Pages

Thursday 13 October 2016

آمريڪي صدارتي چونڊ ۽ ٽرمپ جي ڪرندڙ ساک

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ 8 نومبر ۾ ٿي رهي آهي، ريپبلڪن جي صدارتي اميداوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽ جي اميدوار هيلري ڪلنٽن وچ ۾ مباحثا به ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ هيلري کي سوڀ نصيب ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ساک کي تمام گهڻو ڌڪ لڳو آهي ۽ سندس مقبوليت ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي، آمريڪي صدر بارڪ اوباما صدارتي چونڊ لاءِ پنهنجو ووٽ اڳ ئي ڪاسٽ ڪري چڪو آهي، جنهن بعد بارڪ اوباما صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڏيندڙ پهريون ووٽر ٿي ويو آهي. آمريڪي صدر بارڪ اوباما شڪاگو ۾ وقت کان اڳ ووٽ ڪاسٽ ڪيو، آمريڪي صدر بارڪ اوباما چونڊ کان اڳ ووٽ ان ڪري ڪاسٽ ڪيو جو ڪانگريس جي ميمبرن ک ي وقت کان اڳ ووٽ ڪاسٽ جي اجازت هوندي آهي. جهڙي ريت آمريڪي صدارتي چونڊ ويجهو اچي رهي آهي، تهڙي ريت آمريڪا ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ به واڌ اچڻ لڳي آهي، هڪ طرف ڪاري نسل جا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري پوليس اهلڪارن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي،
بهرحال هن وقت تائين اهڙن واقعن سان صدارتي چونڊ ۾ ته ڪو اثر نه پيو آهي پر آمريڪي صدر بارڪ اوباما تي سخت تنقيد ضرور ٿي رهي آهي ۽ اهو چيو پيو وڃي بارڪ اوباما آمريڪا ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ڪيوبا جي هيرو ۽ انقلابي اڳواڻ فيڊل ڪاسترو به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ به اوباما جي پاليسين جيان ناڪام ٿي چڪو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي مباحثي ۾ پاڻ کي نااهل ثابت ڪري چڪو آهي. فيڊل ڪاسترو اهو به چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي پاليسين جي عڪاسي ڪري رهيو آهي،  فيڊل ڪاسترو سان گڏ ري پبلڪن پارٽي جا اڳواڻ به سندس مخالفت ڪرڻ لڳا آهن ۽ کائنس صدارتي چونڊ تان هٿ کڻڻ جو مطالبو به ڪري ڇڏيو آهي پر ان سڄي صورتحال باوجود ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊ تان هٿ کڻڻ کان  انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ تي سندس پارٽي اڳواڻن ان وقت سخت تنقيد ڪئي جڏهن  سندس ويڊيو ٽيپ منظر عام تي آئي، جنهن ۾ هن عورتن خلاف گٿا لفظ ڳالهايا، ايتري قدر جو هن پنهنجي گهر واري ۽ ڌيءَ کي بخش نه ڪيو ۽ انهن خلاف به تمام گهڻي خراب زبان استعمال ڪئي، جنهن بعد بارڪ اوباما سميت سياسي، سماجي تنظيمن طرفان به کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. گذريل ڏينهن به ميزوري شهر سينٽ لوئي يونيورسٽي ۾ ٻئي مباحثي دوران هال کي سينگاريو ويو هو، ٻئي مبحاثي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ عورتن بابت وڊيو منظر عام اچڻ تي پنهنجو جواب به ڏنو، جڏهن ٻئي صدارتي اميدوار اسٽيج تي پهتا ته ڊونلڊ ٽرمپ هيلري کي هٿ ملائڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هيلري ڪلنٽن ساڻس هٿ نه ملايو.ٻئي مباحثي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ عورتن کان معافي به گهري ۽ چيو ته هوعورتن جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿو. هيلري ڪلنٽن  ويڙهاڪ تنظيمن کي هٿيار، پيسا ۽ مدد فراهم ڪرڻ وارن الزامن تي پنهنجو ڀرپور دفاع ڪيو پر هن ڀيري به ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجا پير ڄمائي نه سگهيو، جڏهن ته هيلري ڪلنٽن پنهنجي اي ميلز بابت واضع موقف اختيار ڪيو. آمريڪي ري پبلڪن جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽ جي هيلري ڪلنٽن وچ ۾ پهريون مباحثو 27 سيپٽمبر تي هو ۽ ٻيون مباحثو 10 آڪٽوبر تي ٿيو، جڏهن ته پهرين مباحثي ۾ ڊونلڊ ٽرمپ 27 سيڪڙو ووٽ مليا هئا، جڏهن ته پهرين مباحثي ۾ هيلري ڪلنٽن 62 سيڪڙو ووٽ کنيا هئا.
