Pages

Friday 23 November 2018

ڌارين لاءِ سولائي ۽ اصلوڪن لاءِ ڏکيائون


صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ آبادي تمام گهڻو تيزي سان وڌي رهي آهي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار به ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ وڌندڙ آبادي تي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظاهر ڪيو هو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ  جا سياستدان چئي رهيا آهن ته ملڪ جي آبادي ٻار وڌيڪ پيدا ڪرڻ سان وڌي رهي آهي ۽ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چئي رهيو آهي ته وڌندڙ آبادي سبب پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي، جنهن سبب ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن اسان انهن ٻنهي ڳالهين تي ڌيان ڏيون ته ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته وڌندڙ آبادي سان مستقبل ۾ پاڻي جو مسئلو پيدا ٿيندو پر افسوس هن ملڪ جي حڪمرانن امداد جي چڪر ۾ جيڪي ڪروڙين افغانين، بيهاري، بنگالي، برمي، ايراني ۽ ٻيا مهاجر ڀريا آهن، ان سان ملڪ ۾ آبادي ناهي وڌي،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آبادي جو ڪجهه سالن ۾ ٻيڻ،ٽيڻ تي وڌي وڃڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ حڪمرانن پاران امداد وٺي ملڪ ۾ ڌاريا آباد ڪرڻ آهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ ڌارين جي لوڌ کي آباد نه ڪيو وڃي ها ته، نه ملڪ ۾ آبادي وڌي ها ۽ نه ئي وري ملڪ ۾ دهشتگردي هجي ها ۽ نه ئي ڪنهن دهشتگرد کي همت ٿئي ها ته هن ملڪ مان ماڻهو اغوا ڪري سولائي سان افغانستان کڻي وڃي ها ۽ بعد انهن جا لاش ملن ها. بهرحال  ملڪ ۾ جيڪو پاڻي جي کوٽ مسئلو آهي، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ملڪ جي وڌندڙ آبادي آهي، جيڪڏهن حڪمران ڪروڙن جي تعداد ۾ ڌارين کي آباد ڪن ٿا ته پوءِ انهن کي خوراڪ، پاڻي، روزگار ۽ صحت جون سهولتون به  ڏيڻيون پوندو، هونئن به هن ملڪ  خاص طور تي سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي  کوٽ آهي ، سنڌ جا اصل وارث بيروزگار آهن پر ان باوجود  سنڌ اندر ڌارين کي  آباد ڪيو پيو وڃي، جنهن  سبب سنڌ جا اصل وارث  ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهيا آهن. جيڪڏهن هن ملڪ  ۾  ڌارين کي آباد نه ڪيو وڃي ها ته ملڪ  جي آبادي ايترو جلدي نه وڌي وڃي ها.
اڄڪلهه ملڪ ۾ نئين ملڪ جا چرچا هلي رهيا آهن، هڪڙا سياستدان نئين ملڪ جي مخالفت ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري نئين ملڪ جي حمايت ڪري رهيا آهن، گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير  شهريار آفريدي چيو آهي ته تبديلي بٽڻ دٻائڻ سان نه ايندي آهي،  کين ڪجهه وقت ڏنو وڃي،  جڏهن ملڪ ۾ چونڊون ٿي رهيون هيون ته ان وقت تبديلي جو نعرو هنيو ويو هو پر افسوس اڄ  به ڪا به تبديلي نظر نه  اچي رهي آهي. ملڪ ۾ ساڳيون ئي حالتون آهن، پراڻي ملڪ ۾ سنڌ جو آبادگار ڪمند جي اگهن خلاف احتجاج ڪندو هو ته اڄ نئين ملڪ ۾ به آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهي، ملڪ جي ٽنهي صوبن ۾ سياسي چهرن جي تبديلي ته نظر اچي رهي آهي پر  سنڌ ۾ اها به تبديلي نظر نه پئي اچي، جنهن کي ڏسي ڪير چئي سگهي ته سنڌ ۾ به ڪا تبديلي آهي.
