Pages

Saturday 15 April 2017

مشعال جي قاتلن کي سزا ملندي؟

صاحب خان ڀٽي
هن ملڪ ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان الزام لڳائڻ وارو سلسلو جاري آهي، ڪڏهن ڪرپشن جا الزام لڳائيندا آهن ته ڪڏهن وري غداري جا الزام لڳائي ماڻهن کي خاموش ڪرايو ويندو آهي، ڪجهه ته وري پاڻ کي ٺيڪدار سمجهي بهتان لڳائي ماڻهن کي قتل ڪرائيندا آهن، اهڙو هڪ واقعو ڪي پي جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ پيش آيو آهي، جتي هجوم هٿان هڪ شاگرد کي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، جنهن جي سياسي سماجي اڳواڻن طرفان مذمت ڪئي وئي آهي، يونيورسٽي انتظاميه به ان معاملي تي ڪن لاٽار ڪري رهي آهي، جڏهن ته مشعال شاگرد کي قتل ڪيو ويو ته ان وقت به يونيورسٽي انتظاميه پنهنجا بيان تبديل ڪندي رهي، گذريل ڏينهن به مردان يونيورسٽي انتظاميه طرفان اهو چيو ويو ته جيڪو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، اهو اسسٽنٽ رجسٽرار جاري ڪيو هو، جنهن ۾ کوڙ ساريون غلطيون هيون، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به مردان يونيورسٽي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو ڪنهن شخص کي الزام لڳائي قتل ڪيو ويو هجي، ان کان اڳ به هن ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، ان کان اڳ پنجاب ۾ هڪ عورت ۽ مرد کي سرن جي بٺي ۾ وجهي ساڙي ماريو ويو هو، اهڙا ٻيا به واقعا ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيش ايندا رهيا آهن، پر انهن معاملن تي ڪو به ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙن معاملن تي ڳالهائيندڙ تي به الزام لڳايا ويندا آهن ۽ ان کي به مارڻ جي فتويٰ جاري ڪئي ويندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن ملڪ ۾ اڄ تائين انهن ٺيڪيدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي جيڪي ماڻهن کي مڇرائي بي گناهن جون حياتيون کسيندا آهن،
جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ عدالتون موجود آهن پر ان باوجود به مذهبي ٺيڪدار جن مسجد جو ڪڏهن منهن نه ڏٺو هوندو آهي، ڪوڙيون فتوائون جاري ڪري ماڻهن کي مارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندا آهن، جن خلاف نه ته ڪو ڪارروئي ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي ۽ نه انهن خلاف ڪو ڪيس ٺهي سگهندو آهي، مردان يونيورسٽي وارو واقعو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، هڪ طرف ملڪ ۾ امن امان جي حوالي سان حالتون خراب آهن ته مٿان واري جنوني ماڻهن هٿان مارجي ويل شاگرد واري واقعي دنيا اندر ملڪ جي ساک کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، هن وقت وزيراعظم نوازشريف پوليس کي شاگرد جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت ته ڪئي آهي پر  اها خبر نه آهي ته آخر انهن قاتلن کي  به ڦاهي جي سزا ملندي يا نه؟ جن هڪ شاگرد کي تشدد بعد گوليون هڻي قتل ڪيو، عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ هجوم هٿان قتل ٿيل شاگرد جي پوسٽ مارٽم رپورٽ به پوليس کي ملي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاگرد جو موت گوليون لڳڻ سبب ٿيو آهي ۽ سندس جسم تي ٻن گولين جا نشان هئا. بهرحال هن وقت سڄي ملڪ ۾ شاگرد مشعال جي قتل واري معاملي تي ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته مشعال هڪ يونيورسٽي جو شاگرد هو جنهن کي يونيورسٽي اندر شاگردن قتل ڪيو هو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر هن ملڪ جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪهڙي ريت انهن قاتلن کي پڪڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا، هي صرف هڪ شاگرد جي قتل جو معاملو نه آهي پر مستقبل اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ به  وفاقي سرڪار کي قدم کڻڻ گهرجن ته جئين ڪو ٻيو ماڻهو ڪنهن شاگرد کي قتل ڪري نه سگهي، جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ عدليا آزاد آهي ۽ عدالتون به قائم آهن پر ان باوجود هتان جا وزير توڙي مشير جرڳا ڪري پنهنجا فيصلا ٻڌائڻ ۾ پورا آهن پر انهن خلاف نه ته ڪو حڪومت قدم کڻندي آهي نه ڪو انهن خلاف نوٽيس وٺندو آهي، جنهن سبب هن ملڪ ۾ ڪڏهن جرڳن ذريعي ڪارنهن الزام عورتن ۽ مردن کي قتل ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري سڱ چٺي عيوض معصوم نياڻين کي پرڻايو  ويندو آهي، جيڪي واقعا ميڊيا تي به ايندا رهندا آهن پر ان باوجود اهڙن جرڳن کي روڪرائڻ لاءِ ڪو به اڳتي نه وڌندو آهي. جيڪڏهن هن ملڪ ۾ جرڳن تي پابندي لڳي وڃي ۽ اهڙن ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته پوءِ شايد ڪيترن ئي معصوم ماڻهن جون حياتيون بچي وينديون.  
