Pages

Sunday 25 November 2018

آبادگارن جو احتجاج ۽ سياستدانن جو روايتي جواب


صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگار سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن،  ايتري قدر جو آبادگار وڃي اسلام آباد به پهتا آهن پر انهن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي، جوهي هجي ايا وري  سنڌ جو ڪو ٻيو علائقو هر طرف آبادگار پاڻي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل  آهي، ڪٿي   آبادگارن کي پاڻي نه ٿو ملي ته ڪٿي وري آبادگارن کي وري فصل جو اگهه صحيح نه ملي رهيو آهي، جنهن سبب هو انهن جون پريشانيون ڏينهون ڏينهن وڌنديون پيون وڃن، ڳرا ٽيڪس لڳڻ سبب  فصل  جو ٻج، دوائون ۽ ڀاڻ به تمام گهڻو مهانگو ٿي ويو  آهي پر  فصل جو اگهه اهو ساڳيو ئي آهي، نه ڪڻڪ مهانگي ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري چانورن جو اگهه وڌايو  ويو آهي ۽ نه ئي وري ڪمند جي اگهه ۾ ڪا واڌ نظر اچي رهي آهي.
اڄ به سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آبادگار ڪمند  جا اگهه گهٽ هئڻ سبب سراپا احتجاج آهن،  پر ان باوجود حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري.  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت حڪومت وٽ  آبادگارن لاءِ ڪا  به حڪمت عملي نظر نه اچي رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت وٽ ڪا حڪمت عملي هجي ها ته اڄ آٻادگار سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪندي نظر  نه اچن  ها ۽ نه ئي وري انهن کي اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ جي ضرورت پئي ها. ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي  جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر لال چند مالهي چيو ته  چونڊن کان پوءِ سنڌ جي آبادگارن کي پاڻي لاءِ ترسايو پيو وڃي، کين انتقام جو نشانو بڻائيدي پاڻي بند ڪيو ويو آهي. جيڪي آبادگار پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن،ا نهن خلاف ڪيس به داخل ٿي رهيا اهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته  سنڌ ۾ پاڻي  کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿي رهيا آهن پر اهو ڪو هي پيهريون ڀيرو نه ٿيو آهي، ان کان اڳ به سنڌودرياهه جي پاڻي کي بند ڏيڻ خلاف احتجاج ٿيندا آهن ۽ پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروايون به ٿينديون رهيون آهن، جيڪي اڄ به جاري ۽ ساري آهن ۽ جيڪي ماڻهو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن کي مختلف لقب به ڏنا ويندا آهن. بهرحال اهو سلسلو هن ملڪ ڳچ عرصي کان هلندڙ آهي، اهو تڏهن ئي رڪجي سگهجي ٿو جڏهن ته اسان جي ملڪ جا حڪمران سنيجده ٿين ۽ عوام جي مسئلن کي سمجهن ۽ طاقت جي استعمال کان اڳ  ايترو ضرور سوچين ته طاقت جي استعمال سان رياست ڪمزور ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن حڪمران پنهنجي عوام تي طاقت جو استعمال ڪندا آهن ته ان سان عوام جو رد عمل به ايندو  آهي، اهو رد عمل رياست جي لاءِ فائديمند نه هوندو آهي.
بهرحال سنڌ ۾ حڪمرانن سنڌ جي عوام  جي آبادگارن جي خوشحالي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، جنهن سبب اڄ ڏينهن تائين اهم شعبو زراعت  تباهي جي ڪنڌي تي پهتل آهي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار چاهي ته سنڌ جو هاري خوشحال ٿي سگهي ٿو پر افسوس هتي سرمائيداري نظام هئڻ سبب سنڌ جو عوام بک ۽ بدحالي واري صورتحال کي  منهن ڏئي رهيو آهي،  هونئن ته سڄي ملڪ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج  ٿي رهيا آهن ۽ خاص طور تي پڇڙي وارن  کي پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج به ٿيندا رهيا آهن پر هن ڀيري جوهي جا آبادگارن همت جو مظاهرو ڪري پاڻي کوٽ خلاف  هڪ تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، جيڪو هڪ سٺو عمل آهي.
اسلام آباد، ڪراچي، حيدر آباد سميت سنڌ جي  مختلف شهرن ۾ جوهي جي آبادگارن هڪ تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، جيڪڏهن سڄي سنڌ جو عوام پاڻي کوٽ خلاف ايئن پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو رهيو ته عالمي سطح تي هڪ نه هڪ ڏينهن انهن جو عوام ضرور پهچندو. بدقسصمتي سان هن ملڪ ۾ سنڌ سرڪار هجي يا وفاقي سرڪار، انهن ٻنهي وٽ  عوام جي ڀلائي جي لاءِ سوچڻ لاءِ وقت ئي نه آهي، جنهن سبب اڄ ڏينهن تائين نه بجلي جو بحران ختم ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. هميشه سياستدانن پاران هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ واري  روايت برقرار رهي  آهي.  جيڪڏهن حڪومت ٿورو سنيجدگي سان سوچي ۽ آبادگارن جي  فلاح  لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي ته هن ملڪ ۾ خوشحالي اچي ويندي.
جيڪڏهن هن ملڪ جو عوام ئي خوشحال نه هوندو ته ملڪ ترقي ڪيئن پنهنجن پيرن تي بيهي سگهندو. جيڪڏهن حڪمران چاهين ته زراعت جي شعبي کي هٿي وٺرائي سگهن ٿا. بهرحال سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سان گڏ فصل جو مناسب اگهه نه ملڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن سبب ماضي ۾ به آبادگار احتجاج ڪندي نظر آيا آهن. ايتري قدر جو ڪمند جو اگهه درست نه ملڻ سبب آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن، اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ڪمند جو اگهه نه ملڻ سبب هارين ڪمند پوکڻ ئي ڇڏي ڇڏيو آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ شگھر ملز مافيا  کين مناسب اگهه نه ٿي ڏئي، جنهن سبب هو ڪمند پوکڻ نه ٿا چاهين، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماضي ۾ ته سنڌ جي آبادگارن پنهنجي فصل کي باهه ڏئي ڇڏي هئي ۽ چيو هو ته ڪجهه به ٿي پئي هو گهٽ اگهه تي پنهنجو ڪمند وڪرو نه ڪندا.
اسان ته سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار کان اهو ئي مطالبو ڪنداسين ته  فوري طور آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪرڻ سان  انهن کي کي مناسب سهولتون فراهم ڪري ته جيئن سنڌ جا هاري بک ۽ بدحالي واري صورتحال مان ٻاهر نڪري سگهن.  جئين ته هن وقت ملڪ جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، جيڪڏهن  سنڌ ۾ آبادگارن کي پاڻي نه مليو ته  ملڪ اندر کاڌي پيتي جي شين جي تمام گهڻي کوٽ ٿي ويندي ۽ مهانگائي سبب ڪڻڪ ۽ کنڊ ٻاهران گهرائڻي پئجي ويندي ۽ ان سان گڏ هن ملڪ جي عوام جو ته نقصان ٿيندو پر ان سان گڏ هن ملڪي کي به تمام گهڻو نقصان ٿيندو، جنهن سبب سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ ملڪ  ۽ عوام جو ٻيڙو  نه ٻوڙيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ جي آبادگارن کي پاڻي ئي نه مليو ته پوءِ حڪومت افغانستان کي ڪڻڪ جي امداد به ڪري نه سگهندي.  
03213631398

No comments:

Post a Comment