Pages

Saturday 24 November 2018

يوٽرن جي سياست ۽ عوام


صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر يوٽرن جو ذڪر شروع ٿي  ويو آهي، هر طرف يوٽرن بابت  ذڪر ٿي رهيو آهي، ڪجهه سياستدان وزيراعظم جي يوٽرن واري بيان تي سخت رد عمل ڏيکاري رهيا آهن ته ڪي وري  عمران خان جي انهيءَ بيان جو دفاع ڪندي نظر اچي رهيا آهن پر ان سڄي عمل دوران عوام مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته آخر يوٽرن آهي ڇا؟ ڪهڙي ڳالهه تي يوٽرن جو ذڪر تمام گهڻو ٿي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ يوٽرن بابت ذڪر ڪندي چيو ته ڪجهه عرصو اڳ شهباز شريف چيو هو ته آصف علي زرداري کي روڊن تي گهليندو پر جڏهن اسان انهن لفظن جو ورجاءُ ڪيو ته شهباز شريف چيو ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ اختلاف پيدا  ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ان کي ئي يوٽرن چيو ويندو  آهي.
هن وقت ملڪ جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون آهن، ظاهري طور تي ته اسان کي ملڪ ۾ تمام گهڻو پيسو ايندي نظر اچي رهيو آهي پر اهو پيسو ڪٿي خرچ ٿيندو ۽ ڪٿي ڪونه ٿيندو، اهو نه ته ماضي جي حڪومتن عوام کي ٻڌائڻ جي ڪا زحمت ڪئي نه ئي هاڻ ڪا حڪومت ڪري رهي آهي، جڏهن به ملڪ جي نالي تي حڪمران قرض وٺندا آهن  ته اهو نه ٻڌايو ويندو آهي ته اهو پيسو ڪٿي خرچ ٿيندو، عوام جي ڀلائي لاءِ ٿيندو يا ڪنهن ٻئي ڪم لاءِ ٿيندو؟ بهرحال حڪمرانن جي مرضي آهي ته اهو پيسو ڪٿي به خرچ ڪري سگهن ٿا پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو پيسو اڄ جيڪو امداد جي نالي تي ورتو پيو وڃي، ان جو وياج عوام کي ئي ڀرڻو پوندو ، وڌيڪ ٽيڪس لڳائي اسان کان ئي اوڳاڙي ڪئي ويندي، جيئن ته اڄ ملڪ تمام گهڻو قرضي ٿي چڪو آهي ۽ ان جو اعتراف وزيراعظم عمران خان پاڻ به ڪري چڪو آهي ته اسان کي قرض جي قسط ڀرڻ لاءِ  به قرض وٺڻو پوئجي رهيو آهي، 
جڏهن ملڪ جي معاشي اهڙي هجي ته پوءِ ان وقت آخر ڪهڙو ملڪ اچي هن ملڪ ۾سيڙپڪاري ڪندو؟ اهو به هڪ سواليا نشان آهي. بهرحال حڪومت ان باوجود چئي رهي آهي ته ٻاهران ملڪ اسان جي ملڪ اندر سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن؟ جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته پوءِ آخر عوام تي وڌيڪ ٽيڪس ڇو پيو لڳايو وڃي.  ملڪ ۾ هر شئي مهانگي ڪئي وئي آهي،کير هجي يا چار هجن يا وري  پيٽرول تمام گهڻو مهانگو ٿي چڪو آهي، جنهن سبب  ڀاڙا  به وڌي ويا آهن ۽ ان سان گڏ هر شئي  مهانگي ٿي وئي آهي،  خانگي توڙي سرڪاري ملازمن جون پگهارون ساڳيون آهن، انهن ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ  ڪا حڪمت عملي نه جوڙي وئي آهي، حڪومت چاهي جنهن وقت  به پيٽرول ۽ گيس مهانگو ڪري سگهي ٿي پر سرڪاري توڙي خانگي ملازمن جون پگهارون  وڌائڻ لاءِ انهن وٽ وقت نه آهي ۽ نه انهن حڪمرانن وٽ ڪا حڪمت عملي آهي.
جيڪڏهن حڪمران پيٽرول، گيس ۽ بجلي جا اگهه وڌائي سگهن ٿا ته پوءِ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ڏهاڙي ۾ واڌ ڇو نه ٿي ڪئي وڃي، آخر رڳو حڪمران پنهنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ ئي سو سوچي رهيا آهن، رڳو حڪمرانن جا گهر هلائڻ لاءِ ٽيڪس لڳائي هن ملڪ جي  عوام جو جيئڻ  ڇو جنجال ڪيو ويو آهي. آخر ڇو حڪمران پنهنجا شاهي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ عوام مٿان ٽيڪس لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڇا هن ملڪ جي عوام ووٽ حڪمرانن کي  ان ڪري ڏنو هو ته ڏينهن رات اجلاس ڪوٺائي رڳو عوام مٿان ٽيڪس لڳائڻ جي حڪمت عملي جوڙي وڃي، جڏهن به وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿئي يا وري اقتصادي  رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿئي رڳو عام واهپي جي شين کي مهانگو ڪرڻ جي حڪمت عملي ئي اپنائي ويندي آهي