جيتوڻيڪ ڊونلڊ ٽرمپ واپار، روزگار جي فراهمي ۽ دهشتگردي بابت ٻئي مباحثي ۾ پنهنجو پيغام به ڏنو پر سندس عورتن خلاف منظرعام تي آيل وڊيوز سندس مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ٻئي مباحثي کان اهو بيان به ڏنو ته ري پبلڪن جا اڳواڻ منافق ۽ غدار آهن، جنهن تي  تمام گهڻو ٿرٿلو مچي ويو، جنهن بعد هر طرف اهو ئي بحث ٿي رهيو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ 16 مهينن واري چونڊ مهم دوران ڪيل محنت کي پاڻي ۾ ملائي ڇڏيو، بهرحال هاڻ ائين لڳي رهيو آهي ته ري پبلڪن پارٽي ڌڙا بندي جو شڪار ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه پارٽي اڳواڻ  ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايت ڪري رهيا آهن ته ڪجهه سندس مخالفت ڪري رهيا آهن. آمريڪي صدر بارڪ اوباما به ڊونلڊ ٽرمپ  خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيوآهي، اهو سلسلو صرف ان ڪري شروع ٿيو آهي جو ڊونلڊ ٽرمپ بار بار پنهنجي بيانن ۾ بارڪ اوباما کي تنقيد جو نشانو بڻايو  آهي. جنهن سبب گذريل ڏينهن آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي يقين نه ڪرڻ جوڳي بيان بازي هڪ پريشان جوڳي مثال آهي، آمريڪي صدر بارڪ اوباما اهو به چيو ته پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته بيان ري پبلڪن پارٽي طرفان اچي رهيا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن مان واضع ٿئي ٿو ته کيس بنيادي قدرن جي ڳڻتي ناهي، بارڪ اوباما اهو به چيو ته ٽرمپ تهذيب جي حوالي سان لاپرواهه ۽ جمهوريت جي احترام کان محروم آهي، ڊونلڊ ٽرمپ کي اقتدار ۾ آڻڻ جو مطلب ترقي کي داءُ تي لڳائڻ جي برابر آهي، بارڪ اوباما پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ عورتن، اقليتن ۽ پناهگيرن کي هيٺاهون ڏيکارڻ چاهي ٿو ،
آمريڪي صدر چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ٻين کي هيٺاهون ڏيکاري پاڻ کي وڌيڪ بهتر ثابت ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪي صدر جي اهڙي بيان بعد ري پبلڪن جو  ته ڪو به بيان سامهون نه آيو پر اوباما لفظن برسات ضرور ڪئي پر افسوس جو سندس اهڙي بيانبازي سان ڪو به فرق نه پيو ان جوبه سڀ کان وڏو سبب به سندس وڊيو ٽيپ ئي هئي، جنهن کي هو پاڻ ۽ سندس ڪجهه پارٽي منهن به ڏئي رهيا آهن. پهرين مباحثي ۾ ملڪي سلامتي، تعليم ۽ دهشتگردي بابت بحث ڪيو ويو هو. جنهن دوران هيلري ڪلنٽن چيو هو ته ملڪي سلامتي  هن وقت وڏو مسئلو آهي، وٽن هٿيار به آهن ۽ هو ڪنهن به سائبر حملي جو مقابلو ڪري سگهن ٿا.پهرين مباحثي ۾ هيلري ڪلنٽن اهو واضع ڪيو هو ته ڊيموڪريٽ هجي يا وري ري پبلڪن اهي ٻئي پارٽيون هٿيار روڪڻ جي ڪوشش ڪنديون رهنديون. هيلري ڪلنٽن پهرين مباحثي ۾ ڪمونٽيز سان گڏجي ڪم ڪرڻ بابت به ڳالهايو هو ۽ چيو هو ته جيستائين ڪميونٽيز کي گڏ نه کڻي هلڻ سان مسئلا پيدا ٿيندا جنهن لاءِ سڀني کي آمريڪي ترقي جي لاءِ گڏ کڻي هلڻو پوندو، جنهن تي سندس تعريف به ٿي هئي. هيلري ڪلنٽن پهرين مباحثي ۾ دهشتگردي کي خطرو به قرار ڏنو هو. هنءَ اهو به چيو هو ته هو ڪنهن کي به آمريڪي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. هيلري