوان ۾ عوامي نمائندا عوام جي جائز مسئلن جي خاطر آواز اٿاريندا آهن پر اڄڪلهه سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. هڪ ٻه ڏينهن اڳ به اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ به شاهه محمود قريشي يج تقرير دوران پي ٽي آءِ ميمبرن ۽ حڪومت وزيراعظم نوازشريف خلاف نعرا هنيا، جنهن دوران نواز ليگ جي اڳواڻ طرفان نعرن جي ڀرپور موٽ ڏني وئي ۽ عمران خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ايوان  مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو هو، جنهن جو منظر هر هڪ ماڻهو مختلف ٽي وي چينلن تي به ڏسي رهيو هو، ميڊيا به ان هنگامي کي تمام گهڻي ڪوريج ڏئي رهي هئي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو هو جو پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ اڳواڻ آمهون سامهون ٿيا هئا، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي يا ته پريس ڪانفرنسن ۾ ڪندا هئا يا وري روڊن ۽ رستن تي ڌرڻا هڻي نعريبازي ڪندا هئا پر هن ڀيري مجهه مختلف منظر ڏسڻ وٽان مليو هو ۽ ٻئي پارٽيون ايوان  اندر آمهون سامهون ٿيون هيون، اهو جهيڙو ان وقت شروع ٿيو هو جڏهن ته پي ٽي آءِ جا ميمبر حڪومت ۽ وزيراعظم نوازشريف خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا ۽ جنهن جي جواب ۾ نواز ليگ ميمبرن به پي ٽي آءِ خلاف نعريبازي ڪئي، ايوان ۾نعريبازي جو سلسلو هلي ئي رهيو هو ته وفاقي وزير شاهد خاقان عباي، اپوزيشن بئنچن ڏانهن آيو ته شهريار آفريدي ۽ مراد سعيد سان سندس جهيڙو شروع ٿيو هو ۽ ٻيا ميمبر انهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر پوءِ به ٽئي ميمبر هڪ ٻئي  مٿان ٺوشن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪري رهيا هئا. جنهن بعد اهو جهيڙو وڌندو ويو ۽ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ۾ ڌڪن، ٺونشن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو، ايتري قدر جو ٻنهي پارٽين جي ميمبرن طرفان گارگند به ڪئي وئي هئي ۽ ايوان جو ماحول ڪهن مڇي مارڪيٽ کان گهٽ نظر نه اچي رهيو هو،
جڏهن جهيڙي شدت اختيار ڪري ورتي تڏهن اسپيڪر سڪيورٽي وارن کي گهرائي بچ بچايو ڪرايو هو، اهڙي صورتحال کان پوءِ به ٻنهي پارٽين جي ميمبرن وچ ۾ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو سلسلو هن وقت تائين بند نه ٿي سگهيو آهي. پي ٽي آءِ ميمبر جهيڙي جو الزام نواز ليگ تي لڳائي رهيا آهن ته ٻي طرف وري نواز ليگ ميمبرن جو موقف اهو آهي ته جهيڙي جي شروعات پي ٽي آءِ ميمبرن ڪئي هئي، بهرحال هن وقت تائين اهو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي ته آخر جهيڙو ڪهڙي ڌر ڪيو هو، پر پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي جي ايوان ۾ موجودگي تمام گهڻا سوال اٿاري ڇڏيا هئا. جڏهن جهيڙي ۾ ٿوري ٺاپر آئي ته پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو هو، ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ان سڄي صورتحال  کانپوءِ چيو هو ته پي ٽي آءِ باقاعده منصوبابندي سان ايوان جي توهين ڪئي ۽ هنگامو ڪيو، اهو جهيڙو ڪو حادثاتي طور ناهي ٿيو.
 پي ٽي آءِ  ميمبر غنڊا گردي ڪري نئين پاڪستان جي تصوير ڏيکاري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ به بيان ڏيندي چئي رهيا آهن ته وزيراعظم نوازشريف کي هاڻ قطري خط ون يا ٽو بچائي نه سگهندا ۽ قطري شهزادي جي بيانن جو جواب حڪومت کي ڏيڻو ئي پوندو. بهرحال هن  وقت پاناما واري معاملي ايتري ته شدت اختيار ڪري ورتي آهي جو مختلف پارٽين جا  اڳواڻ پاناما معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي مڪن ۽ لتن جو وسڪارو ڪرڻ واري عمل تائين به پهچي ويا آهن. جنهن ايوان جو احترام ڪرڻ گهرجي ان ايوان اندر به هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. اهڙو هڪ واقعو سنڌ اسيمبلي ۾ ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت ميمبر سان به گٿا لفظ ڳالهايا ويا هئا، بس فرق ايترو هو جو اتي ڪو جهيڙو نه ٿيو هو پر لفظن جي جنگ هلي رهي هئي، جيڪو سمجهي رهيو هو اهو کلي رهيو هو، جيڪو نه پيو سمجهي، اهو خاموش ويٺل نظر اچي رهيو، جڏهن سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ عورت ميمبر سان به گٿا لفظ ڳالهايا ويا هئا ته ان وقت به ان جي مذمت ڪئي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته ايوان مقدس هوندا آهن ۽ انهن ايوانن اندر جيڪڏهن عورت جو احترام نه ٿئي ته پوءِ آخر اهڙن ايوانن ۾ ويٺل ميمبرن  مان عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪا به اميد نه ٿي ڪري سگهجي.
 بهرحال عورت ميمبر جي سخت احتجاج ۽ ساڃاهه وندن جي مطالبي بعد جنهن ميمبر عورت سان غلط رويو اختيار ڪيو هو ان معافي به ورتي هئي، جنهن بعد اهو معاملو ختم ٿي ويو هو، ان کان پوءِ قومي اسيمبلي ۾ ته ان کان به وڌيڪ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، جنهن دوران پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ اڳواڻن وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي ۽ هڪ ٻئي مٿان لتن ، مڪن جو استعمال ڪيو ويو هو، سنڌ اسيمبلي جي پي ٽي آءِ اڳواڻ  خرم شير زمان طرفان ته مذمتي ٺهراءُ به پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن اهو به چيو هو ته ايوان مقدس هوندا آهن، جنهن جو احترام ڪرڻ ضروري آهي. هڪ طرف پاناما ڪيس وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي ته ٻي طرف وري پارٽين ۾ ايوانن اندر به جهيڙو ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن  مقدس ايوانن ۾ به اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا ته پوءِ ڪڏهن به ايوان اندر عوام جا مسئلا حل نه ٿي سگهندا. پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ کي گهرجي ته ايوانن جو احترام ڪيو وڃي ته جئين اهڙا واقعا ڪڏهن به اسيمبلين اندر پيش نه اچي سگهن ۽ نه ئي اسيمبلي اندر گاريون ڏنيون وڃن.


No comments:

Post a Comment