جڏهن به حڪومت  ڪو جو اجلاس ٿيندو آهي ته ڪا نه ڪا شئِي مهانگي ضرور ڪئي ويندي آهي، نواز ليگ جي حڪومت کانپوءِ جيڪا نگران حڪومت ٺهي، ان به عوام سان ڪو گهٽ حشر نه ڪيو، نگران حڪومت به ٽيڪس لڳايا، پيٽرول مهانگو ڪيو، انهن کي به غريب عوام تي ڪو رحم نه آيو، هاڻ جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي ته ان وقت حڪمران هن ملڪ کي پنهنجي جاگير سمجهي ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائي رهيا آهن، جنهن سان پيٽرول،  گيس ۽ بجلي سميت ٻيون ڪيتريون ئي شيون مهانگيون ٿي ويون آهن ، ايتري قدر جو هن ملڪ جو رپيو به تمام گهڻو گهٽ ٿي ويو آهي ۽ ڊالر جو ملهه تمام گهڻو وڌي ويو آهي، جنهن سان حڪمرانن کي ڪو به فرق نه پئجي رهيو آهي پر غريب مان پيڙهجي رهيو آهي، انهن وٽ ڪا راهه نه بچي آهي، خانگي توڙي سرڪاري ملازمن جون پگهارون اهي ساڳيون آهن پر ٽيڪس جي شرح پنجن ڇهن مهينن جي ڀيٽ تمام گهڻو وڌي وئي آهي، 
هاڻ حڪمرانن کي جڏهن عوام جي ڀلائي جي ايڏي فڪر  آهي ته پوءِ هڪ حڪمت عملي اسان جي سياستدانن کي جوڙڻي پوندي، جيڪڏهن پيٽرول، گيس ۽ بجلي جا اگهه وڌايا ويا ته ان کان اڳ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ملازمن  جي اجرت ۾ واڌ ڪئي ويندي ۽ ان سان گڏ سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن ماڻهن جون پگهارون به ان حساب وڌايو وينديون. جيڪڏهن  ڏٺو وڃي ته حڪمران رڳو  پنهنجا شاهي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ٽيڪس لڳائي غريب عوام کان جيئڻ جوحق به کسي رهيا آهن، تحريڪ انصاف اقتدار کان اڳ  جيڪي واعدا ڪيا هئا ان تي به هاڻ عمل ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، تحريڪ انصاف عوام کي گهر  ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر هن حڪومت ۾ به ته ماڻهن جا گهر به ڊهندي ڏسي رهيا آهيون.  
تحريڪ انصاف پيٽرول سستو ڪرڻ جو چيو هو پر  هن حڪومت ۾  ته پيٽرول ته ڇا بجلي ۽  گيس جا اگهه  وڌائي عوام جي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ تحريڪ انصاف  ڌرڻن دوران مهانگائي   ختم ڪرڻ ۽ قرض نه وٺڻ جو  اعلان ڪيو هو پر آءِ ايم ايف ته ڇا چين، سعودي عرب ۽ گڏيل ارب  امارت کان به امداد ورتي پئي وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته ان سان ملڪ جي خوشحالي ايندي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وياج تي پيسو  ڪڏهن به لهي نه سگهندو آهي، اهو وڌندو ويندو آهي.   تحريڪ انصاف ته  ڪجهه عرصو حڪومت ڪرڻ کانپوءِ واپس هلي ويندي پر عوام  تي ان قرض کي لاهڻ لاءِ ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائڻ لاءِ اجلاس ٿيندا ۽ انهن اجلاسن کي ڪوٺائڻ لاءِ به عوام جو پيسو خرچ ڪيو ويندو ۽ ان  جو بار به عوام تي ئي پوندو آهي. بهرحال ملڪ جو قرض لهي يا نه لهي پر  هن وقت  جيڪو اصل مئسلو آهي، اها بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو آهي، ماڻهن کي روزگار ڏيڻ بدران بيروزگار ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس لڳڻ سبب عوام جون رات جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، اهو سڀ ڪجهه هن حڪومت ۾ ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت روز ڪا نه ڪي شئي مهانگي ڪري عوام کي پريشان ڪري ڇڏي آهي، پر حڪومت کي ملازمن جون پگهارون وڌائڻ لاءِ  حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ وقت نه آهي.
اسان تحريڪ انصاف خاص طور وزيراعظم عمران خان کي چونداسين ته اوهان ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ يوٽرن کي عظيم اڳواڻ جي نشاني قرار ڏيندي چيو هو ته جيڪو يو ٽرن نٿو وٺي اهو ليڊر ئي ناهي،  نپولين ۽ هٽلر يو ٽرن نه وٺڻ جي ڪري تاريخي شڪست کاڌي،  حالتن موجب يوٽرن نه وٺندڙ ڪڏهن به سٺو ليڊر نٿو ٿي سگهي ۽ يوٽرن نه وٺي ڄاڻندڙ جهڙو ڪو ٻيو بي وقوف نه هوندو. اسان ته وزيراعظم کي  اهو ئي چونداسين ته اوهان يوٽرن وٺو پر ان سان گڏ گيس، بجلي ۽ پيٽرول جي وڌايل اگهن واري فيصلي تي وٺو ته جيئن خبر  پئي ته عوام جي مفادن لاءِ به يوٽرن وٺڻ ڄاڻيو ٿا، جيڪڏهن اهڙن مسئلن  تي يوٽرن نه ورتو ويو ته ان سان عوام ۾ اوهان بابت اعتماد تمام گهڻو گهٽجي ويندو



No comments:

Post a Comment