ڪلنٽن ان ڳالهه جو اعتراف به ڪيو ته هن مون ايران تي سخت پابنديون هڻڻ جي حمايت به ڪئي هئي. پهرين مباحثي ۾ هيلري چيو هو ته داعش کي شڪست ڏيڻ لاءِ سائبر حملو ڪافي ناهي، هوائي حملن ۾ تيزي آندي ويندي، هنءَ اهو به چيو هو ته جهڙي ريت اساما کي ختم ڪيو ويو اهڙي طرح بغدادي جي پويان لڳڻ جي به ضرورت آهي،  هيلري ڪلنٽن اهو به چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ تي ڪرنل قذافي سان گڏ ڪم جا الزام لڳل آهن، ڊونلڊ ٽرمپ جي سياسي ڪيريئر جو بنياد ئي نسلي فرق آهي، هيلري ڪلنٽن ڊونلڊ ٽرمپ سان مباحثي دوران چيو هو ته بندوقن جي ڪلچر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي قانون جي ضرورت آهي جيڪو واچ لسٽ تي موجود هٿيار خريد ڪري نه سگهي،
هيلري ڪلنٽن ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن تي ڳڻتي جو به اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته افسوس جو ڊونلڊ ٽرمپ صورتحال جي ناڪاري تصوير پيش ڪري رهيو آهي، ڪميونٽي کي پنهنجي حفاظت جا انتظام ڪرڻ گهرجن.جڏهن ته ڊونلڊ پهرين مباحثي ۾ چيو هو ته آمريڪا مان سيڙپڪار ڀڄي رهيا آهن، هو عراق جي جنگ جي خلاف هو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جهڙي ريت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي اهڙي طرح نه ٿي رهيو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ اهو به چيو ته  ايٽمي ڌمڪين سان آمريڪا کي خطرو آهي، هنن سعودي عرب، جاپان سڀني جو دفاع ڪيو، بدلي ۾ کين ڇا مليو، ڊونلڊ ٽرمپ اهو به چيو اهي 28 ملڪ واپاري معاهدن مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن پر کين ڪجهه به نه ملي رهيو آهي،هن چيو ته هو هيلري ڪلنٽن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هو شڪست کائي رهيا آهن، کين گڏجي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. هن اهو به چيو هو ته جڏهن هو صدر ٿيو ته آمريڪا ۾ ڪرائيم ريٽ گهٽ ڪرڻ جي پاليسي جوڙيندو، هيلري ڪلنٽن روايتي سياستدان آهي، صرف چوندي آهي پر ان تي عمل ناهي ڪندي. سندن ملڪ جي وچ اولهه ۾ 6 ٽريلين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيل آهي. جيترو پئسو وچ اولهه ۾ خرچ ڪيو ويو ، ان مان لڳي ٿو ته کين پئسن جي ضرورت ئي نه آهي،  ٽيڪس ريٽرن ان وقت جمع ڪرائيندو، جڏهن هيلري 30 هزار اي ميلز جا تفصيل جاري ڪندي. صدارتي اميدوارن جي پهرين مباحثي کانپوءِ  ڊيموڪريٽ جي  نائب صدارتي اميدوار ٽم ڪين ۽ ري پبلڪن جي مائيڪ پنس وچ ۾ پهريون مباحثو ٿيو، جنهن ۾ ٽم ڪين چيو ته ٽرمپ جو خيال آهي ته وڌيڪ ملڪن کي ايٽمي هٿيار رکڻ گهرجن، جيڪو خطرناڪ آهي، سندس چوڻ هو ته ٽرمپ کي چيني بينڪن سميت مختلف بينڪن کي 65 ڪروڙ ڊالر ڏيڻا آهن، هو ڪئين بيهندو، خيراتي فائونڊيشن مان خاندان جو ڪو به شخص پئسا ناهي وٺندو، ٽم ڪين چيو ته پرڏيهي کاتو جاچ ڪري واضع ڪري چڪو آهي ته هيلري قانون خلاف ڪو به ڪم نه ڪيو آهي،
