Pages

Monday, 8 February 2016

سيالڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ فيض احمد فيض به تري اچي ٿو

شاعري قدرت طرفان عطا ڪيل اها ڏات آهي جنهن ذريعي ڪائنات جي سونهن کي لفظن ۾ سانڍيو وڃي ٿو ۽ وري ڪجهه شاعر معاشري ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۽ مظلومن مٿان ڪيو ويندڙ ظلم کي به پنهنجي لفظن ۾ جَڙي سندن آواز بڻجن ٿا. 
شاعري جو جڏهن ذڪر ڪٿي به ٿئي ٿو ته هر ذهن تي سيالڪوٽ ۾ جنم وٺندڙ فيض احمد فيض به تري اچي ٿو. 
فيض احمد فيض 13 فيبروري 1911ع ۾ سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو، هن شروعاتي تعليم سيالڪوٽ ۾ حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1951ع ۾ امر تسر ڪاليج ۾ ليڪچرار بڻيو.
فيض احمد فيض  جڏهن ڪنهن بي پهچ ۽  لاچار ماڻهو تي ظلم ٿيندي ڏسندو هو ته خاموش ويهي نه سگهندو هو ۽ ان مظلوم جي لاءِ آواز بلند ڪندو هو.
فيض احمد فيض کي مارچ 1951ع ۾ سازش ڪيس هيٺ  راولپنڊي جيل اندر بند ڪيو ويو.
هن کي چئن سالن تائين سرگوڌا، ساهيوال، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي جيلن ۾  قيد ڪاٽڻو پيو ۽ نيٺ آخر ڪار کيس 1955ع ۾ آزادي ملي.
فيض احمد فيض جيل ۾ قيد هجڻ دوران مظلومن لاءِ تمام گهڻي شاعري ڪئي جنهن دوران کيس عوامي شاعر طور سڃاڻپ ملي.
فيض احمد فيض جي شاعري نقش فريادي، زندان نامه، دست ته سنگ، شام شهر يارا، مريَ دل مريَ مسافر ۽ دست صبا ۾ اڄ به سمايل آهي.
فيض احمد فيض اڄ به مظلوم ۽ محڪومن جو اتساهه بڻيل آهي... 

No comments:

Post a Comment