Pages

Tuesday 24 January 2017

پاناما جو پراڻو بحث ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي
نئين سال جي آمد ۾به هتان جون سياسي پارٽيون پاناما ليڪس جو پراڻو راڳ ڳائي رهيون آهن ۽ هڪ ٻئي خلاف سخت بيان بازي جو به سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پاناما ليڪس واري معاملي هن وقت شدت اختيار ڪري ورتي آهي، اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سپريم ڪورٽ ۾ به ڪيس هلي رهيو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سميت سموريون پارٽيون مطئمن نظر اچي رهيون آهن، پر نواز ليگ سرڪار ٿورو پريشان نظر اچي رهي آهي،  ڇاڪاڻ ته عدالت ۾ جيڪي به ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، ان دوران نواز سرڪار جي مخالفن جو موقف مضبوط رهيو آهي ۽ حڪومت جو موقف تبديل ٿيندي نظر آيو آهي، قطري شهزادي جي خط به نواز سرڪار لاءِ ڪافي ساريون رڪاوٽون پيدا ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب پاناما پيپرز نواز سرڪار لاءِ 2017 ۾ به پريشانين ۾ اضافو ڪري رهيو آهي، هڪ طرف نواز ليگ جا اڳواڻ مختلف پارٽين خلاف بيان ڏئي رهيا آهن ته ٻئي طرف وري نواز سرڪار تي به تنقيد جي برسات ٿي رهي آهي، جنهن سبب قوم وزيراعظم کان کوڙ سارا سوال پڇڻ تي مجبور ٿي وئي آهي.
 هن وقت نواز ليگ جا اڳواڻ به تمام گهڻو متحرڪ نظر اچي رهيا آهن،  وزيراعظم نوازشريف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ افتتاحي تقريبن ۾ اڻ سڌي طرح پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي، وزيراعظم نوازشريف ڪيترن ئي  خطابن ۾ چئي چڪو آهي ته ڪجهه ماڻهو ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا آهن، جيڪي پاڻ ته قوم لاءِ ڪجهه نه ڪري رهيا آهن پر ٻين کي بهتر ڪم ڪرڻ کان روڪي رهيا آهن، وزيراعظم جي اهڙي بيانن تي پي ٽي آءِ  ۽ پيپلزپارٽي سميت ٻيون جماعتون به سخت رد عمل ڏيکاريون رهيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته وزيراعظم پاناما کان بچڻ لاءِ بار بار  منصوبن جا افتتاح ڪري رهيو آهي، بهرحال هن وقت پاناما معاملو نواز سرڪار لاءِ سڀ کان وڌيڪ پريشاني جو سبب بڻيل آهي، جيڪو ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪري رهيو آهي، عمران خان جون توپون به سڌو نوازشريف ڏانهن ئي آهن ۽ هو عدالت جي ٻڌڻين مان تمام گهڻو مطئمن نظر اچي رهيو آهي.
پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب جي مرڪزي اڳواڻ قمر الزمان ڪائره به پنهنجي بيان چيو آهي ته هنن دنيا ۾ اهڙو پيءَ به ڏٺو جيڪو پاڻ بچائڻ لاءِ ٻارن کي ڦسائي رهيو آهي، بهرحال هن وقت جيڪي به پاناما ليڪس ڪيس اڳڀرائي ٿي آهي، ان دوران شريف خاندان جي بيانن ۾ ٽڪراءُ ئي نظر آيو آهي، ڪڏهن چيو ويندوآهي ته هنن جون ڪي به آف شور ڪمپنيون نه آهن ته ڪڏهن چيو ويندو آهي ته وزيراعظم جي اولاد ٽيڪس بچائن لاءِ آف شورز ڪمپنيون قائم ڪيون، ڪڏهن بيان ڏنا ويندا آهن ته وزيراعظم جي اولاد جا ڪي به فليٽ نه آهن ته ڪڏهن انهن فليٽن کي به تسليم ڪيو ويندو آهي، پر هاڻ ته پرڏيهي اخبارون به وزيراعطم نوازشريف جي اولاد بابت لکي رهيو آهي، جيڪو نواز سرڪار لاءِ هن ڀيري وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي، ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته نواز شريف جي اولاد بابت پرڏيهي اخبارن ۾ لڳل خبرون ڪنهن ماڻهو جي چوڻ تي ڇاپيون ويون آهن ته ڪجهه وري اهو به چئي رهيا  آهن ته انهن اخبارن جو معيار تمام بهتر آهي ۽ اهي اخبارون بنا ڪنهن تصديق جي ڪا به خبر ناهن لڳائيندو.
 جيڪڏهن اهي اخبارون غلط آهن ۽ انهن اخبارن وزيراعظم جي اولاد بابت غلط خبرون لڳايون آهن ته انهن تي نواز سرڪار اعتراض به اٿاري سگهي ٿي ۽ ڪيس به هلائي سگهي ٿي، پر شايد هن وقت ته نواز سرڪار جي ڪنهن به اڳواڻ به ڪو اهڙو بيان نه ڏنو آهي. هن وقت ملڪ ۾ سياسي سرگرميون به وڌي ويون آهن، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي ته جو عمران خان ماضي جيان هن ڀيري به اهي ئي بيان ڏئي رهيو آهي ته هن سال ئي ملڪ ۾ چونڊون ٿينديون ۽ ڪنهن کي به 2018 جو انتظار نه ڪرڻو پوندو، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان هن ڀيري تمام گهڻو پرسڪون به نظر اچي رهيو آهي ۽ سندس بيانن مان لڳي رهيو آهي ته هو پاناما ڪيس بابت عدالتي فيصلي جو تمام گهڻو انتظار ڪري رهيو آهي، بهرحال هن وقت ته پاناما ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي جنهن جو فيصلو عدالت سڳوري ئي ڏيندي پر عدالت کان ٻاهر سياسي پارٽين به ماحول کي تمام گهڻو گرم ڪري ڇڏيو آهي، هر هڪ پارٽي پاناما ليڪس معاملي تي پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائي رهي آهي، چونڊون ۾ کڻي هن وقت اڃا ڪافي سارو وقت پيو آهي پر ان کان اڳ ئي پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ سميت ٻيون کوڙ ساريون جماعتون به ميدان تي اچي ويون آهن، جنهن سبب به نواز سرڪار ٿورو خوفزده نظر اچي رهي آهي، هڪ طرف پي  ٽي آءِ نواز سرڪار لاءِ پاناما معاملي تي پريشانين جو سبب بڻيل آهي ته ٻيو وري پيپلزپارٽي به پنجاب ۾ دبنگ انٽري ڪئي  آهي.