جڏهن هيلري ڪلنٽن پرڏيهي وزير ٿي هئي ته ان وقت اسامه بن لادن زنده هو، سندس ئي دور ۾ اسامه کي ماريو ويو هو. ٽيم ڪين چيو ته هو هيلري تي اعتماد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هوءَ ماڻهن جي خدمت تي يقين رکي ٿي، هيلري ڪلنٽن پاڻ کان وڌيڪ ٻين کي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ٻين کان وڌيڪ پاڻ کي ترجيح ڏيندو آهي، ٽيم ڪين پنهنجي پهرين مباحثي ۾ چيو هو ته صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن جو نائب ٿي چونڊ وڙهڻ سندس لاءِ اعزاز آهي، هن اهو به چيو هو ته ڇا وڌيڪ ملڪ ايٽمي هٿيار رکڻ سان دنيا کي محفوظ بڻائي سگهندا. نائن اليون جي موقعي تي هيلري حملن کان متاثر شهرن لاءِ ڪم ڪري رهي هئي، نائن اليون جي موقعي تي ٽرمپ اهڙي جنگ وڙهي رهيو هو جيڪا فوجين جي حق نه هئي، ٽيم ڪين اهو به چيو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ جا روسي واپارين سان ڪاروباري لاڳاپا آهن، 6 ايشوز ۾ مائيڪ پنس کي چيو هو ته انهن تي ٽرمپ جو ڪئين دفاع ڪند، مائيڪ پنس ڪنهن به شيءَ جو دفاع نه ڪيو. ري پبلڪن جي نائب صدارتي اميدوار مائيڪ پنس چيو هو ته روس ۽ چين فوج جي خرچ ۾ اضافو ڪري رهيا آهن، آمريڪا کي وچ ايشيا ۾ پنهنجي اتحادين  سان گڏجي معاملي تي قدم کڻڻ گهرجن، مائيڪ پنس اهو به چيو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ سمورا ٽيڪس ادا ڪيا، ٽرمپ فوج تي خرچ نه ڪندو، آمريڪا کي وچ ايشيا ۾ پنهنجي اتحادين سان گڏجي شام معاملي تي قدم کڻڻو پوندو، سندس اهو چوڻ هو ته هيلري ڪلنٽن جون اي ميلز سامهون اچي وڃن ته سڀ ڪجهه و اضع ٿي ويندو. مائيڪ پنس چيو هو ته ٽرمپ جي نظر ۾ پيوٽن آمرڪي صدر اوباما کان بهتر صدر آهي، آمريڪا کي شام ۾ ماڻهن جي تحفظ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هو دونلڊ ٽرمپ جو هر سطح تي دفاع ڪندو.مائيڪ پنس هيلري ڪلنٽن تي الزام لڳائيندي چيو ته ڪلنٽن فائونڊيشن پرڏيهي ملڪن ۽ حڪومتن کان امداد ورتي، هيلري ڪلنٽن وٽ ڳجهين اي ميلز جي ڄاڻ هئي، عراق ۾ هيلري ڪلنٽن ئي جي دور ۾ داعش به وجود ۾ آئي. مائيڪ پنس چيو ته اتر ڪوريا ايٽمي ميزائل ٽيڪنالوجي کي روڪڻ لاءِ فوج کي ترقي ڏيڻي پوندي، آمريڪا کي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته محفوظ زون بڻايو وڃي.
بهرحال هن وقت مباحثا ته ٿي رهيا آهن پر ان سان گڏ سڄي دنيا اهو به سوچڻ تي مجبور ٿي وئي آهي ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ صدر ٿي ويو ته آمريڪي جون پاليسيون جيڪي لڪيل آهن اهي واضع نموني سامهون اچي وينديون، ڇاڪاڻ ته ڪيوبا جو هيرو فيڊل ڪاسترو به اهو چئي چڪو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي پاليسي جي عڪاسي ڪري رهيو  آهي، بهرحال آمريڪا جون ڪهڙيون پاليسيون آهن ۽ آمريڪا جو مسلمان ملڪن سان ڪهڙو ورتاءُ آهي، ان جو مثال عراق، شام، لبيا ۽ فلسطين مان  باآساني سان لڳائي سگهي ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ ۽ بارڪ اوباما ۾ فرق صرف ايترو آهي جو بارڪ اوباما جو رويو مسلم ڪميونٽي طرف ٿورو بهتر آهي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ  مسلمانن خلاف زهر اوڳاڇيندو رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي چونڊ ويجهو اچڻ کان اڳ ئي مقبوليت گهٽجندي پئي وڃي.


No comments:

Post a Comment