تحريڪ انصاف جي نئين ملڪ ۾ ٽن صوبن کان سواءِ سنڌ ۾  ساڳا چهرا نظر اچي رهيا آهن، جيڪي اسان گذريل  ڏهن سالن کان ڏسي رهيا آهيون.  پراڻي ملڪ ۾ به سنڌ جا ماڻهو پاڻي، ڌارين جي لوڌ ۽ نوجوانن جي گمشدگين خلاف احتجاج ڪندا هئا اڄ به نئين ملڪ ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن پر افسوس جو  نه پراڻي ملڪ جي حڪمرانن جي ڪن تي ڪا جونءَ چري ۽ نه ئي وري نئين ملڪ جي حڪمرانن کي ڪو فرق پئجي رهيو آهي. مطلب ته  اڳ ماڻهو احتجاج ڪندا هئا ته اهو نظر ايندو   هو پر هن نئين ملڪ ۾ اهو احتجاج به نظر نه اچي رهيو آهي، اڳ  جڏهن به حڪومت ڪو غلط فيصلو ڪندي هئي ته عوام روڊن تي نظر ايندو هو پر هاڻ عوام روڊن تي اچي به ٿو ته اهو نظر نه پيو اچي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪا خبر پئجي سگهندي آهي ته ڪو احتجاج ڪري رهيو  آهي، رڳو سوشل ميڊيا تي اهي حقيقتون نظر اينديون آهن پر هاڻ ان سوشل ميڊيا تي وڌيڪ سختيون ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ سوشل ميڊيا کي پنجوڙ ۾ جڪڙڻ لاءِ سازشون ٿي رهيون آهن ته جيئن حڪمرانن جو اصل چهرو دنيا آڏو وائکو نه ٿي سگهي.
بهرحال ڪيترائي حڪمران آيا ۽ ويا، انهن ڪيترائي سخت فيصلا به ڪيا پر جڏهن انهن جو اقتدار هليو ويو ته پوءِ انهن کي خبر پئي ته سوشل ميڊيا ئي سندن اصل سهارو بڻي، نواز ليگ جي جڏهن حڪومت هئي  ته ان وقت سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر  هاڻ جڏهن نواز ليگ اقتدار کان ٻاهر آهي ته نوازشريف ۽ نواز ليگ اڳواڻ سوشل ميڊيا جو ئي سهارو وٺي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته اهو حڪومت خلاف جيڪو ڪجهه ڳالهائيندا، اهو شايد عوام وٽ ايترو سولائي سان پهچي نه سگهندو پر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل خبر عوام وٽ تڪڙي پهچي ويندي. بهرحال حڪومت جيڪو ڪجهه چاهي ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن چاهي ته قانون سخت به ڪري سگهي ٿي پر قانون سخت ڪرڻ کان اڳ ايترو ضرور سوچيو وڃي ته اها سوشل ميڊيا ئي آهي جو چيف جسٽس ۽ وزيراعظم کي نوٽيس وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي، جيڪڏهن قانون سخت ڪيو ويو ته پوءِ ڪو به غريبن جي پرگهور به نه لهندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  هن وقت حالتون به تمام گهڻيون خراب آهن.سنڌ جو عوام پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي، ڌارين جي لوڌ کي مستقل آباد ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، نادرا جيڪو هن ملڪ جو حساس ادارو آهي، قومي سلامتي جو ادارو آهي، ان ته حد ڪري ڇڏي آهي، ڌارين کي سولائي سان ڪارڊ ٺاهي ڏنا پيا وڃن، ايتري قدر جو ته ڪراچي ۾ ايراني، بنگالي، بيهاري، برمي ۽ افغاني وڏي انگ ۾ ترسيل آهن، جن کي سولائي سان ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويا آهن پر هتان جي اصلوڪن سان اهو ويڌن آهي جو ڪجهه ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ته  بنگلاديش جو ڄاڻائي بلاڪ  ڪيا ويا آهن ته ڪن جا ڪارڊ عمر  يا ڪجهه ٻين سبب جي بند ڪيا ويا آهن،ا يتري قدر جو انهن کي مختلف طريقن سان رلايو  به پيو وڃي.
