Pages

Tuesday 27 November 2018

حڪومت جا سئو ڏينهن ۽ عوامي رد عمل


صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پاران ڪنٽينر واري سياست دوران ڪيل ڳالهين تان يوٽرن وٺن کان وٺي احتجاج ڪندڙن کي ڪنٽينر فراهم ڪرڻ واري واعدي تائين يوٽرن ورتو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو هو ته جيڪو به ماڻهو  ڌرڻو هڻندو يا احتجاج ڪندو هو ان کي پاڻ ڪنٽينر فراهم ڪندو پر جڏهن  کي ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هئا ته  سرڪاري ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ پوليس  آفيسرن سميت مختلف کاتن ۾  مقرريون ۽  بدليون به ڪيون ويون  پر افسوس جو ان جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو، ان سان گڏ تحريڪ انصاف اقتدار  ۾ اچڻ کان اڳ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو به ڪيو  هو پر افسوس جو ان جي ابٽڙ ئي ڪم ٿي رهيو آهي، نوڪريون ڏيڻ بدران ماڻهن کي نوڪرين تان هٽايو پيو وڃي،
تحريڪ انصاف پاران ٽيڪس گهٽائڻ ۽ غربت ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر  ان تي  به عمل ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، حڪومت هر وقت اهڙا  قدم کڻي رهي آهي، جنهن سان اپوزيشن کي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، هي  تاريخ جي پهرين حڪومت آهي، جنهن کي اقتدار ۾ اچڻ  سان ئي احتجاجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ اهو احتجاج ڪو نواز ليگ يا پيپلزپارٽي طرفان نه پيو ڪيو پيو وڃي پر انهن ڌرين  پاران ڪيو پيو وڃي، جن جي تحريڪ انصاف ڪڏهن به مخالفت نه ڪئي هئي نه ئي وري انهن جي ڌرڻن کي غلط قرار ڏنو هو پر هاڻ انهن ڌرين کي فسادي ٻيو الائي ڇا ڇا چيو پيو وڃي،
مطلب ته تحريڪ انصاف احتجاج ڪندڙن کي ڪنٽينر فراهم ڪرڻ بدران جيل جي ياترا ڪرائي رهي آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف ڪيترائي  ڏينهن ڌرڻا هنيا پر ان باوجود ڪنهن به شخص کي گرفتار نه ڪيو ويو پر جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ٽي ڏينهن احتجاج ٿيا ته ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ٽن ڏينهن جي ڌرڻن سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر ان کان اڳ تحريڪ انصاف پاڻ نواز ليگ جي حڪومت ڪيترائي ڏينهن ملڪ جي گاڏي واري شهر ۾ ڌرڻا هينا هئا. اهڙي بيان کان پوءِ نواز ليگ تحريڪ انصاف کان انهن ڌرڻن جي نقصان بابت پڇيو پر تحريڪ انصاف ڪو به جواب نه ڏنو.
تحريڪ انصاف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ، هڪڙن کي پنهنجا گهر ليز ڪرائڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ هڪڙن جا گهر غيرقانوني قرار ڏئي ڊاهڻ  وارا فيصلا ڪيا ويا، جنهن تي به حڪومت تي سخت تنقيد ٿي، ايتري قدر تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اقتدار جو فائدو به حاصل ڪيو. پاڪ پتن جي ڊي پي او کي هٽايو ويو، جنهن جو سوشل ميڊيا تي هنگامو مچڻ بعد سپريم ڪورٽ کي نوٽيس به وٺڻو پيو هو، جنهن دوران انڪشاف ٿيو هو ته وزيراعظم جي زباني حڪم تي ڊي پي او کي هٽايو ويو هو، جنهن تي  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو هو ته جيڪڏهن وزيراعظم کي بدلي ۽ مقرري ڪرڻ جو اختيار نه آهي ته پوءِ اليڪشن ڇو ڪرايو ويو هو، اهڙي بيان تي عدالت عظميٰ طرفان ڪاوڙ جو به اظهار ڪيو هو.
بهرحال ان کان پوءِ  تحريڪ انصاف 50 لک گهر تعمير جو اعلان ڪيو هو ۽ انهن گهرن بابت فارم به جاري ڪيا ويا ۽ ماڻهن فارم به ورتا پر اهي گهر ڪڏهن ۽ ڪٿي ٺهندا، ان بابت ڪنهن کي خبر نه آهي. ان کانپوءِ آءِ جي اسلام آباد کي هٽايو ويو، جنهن بابت چيو ويو ته ان کي اعظم سواتي جي فون نه کڻڻ تي  هٽايو ويو  آهي، ان جو به سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو هو ۽ جاچ ٽيم ان بابت رپورٽ به جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف  اقتدار کان اڳ بجلي، گيس ۽ پيٽرول سستو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر افسوس حڪومت ملڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف گيس جا اگهه ٻيڻ تي ڪري ڇڏيا ۽ بجلي ۽ گيس جا اگهه وڌائي عوام جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي.