بلاول ڀٽو زرداري به پنجاب ۾ جلسا ڪري رهيو آهي، هن وقت تائين جيڪي به بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ جلسا ڪري چڪو آهي ان ۾ وڏو تعداد ماڻهن جو شرڪت ڪري چڪو آهي، جنهن سبب وفاقي سرڪار  به پريشان ٿي وئي آهي، نواز سرڪار اهو سوچيو ئي نه هو ته پيپلزپارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب ۾ پنهنجا پير ڄمائي سگهندي، ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت پنجاب ۾ نواز سرڪار ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ، شايد تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿيا هجن، پنجاب جي روڊ رستن کي پڪو ڪرڻ کان  ويندي اسلام آباد کان لاهور تائين بس هلائڻ وارو منصوبو به نواز سرڪار جو هو ۽ ٻيا کوڙ سارا منصوبا به صرف پنجاب ۾ شروع ڪيا ويا هئا، جنهن مان لڳي رهيو هو ته هاڻ پنجاب ۾ صرف نواز سرڪار جو ئي عروج هوندو پر  بلاول ڀٽي زرداري جي هاڻوڪي جلسن مان اها سوچ تبديل ٿي رهي آهي.
 ڇاڪاڻ ته بلاول ڀٽي زرداري جي هاڻوڪي جلسن مان نوازسرڪار جي پريشان جو مثال ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق جي بيانن مان به ملي ٿو. جنهن ۾ هن چيو هو ته بلاول جي پيءُ جي حڪومت جو دور ملڪ لاءِ اونداهو دور هو ۽ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو هو پر هاڻ اتي ڪافي حد تائين امن امان جي صورتحال قائم ٿي چڪي آهي.  بهرحال هن وقت جهڙي ريت پنجاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ نڪري پيو آهي  شايد اڳ ۾ ڪڏهن به اهڙيون سرگرميون نه ڪيون ويون هيون، هن ڀيري جئين بلاول ڀٽو پنجاب جي ميدان ۾ لٿو آهي، تنهن ڏينهن  کان پنجاب جي سياستدان جو رخ به پيپلزپارٽي  ڏانهن ٿيندو پيو وڃي ۽ نوازسرڪار  جي توپن هاڻ عمران خان کان هٽندي پيپلزپارٽي ڏانهن رخ ڪري ڇڏيو آهي، کوڙ سارا نواز ليگ اڳواڻ پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪري رهيا آهن، وفاقي گهرو وزير  کان ويندي خواجا سعد رفيق تائين سمورا  اڳواڻ آصف زرداري جي حڪومت دور جي تشريح ڪري رهيا آهن،  بهرحال هن وقت سمورين پارٽين جي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي لڳي رهيو آهي ته ملڪ اندر چونڊون ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ اهي سموريون پارٽيون هڪ ٻئي  خلاف بيان بازي ڪري اهو ثابت ڪرڻ چاهين ٿيون ته  اهي هڪ ٻئي خلاف آهن ۽  صرف عوام جي حقن بابت ئي ڳالهائيندا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  ڪافي عرصي کان هن ملڪ ۾ نه ته توانائي بحران حل ٿي  سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا  ختم ٿي سگهيا آهن، نئين سال جي پهرين ئي مهيني ۾ پارا چنار ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، پر ان باوجود سياستدانن طرفان امن امان جي حوالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪڏهن به نه سڏائي وئي آهي ۽ نه ئي سمورين پارٽين گڏجي ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ وڌندڙ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ قدم اڳتي وڌايو آهي، باقي رهي ڳالهه پاناما پيپرز جي ته هو ماضي جيان هن سال به اهڙي نموني سان ئي هلي رهيو آهي  بس فرق ايترو آهي جو اهو اشو اڳ روڊن تي هوندو هو ۽ هاڻ اهو بال عدالت ۾ آهي، جنهن سبب هن وقت ملڪ ۾ روڊ بند ناهن ۽ نه ئي وري ڪي ڌرڻن ۽  يا ڪنٽينر سياست جو ذڪر ٿي رهيو آهي، باقي رهي ڳالهه احتجاجن ۽ ريلين جي ته اهي اڄ به نڪري رهيون آهن،  پي ٽي آءِ کان ويندي پيپلزپارٽي سموريون پارٽيون پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري رهيون آهن ۽ سمورين پارٽين جو محور پنجاب ٿيندو پيو وڃي، پيپلزپارٽي به  پنجاب ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ به  ايندڙ چونڊن لاءِ ڀرپور تيارين جي شروعات پنجاب ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي.

No comments:

Post a Comment