عبدالولي خان يونيورسٽي مردان ۾ هجوم هٿان قتل ٿيل شاگرد مشعال واري معاملي جو وزيراعظم نوازشريف نوٽيس وٺندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي پوليس کي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ڪي پي جي پوليس به ڪارروائي ڪندي ايف آءِ آر ۾ نامزد شاگردن مان 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس چئي رهي آهي ته سي سي ٽي فوٽيجز ذريعي هڪ سئو ڄڻن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، گذريل ڏينهن پوليس هٿان گرفتار ٿيل 12 شاگردن مان 8 ڄڻن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، جتان کين چار ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، گڏيل قومن جي پاڪستان ۾ مقرر نمائيندي طرفان به مردان يونيورسٽي واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به مردان يونيورسٽي واري واقعي بابت چيو هو ته هو جهنگ جو قانون هلڻ نه ڏيندا ۽ مشعال قتل معاملي تي هو ڪي پي جي حڪومت سان رابطي ۾ آهي، آصف علي زرداري جي نياڻي طرفان به مردان يونيورسٽي واقعي جي مذمت ڪئي وئي هئي، مطلب ته هن وقت تائين سياسي، سماجي اڳواڻن طرفان مشعال شاگرد جي قتل جي مذمت ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي پر افسوس جو هن وقت تائين قاتلن کي سزا نه ملي نه سگهي آهي.ڪجهه عرصو اڳ اسلام آباد ۾ يونيورسٽي اندر جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران ڪجهه يونيورسٽي کان ٻاهر آيل ماڻهو هٿن ۾ لوهي سيخون کڻي شاگردن کي هاسٽل جي ڪمرن مان ٻاهر ڪڍي تشدد جو نشانو بڻايو هو، بهرحال اهو معاملو پنهنجي جاءِ تي پر هن ڀيري ته  يونيورسٽي جي شاگردن گڏجي هڪڙي شاگرد کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، جن کي موت جي سزا به ڏني وڃي اها گهٽ آهي.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت شاگرد مشعال جي قاتلن کي سزا ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي يا وري اهي ڪجهه عرصي کان پوءِ آزاد ٿي ويندا، هو ته وقت ئي ٻڌائندو پر حڪومت جي ذميواري آهي ته جيڪي به گستاخي جا الزام قتل ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ته جئين بنا ثبوتن جي ڪنهن معصوم ماڻهو جي حياتي زيان نه ٿئي. جيڪڏهن اڄ مشعال جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويو ته مستقبل ۾ به ڪو نه ڪو شاگرد هجوم هٿان قتل ٿيندو رهندو، هونءَ ته اسان جا حڪمران وڏي دعويٰ سان چوندا آهن ته هتي مذهبي آزادي آهي ۽ هر هڪ کي سمورا حق ڏنا ويندا آهن ته پوءِ اهڙين دعوائن کي عملي جامو به پارايو وڃي ته جئين ڪو ماڻهو درگاهن تي حاضري ڀرڻ وقت پاڻ کي محفوظ سمجهي سگهي ۽ مسجدن ۾ بنا خوف جي نماز پڙهي سگهي، هونءَ ته سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي به گذريل ڏينهن بيان ڏنو هو ته ملڪ اندر پرڏيهي ملڪ دهشتگردي ۾ ملوث آهن ۽ دهشتگردن کي تربيت افغانستان ۾ ڏني ويندي آهي، بهرحال اهو هڪ ٻيو معاملو آهي پر هن وقت اها حڪومت جي ذميواري آهي ته شاگرد جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏئي ته جئين ڪو ٻيو ماڻهو هجوم گڏ ڪري ڪنهن معصوم کي قتل نه ڪري، هونءَ ته پوليس هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي پر اتي يونيورسٽي انتظاميه خلاف ڪارروائي ضروري آهي ڇاڪاڻ ته شاگردن کي تحفظ فراهم ڪرڻ يونيورسٽي انتظاميه جي ذميواري آهي ۽ شاگرد کي يونيورسٽي ۾ ئي قتل ڪيو ويو آهي، جن ماڻهن کي کيس قتل ڪيو انهن  مان ڪجهه ماڻهن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي حراست ۾ به ورتو ويو آهي پر جيڪڏهن يونيورسٽي انتظاميه جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جئين جاچ ۾ اڃا وڌيڪ اڳڀرائي ٿي سگهي.

No comments:

Post a Comment