Pages

Wednesday 28 November 2018

سنڌو کي بند ٻڌڻ خلاف ثقافتي ڏهاڙي عالمي سطح تي احتجاج موقعو

صاحب خان ڀٽي



سنڌ ڌرتي صوفين جي سرزمين آهي، هن ڌرتي تي امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هتان جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن ۽ ان ئي مهمانوازي جو فائدو وٺي هر ڪنهن سنڌ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر سنڌ جي بهادر پٽن انهن ڪوششن کي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ناڪام بڻايو آهي،  سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري هجي يا وري سنڌو درياهه کي  بند ٻڌڻ جون سازشون هجن، سنڌ جا  غيرتمند پٽ ڪفن پهرين روڊن تي  پر امن احتجاج ڪندي نظر آيا آهن پر افسوس جو ان باوجود به ملڪ جي حڪمرانن سنڌ سان زيادتيون ڪرڻ بند نه ڪيون آهن، هن وقت به پاڻي کوٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن پر ان باوجود  حڪمرانن جي ڪن تي ڪا جونءَ نه ٿي چري.
 جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪ اندر پاڻي جو بحران هلي رهيو آهي، برسات پوڻ جو سلسلو به ملڪ اندر گهٽجي ويو آهي، جنهن سبب  زرعي پاڻي سان گڏ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو به ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، سنڌو درياهه ۾ به  پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي، بدين ٺٽو ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پاڻي نه هئڻ سبب زمينون بنجر بڻجي ويو آهي، جيڪو پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇڏي پيو وڃي اهو به ڊيلٽا جي لاءِ ناڪافي آهي،  ڊيلٽا ۾  مٺو پاڻي نه پوڻ سبب سنڌ جي هزاري ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي پر وفاقي حڪومت کي ان  جو ڪو به فڪر نه آهي، پنجاب مان ايندڙ زهريلي پاڻي سنڌ جي قدرتي ڊيم منڇر ڍنڍ کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ منڇر ڍنڍ جو پاڻي هاڻ پيئڻ جي  قابل نه رهيو آهي.
هن ڍنڍ جي ڪپرن تي آباد مهاڻا به لڏپلاڻ ڪري هليا ويا آهن، جيڪو ڪجهه نظر ايندا آهن، اهي به ويچارا هاڻ غربت ۽ مفلسي واري زندگي گهاري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن هن ڍنڍ جو پاڻي مٺو هوندو هو ته هتي مڇي تمام گهڻي ٿيندي هئي ۽ هن ڍنڍ تي  مهمان پکي به سياري جي موسم ۾ ايندا هئا پر افسوس جو  هاڻ هن ڍنڍ جو پاڻي  زهريلو ٿي و يو آهي،  سنڌ سرڪار هجي يا وفاق، ٻنهي حڪومتن وٽ منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ فنڊ نه  آهن ۽ نه ئي وري منڇر ڍنڍ  جو پاڻي آلودگي جو شڪار ڪيئن ٿيو، ان بابت جاچ ڪرڻ جي لاءِ ڪو وقت آهي، جيئن  سنڌ اندر هڪ سازش تحت ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪري پوءِ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ جو اعلان ڪيو ويو، ايئن  منڇر ڍنڍ جو حشر ڪيو ويو آهي، هن  ڍنڍ ۾ به  زهريلو پاڻي ايئن داخل ڪيو ويو آهي، جيئن حڪمرانن افغانين، بنگالين، بيهارين ۽ برمين کي سنڌ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جهڙو حڪمرانن سنڌ جي اصل وارثن سان ڪيو آهي، اهڙو ئي حشر هن قدرتي ڊيم سان ڪيو ويو آهي. هڪ طرف سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي سبب آبادي ٻيڻ ٽيڻ تي ٿي وئي آهي ته مٿان وري سنڌو درياهه ۾ پاڻي بدران واري اڏامي  رهي آهي، ڪجهه ڊيم جيڪي ملڪ آهن، انهن مان به سنڌ کي پنهنجي پاڻي جو حصو نه ملي آهي، سنڌ سان معاهدو ڪيو ويو هو ته ڊائون اسٽريم تائين پاڻي ڇڏيو ويندو ته جيئن ڊيلٽا ۾ پاڻي پئي، ڊيلٽا بچيل رهي پر افسوس ان تي به عمل نه ٿي رهيو آهي، جنهن سبب سنڌ جي زمين  سمنڊ ڏينهون ڏينهن ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي رهي آهي، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر  ٿي چڪي آهي ته وفاق  صوبن جي اختيارن کي قبول نه ٿو ڪري ۽ نه ئي وفاق  صوبن کي پنهنجا حق ڏيڻ چاهي ٿو.
جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته  پاڻي معاهدي تي عمل ضرور ٿيو هو، ايتري قدر جو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي وزير پاڻ تسليم ڪري رهيو هو ته سنڌ جو پاڻي چوري ڪري پنجاب کي ڏنو پيو وڃي، ان مان صاف ظاهر آهي ته  وفاقي حڪومت رڳو هن دور ۾ نه پر ماضي ۾ سنڌ سان اهڙو ورتاءُ ڪندي رهي آهي، هن وقت سنڌ ۾ ايندڙ پاڻي جي لپ تي به قبضو ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن ۽ اڻ سڌي ريت هڪ مارشلا به لڳو پيو آهي، ڪنهن کي به ڳالهائڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي، ميڊيا کي لغام ڏنو ويو آهي ته جيئن سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو احتجاج دنيا آڏو رڪارڊ نه ٿي سگهي، هڪ طرف قومي ميڊيا تي اڻ سڌي ريت سنڌين جي احتجاج کي ڏيکارڻ جو بينڊ لڳل آهي ته مٿان وري  سوشل ميڊيا تي به ڊيمن تي ڳالهائندڙن خلاف ڪارروائي جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهڙو لڪاءُ ته ضياءُ الحق ۽ آمر پرويز مشرف جي دور ۾ به نه ٿيو هو، جيڪو هن جمهوري حڪومت ۾ ٿي رهيو آهي، آمريت ۾ به ماڻهو ٿورو احتجاج ڪري وٺندا هئا پر  موجوده جمهوري حڪومت ۾ نه ته  ڪنهن  سياستدان کي ڳالهائڻ جي اجازت آهي ۽نه ئي وري عوام  کي احتجاج ڪرڻ جو حق ڏنو پيو  وڃي. جيڪڏهن لکين ماڻهو گڏ به ٿي وڃن ٿا ۽ سنڌو  درياهه کي بند ٻَڌڻ خلاف مارچ ڪن ٿا ته اليڪٽرانڪ ميڊيا به ان کي نظر انداز ڪري ڇڏي آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سنڌو درياهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف عالمي سطح تي احتجاج ٿي رهيو آهي، حڪمرانن پاران سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڇوڙ نه پيو ڪيو وڃي، جنهن سبب هڪ تائين زرعي پاڻي نه هئڻ سبب فصل گهٽ ٿي رهيا آهن ۽ ٻيو وري شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي پيسن تي به ملڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويو آهي.
سنڌ جا آبادگار سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن جي دانهن ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي. جيئن ته سنڌ اندر ثقافتي ڏهاڙو  ملهائڻ جون به تياريون عروج تي پهتل آهن، ان ڏينهن سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه تي بند ٻڌڻ خلاف عالمي سطح تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائن ته ملڪ جي حڪمرانن جون اکيون کلي وينديون، ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن هر هڪ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي روڊن تي نظر ايندو ۽ پنهنجي ثقافت کي اجاڳر ڪندو، هي موقعو سنڌين لاءِ تمام گهڻو آهي ۽ اسان هن موقعي  کي ضايع ٿيڻ نه ڏيون ۽  ثقافتي ڏهاڙي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي عالمي سطح تي احتجاج رڪارڊ ڪيون ۽ ان ڏينهن تي سنڌ جي ماڻهن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا کي ڪوريج  ڏيڻي پئجي ويندي، 
جيڪڏهن هر هڪ سنڌي  سنڌو درياهه کي بند ٻڌڻ خلاف بينر کڻي ته اسان جو احتجاج هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائيندو، جيڪڏهن هن ڏينهن کي اسان رڳو ٽوپي ۽ اجرڪ پائي  گذاري ڇڏيوسين ته پوءِ  اسان جو سنڌو درياهه سان محبت جو اظهار اڌورو رهجي ويندو ۽ سنڌ کي بند ٻڌڻ جو خواب ڏسندڙ پنهنجي سازش ۾ ڪامياب ٿي ويندا. اچو ته اسان سڀ گڏجي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌو جي انچ انچ تي ڊيم اڏڻ واري حڪمت عملي کي ناڪام بڻايون، جيڪڏهن سنڌو درياهه تي هاڻ هڪ به ڊيم ٺهيو ته پوءِ سنڌي پاڻي جي ڍڪ لاءِ به ترسندا، هن وقت واريءَ سان گڏ ڪجهه پاڻي ته نظر اچي رهيو آهي پر اڳتي هلي اهو به نظر نه ايندو. 

No comments:

Post a Comment