Pages

Tuesday 31 January 2017

سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ هن وقت تائين جيڪي به قدم کنيا ويا آهن اهي صرف ڪاغذن تائين محدود رهيا آهن، حڪومت هميشه اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته  هنن سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن ۽ کڻي رهيا آهن پر ان باوجود سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن م اسڪول بند پيل آهن ۽ جيڪي اسڪول کليل به آهن ته اتي استاد مقرر ئي نه ٿيل آهن، ڪجهه اسڪول ته اهڙا به آهن جيڪي وڏيرن ۽ بااثرن جون اوطاقون بڻيل آهن، هونءَ  ته تعليم جي سڌاري لاءِ حڪومت هميشه اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته هنن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ هر ممڪن قدم کنيا آهن، جيڪڏهن اسان سنڌ جي اسپتالن ڏانهن به ٿوري نظر ڦيرائنداسين ته اتي به حڪومت جي پت وائکي ٿي ويندي. اڄ ڪلهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تعليمي جاڳرتا لاءِ مهم به هلي رهي آهي اهو به هڪ سٺو عمل آهي پر جيڪي ماڻهو تعليمي جاڳرتا لاءِ مهم هلائي رهيا آهن انهن کي گهرجي ته پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ بند اسڪول کولرائڻ عملي قدم کڻن ته جئين جيڪي به اسڪول بند پيا آهن انهن کي کولرايو معصوم ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ قدم کنيو وڃي، هونءَ ته سنڌ ۾ جيتريون به اسپتالون قائم آهن اتي به ڊاڪٽرن ۽ عملي جي کوٽ آهي پر ان باوجود حڪومت توڙي ٻيا وس وارا ڌيان نه ڏئي رهيا آهن،
هڪ طرف سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽر موجود نه ٿا رهن ته ٻي طرف وري  عطائي ڊاڪٽرن به آزار ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جو ڪو به اهڙو شهر نه بچيو آهي جتي عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون قائم نه ٿيل هجن، ڪجهه عرصو اڳ حڪومت طرفان  عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو هو، جنهن دوران به ڪيترن ئي عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون بند ڪيون ويون هيون پر اها مهم به ڪجهه وقت تائين جاري رهيو هو پر هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ضرورت آهي، جيڪڏهن حڪومت عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو  ويو ته ڪيترائي ماڻهو بيمارين کان بچي سگهندا، ڇاڪاڻ ته جيڪي به غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو عطائي ڊاڪٽرن تي وڃي رهيا آهن اهي صحتياب ٿيڻ بدران ويتر بيمار ٿي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي به ويٺا آهن. جيڪڏهن هن وقت عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو ته عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون بند ٿي ويندو، بهرحال عطائي ڊاڪٽرن جو معاملو هڪڙي پاسي آهي پر هن وقت سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ به ڪا عطائي ڊاڪٽرن جي کوٽ نه آهي، جيڪي به سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون آهن انهن ۾ عطائي ڊاڪٽرن کان به وڌيڪ اهل ڊاڪٽرن جي روپ ۾ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون اسپتالون هن وقت سنڌ ۾ آهن جتي مريض دانهون ڪري رهيا آهن ته انهن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن،
 اهڙيون دانهون ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ قائم سرڪاري اسپتالن جي مريضن جون به ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن پر ان باوجود حڪومت انهن جي دانهن ورنائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي، جيڪي شهرن ۾ اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن انهن اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ته موجود آهن پر مريضن جي هجوم سبب انهن جو بهتر علاج فراهم نه پيوڪيو وڃي، ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ جيڪي ٻهراڙين کان علاج سانگي اچن ٿا انهن جي وارثن لاءِ به رهائش لاءِ ڪو به بندو بست نه ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن حڪومت انهن جي رهائش لاءِ بندوبست ڪيا وڃن ته انهن جي مشڪلاتن ۾ گهٽائي اچي سگهندي. رهي ڳالهه اسڪولن جي  ته جيڪڏهن هر هڪ ماڻهو بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ قدم کڻندو ته ڪيترائي بند پيل اسڪول کلي ويندا.  هونءَ  ته سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا به اسڪول قائم ٿيل آهن  جتي استاد ئي مقرر نه ٿيل آهن جيڪڏهن جن اسڪولن ۾ استاد مقرر ٿيل به آهن ته  وري انهن  اسڪولن جون عمارتون زبون حال بڻجي چڪيوون آهن. ڪجهه شهرن ۾ ته اهڙن اسڪولن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب ڪيترائي  معصوم ٻارڙا زخمي به ٿيا آهن،  حڪومت انهن اسڪولن جي  مرمت لاءِ فنڊ ته جاري ڪري ٿي پر ان باوجود انهن  اسڪولن جي عمارتن جي مرمت تي ٽڪو به خرچ نه ٿو ڪيو وڃي ۽ حڪومت به انهن  خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، سنڌ ۾ گهوسٽ  اسڪولن جو انڪشاف به ٿيو آهي. پر حڪومت انهن کي کولرائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي.
ڪجهه اسڪول ته وڏيرن  جون اوطاقون بڻيل آهي، جن کي کولرائڻ لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان ساڃاهه وند احتجاج به ڪري رهيا آهن پر ان باوجود حڪومت جي  ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري،  هونءَ ته ڪيترائي سماجي ماڻهو ٻارڙن کي تعليم  ڏيارڻ لاءِ  جدوجهد  ڪري رهيا آهن پر  ان باوجود  سنڌ جا ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ هزارين معصوم ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، جيڪڏهن انهن  کي تعليم ڏيارڻ لاءِ عملي طور  جدوجهد ڪئي وڃي ته اهي به  ٻارڙا تعليم جهڙي   زيور  کان  محروم نه ٿا رهي سگهن ۽ تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن حڪومت چائلڊ بل تي عمل ڪرائيندي ۽ فيڪٽرين ۽  ڪارخانن ۾ معصوم ٻارڙن  کان  ڪم ڪرڻ کان روڪيندي  ته جئين معصوم ٻارڙا جبري پورهيي کان بچي سگهن ۽ تعليم  پرائڻ لاءِ اسڪولن ڏانهن وڃن،  حڪومت  کي ان سان گڏ والدين  ۾ به اها جاڳرا پيدا ڪرڻي پوندي ته  اهي  پنهنجي ٻارڙن کي اسڪولن  ڏانهن موڪلين ته  جئين  اسڪولن ۾ ٻارڙن جي حاضري  ممڪن بڻي سگهي،  صحت کاتي کي به گهرجي ته  سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي حاصري ڏينهن رات جي وقت ممڪن بڻائن ته جئين رات جي  وقت اسپتالن ايندڙ مريضن کي ڊاڪٽر جي غير  موجودگي سبب پريشان نه ٿيڻو پوي.  ڇاڪاڻ ته پرائيوٽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ته 24 ڪلاڪ موجود  هوندا آهن پر سرڪاري اسپتالن  ڏانهن ايندڙ مريضن کي  اهو ٻڌڻو پوندو آهي ته  ڊاڪٽرن موجود نه آهي جنهن سبب هو مهانگو علاج ڪرائڻ لاءِ خانگي ڪلنيڪن ڏانهن رخ ڪندا آهن، جيڪڏهن صوبائي حڪومت سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪري ته جئين  هو صحتياب ٿي سگهن  ۽ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته عوام کي صحت ۽ تعليم سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪري ۽ سنڌ جو هر هڪ ماڻهو حڪومت کان اهو ئي مطالبو ڪري رهيو آهي  انهن کي  سموريون  بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.


No comments:

Post a Comment