مطلب ته  هن ملڪ جو هي حساس ادارو  ڌارين جي لاءِ سولائي پيدا ڪري رهيو آهي ۽ انهن کي ڌڙا ڌڙ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏئي رهيو آهي ۽ وزيراعظم سميت سمورا وزير  اهڙي عمل جي طرفداري به ڪري رهيا آهن، نادرا جي عملي کي ته الائي ڪنهن جو آشير وارد  آهي جو 24 ڪلاڪ ڪراچي ۾ ڌارين جي لوڌ کي ڪارڊ  ٺاهي ڏنا پيا وڃن  ۽ ان خلاف سنڌ جا ماڻهون سراپا احتجاج به آهن پر افسوس جو  حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، نادرا رڳو ملڪ جي اصلوڪن کي ئي رلائي رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جا ڪارڊ نه ٺهي سگهيا آهن، ايتري قدر جو سنڌ جا ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ته ڪيترن ئي ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ آهي نه؟ اهو ان جي ڪري ئي آهي ته نادرا هڪ ته فيس تمام گهڻي وڌائي ڇڏي آهي ۽ ٻيو عوام کي نادرا عملي پاران تمام گهڻو تنگ ڪيو پيو وڃي، انهن مان آئون پاڻ به هڪ آهيان. بهرحال نادرا عملو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، ان سان عوام کي ته نقصان ٿي رهيو آهي پر هن ملڪ کي جيڪو نقصان ٿيندو،اهو اسان جي ست نسلن کي ڀوڳڻو پوندو.
سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته آخر اهي ڪهڙيون قوتون آهن جيڪي نادرا کي هن ملڪ جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ايرانين، بنگالين، بيهارين ۽ افغانين وٽ ته سڃاڻپ ڪارڊ آهن ۽ انهن جا ڪير بلاڪ به نه پيو ڪري پر  هن ملڪ جي اصلوڪن کي ڪارڊ ڏيڻ ۾ نادرا کي الائي ڪهڙي تڪليف ٿي رهي آهي؟ اها به نه ٿي خبر پئي ته جيڪا پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ته پرڏيهي ملڪن جي ماڻهن جي ايتري سار سنڀال ڇو ڪندي آهي ۽ انهن کي هن ملڪ جو شهري تسليم ڪرائڻ لاءِ ڇو لڳي ويندي آهي.
سنڌ مان به جيڪا پارٽي ڪامياب ٿيندي آهي ته اقتدار ۾ اچڻ بعد ان جو به رنگ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ چيو ويندو آهي ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏنا ويندا پوءِ ڪنهن کي اها ڳالهه وڻي يا نه وڻي.جڏهن سنڌ مان ڪامياب ٿيندڙ سياستدان ئي اهڙا لفظ ڳالهائن ته ان مان صاف ظاهر ٿي وڃي ٿو ته هڪ عالمي سازش تحت سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ اسان جا حڪمران امداد جي چڪر ۾ هن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن، جيڪڏهن حڪمرانن کي ملڪ جي ڪا پرواهه هجي ها ته ملڪ ۾ ڌارين جو سولائي سان وڏي انگ ۾ داخل ٿيڻ ناممڪن هجي ها پر افسوس ڌارين جي لوڌ سرحد پار ڪري آساني سان هن ملڪ ۾ اچي آباد ٿي رهي آهي ۽ انهن کي هن ملڪ جي سياستدانن جو به آشيروارد آهي، جيڪڏهن ملڪ جو عوام هن وقت به ڌارين جي لوڌ ۽ نادرا جي رويي خلاف احتجاج لاءِ نه نڪتو ته هن ملڪ ۾ اصلوڪا گهٽ ڌارين جي لوڌ تمام گهڻي هوندي.
جيڪڏهن سمورن ڌارين کي هن ملڪ جا ڪارڊ ملي ويا ته هن ملڪ جي سلامتي به تمام گهڻي خطري ۾ پئجي ويندي، جيڪي ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏي هتي آباد ٿيندا ڇا هن ملڪ جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا ، نه اهو ڪڏهن به نه ٿيندو ڇا ڪاڻ ته جيڪي ماڻهو پنهنجي وطن کي ڇڏي سگهن ٿا ته هن ملڪ کي به ڏکئي وقت ۾ ڇڏڻ ۾ دير نه ڪندا، جيڪڏهن حڪمرانن کي انسانيت ڏيکارڻي آهي ته هن ملڪ جي اصلوڪن ماڻهن کي ڏيکارين ۽ ڌارين کي آباد ڪرڻ بدران هن ملڪ جي اصلوڪن ماڻهن کي روزگار ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪري.

No comments:

Post a Comment