اڄ به  سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عوام  مهانگيون شيون خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي پر افسوس جو حڪمرانن کي ڪجهه نظر نه اچي رهيو آهي، روز اجلاس گهرائي رڳو اها حڪمت عملي جوڙي ويندي آهي ته عوام مٿان ڪهڙو ٽيڪس لڳايو وڃي، ان حوالي سان مختلف ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويندو آهي، مطلب ته عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪو به اجلاس نه ڪوٺايو ويندو آهي پر اهي اجلاس رڳو عوام کان پيسا اوڳاڙڻ جي لاءِ ڪوٺايا ويندا آهن، هن حڪومت ۾ غريب ماڻهن هجن يا واپاري سخت  پريشان ٿي ويا آهن، ڪاروبار  به گهٽجي ويو آهي ۽ ملڪي معيشيت به سگهاري ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي، اسٽيٽ بينڪ چيو آهي ته سعودي عرب کان مليل پيسا رڳو ڏيکارڻ لاءِ آهي، استعمال ڪري نه ٿا سگهجن.هوننئن ته وزيراعظم چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات سميت ٻين ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي، ان حوالي سان چيو پيو وڃي ته پاڪستان کي تمام گهڻي امداد ملي آهي پر ان باوجود آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جون ڳالهيون به ٿيون آهن،
ايتري قدر جو آءِ ايم ايف جو وفد اسلام آباد ۽ ڪيترائي ڏينهن ڳالهيون به هلنديون رهيون به پر ان بابت هن وقت تائين ڪا خاص خبر اچي نه سگهي آهي. بهرحال قرض نه وٺڻ جون ڳالهيون ڪندڙ  جماعت اڄ مختلف ملڪن کان قرض وٺڻ لاءِ دورا ڪري رهي آهي، ڪجهه ملڪن طرفان قرض ڏنو ويو آهي پر ان بابت هن وقت تائين ڪو واضح بيان نه ڏنو ويو آهي، رهي ڳالهه سعودي عرب جي ته سعودي عرب طرفان پيٽرول ملڻ باوجود عوام کي مهانگي اگهه تي پيٽرول ڏنو پيو وڃي. هونئن ته سڄي دنيا ۾ پيٽرول سستو ٿي رهيو آهي پر هن ملڪ مهانگو ٿي رهي آهي ۽ هن ملڪ ۾ پيٽرول مهانگو ڇو نه ٿئي؟  هن ملڪ تبديلي جو اچي وئي آهي،  جيڪڏهن مهانگيون شيون نه ملن ته آخر اسان ڪيئن چئي سگهون ٿا ته هن ملڪ ۾ تبديلي اچي وئي آهي.
بهرحال هي دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي وڌ کان وڌ ٽيڪس غريب ماڻهن تي لڳايو ويو آهي، جنهن سان غريب ماڻهو ڏينهون ڏينهن غريب ۽ امير  ڏينهون ڏينهن امير ٿيندو پيو وڃي. جيئن ته تحريڪ انصاف حڪومت کي اقتدار سنڀاليندي 100 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ان حوالي سان تحريڪ انصاف پاران 29 نومبر تي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس به ڪوٺايو ويو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا سئو ڏينهن سئو يوٽرن رهيا، جڏهن به بلاول ڀٽو هڪ نعرو به هينو آهي ته ڏهن جي ماني پندرهن جو نان، واهه ڙي عمران خان.  ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سئو ڏينهن ۾ تاريخي يوٽرن ۽ ڪوڙ قسطن جي صورت ۾ اچڻ وارا آهن، سئو ڪوڙ لڪائڻ لاءِ وڌيڪ سئو ڪوڙ ڳالهايا ويندا. ٻئي طرف وزير اعظم سيڪريٽريٽ ۽ هائوس بجلي جي بلن جون 11 ڪروڙ رپين جون رهتون ادا نه ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته ميڊيا تي اهي به خبرون آهن ته ملڪ جي سڀ کان وڏي آفيس ايوان صدر به بجلي جو بل ادا ناهي ڪيو جيڪو اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني (آيسڪو) جو قرضي آهي. وزير اعظم هائوس بجلي جي بلن جا 3 ڪروڙ رپيا ۽ وزير اعظم سيڪريٽريٽ 9 ڪروڙ رپيا ادا ناهن ڪيا.
بهرحال  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ کان هڪ صحافي سئو ڏينهن واري ڪارڪردگي تي سوال ڪيو هو، جنهن جو جواب ڏيندي  بابر اعواڻ چيو هو ته هاڻ ملڪ ۾ ڪا به چوري نه ٿي رهي آهي ۽ نه ئي ڪو احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي وري روڊ بلاڪ ڪر ي رهيوآ هي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سچ ئي چئي رهيو آهي، جڏهن   عوام کي احتجاج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۽ ميڊيا  به انهن جو احتجاج ڏيکارڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچي ته اتي دنيا کي ته اهو لڳندو ته هن ملڪ ۾ هاڻ امن ٿي چڪو آهي پر بابر اعواڻ جي ان بيان جي تازو ٿيل احتجاجي ڌرڻن پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.

No comments:

Post a Comment