Pages

Monday 23 May 2016

ملا منصور جي مارجڻ بعد طالبان ڳالهين جو مستقبل

صاحب خان ڀٽي
طالبان سان ڊگهي ويڙهه کانپوءِ ڪجهه سال اڳ آمريڪا کي ڳالهين جو خيال آيو هو ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ قدم به اڳتي وڌايو هو، ان ۾ پاڪستان به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ايتري قدر جو پاڪستان افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ڪرائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ هڪ اجلاس به ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ افغان حڪومت جي عملدارن ۽ طالبان جي اهم اڳواڻن  شرڪت ڪئي هئي.  جنهن بابت  اڳڪٿي ڪئي  وئي هئي ته طالبان ۽ افغان حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد خطي ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿي ويندي، پر اهو هن وقت تائين ممڪن ناهي ٿي سگهيو. هڪ طرف افغان حڪومت ۽ طالبان سان ڳالهين وارو عمل جاري هو ته ٻي طرف وري آمريڪا طالبان جي ٺڪاڻن تي حملو  به ڪري رهيو هو، جنهن سبب ڳالهين ۾ رڪاوٽون پڻ پيش اچي رهيون هيون، آمريڪا طرفان  به هر روز اهي بيان اچي رهيا هئا ته اهڙين ڪاررواين سان طالبان ڳالهيون متاثر نه ٿينديون.
اپريل 2014ع ۾ قومي اسيمبلي کي وفاقي گهرو وزارت آگاهي ڏني هئي ته طالبان سان ڳالهيون آئين  جي دائري ۾ ٿي رهيون آهن. گهرو وزارت اهو به ٻڌايو هو ته طلبان شوريٰ سان سڌي ريت ملاقات کانپوءِ  امن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي هئي. آمريڪا به پاڪستان جي اهڙي ڪردار کي تمام گهڻو ساراهيو هو، جولاءِ 2015 ع ۾ به افعانستان جي نائب پرڏيهي وزير خليل حڪم ڪرزئي چيو هو ته پاڪستان ۾ طالبان سان ٿيندڙ ڳالهيون  ڪامياب ٿيڻ وڃي رهيون آهن،  جنهن ۾ هن وقت تائين  ڪا به اڳڀرائي نظر نه اچي رهي آهي. افغانستان ۾ هن وقت حالتون جئين جو تئين برقرار آهن. افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ هن وقت به ڇڪتاڻ برقرار آهي.  جيتوڻيڪ ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته  افغانستان ۾ طالبان هڪ دفعو ٻيهر داعش سان ملي پنهنجا قدم ڄمائڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيو آهي، هڪ طرف اتحادي فوج افعانستان طالبان خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي ته ٻي طرف وري پاڪستان کان به حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. جنهن جي ڪري آمريڪي ڪانگرييس  ايف 16 جهاز پاڪستان کي وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان جي فوجي امداد به روڪي وئي آهي. آمريڪا پاڪستان کي ايف 16 جهاز ڏيڻ ۽ فوجي امداد جاري ڪرڻ لاءِ ڪجهه شرط به رکيا آهن. جنهن ۾ حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي به شامل آهي.
جيتوڻيڪ پرڏيهي سيڪريٽري اعتزاز چوڌري آمريڪا جي شرطن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر ان باوجود پاڪستان جي اها ئي ڪوشش آهي ته ڪهڙي به ريت ايف 16 جهاز خريد ڪيا  وڃن،  ڇاڪاڻ ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ايف 16 جهازن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جنهن سبب پاڪستان به ايف 16 جهاز خريدڻ ڪرڻ  جتن ڪري رهيو آهي.  جڏهن آمريڪا پاڪستان  کي  ايف 16 جهاز  ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت آمريڪا ۾ موجود ڀارت جي حمايت ڪرڻ وارن ڪجهه سياستدانن  پاڪستان کي جهاز ڏيڻ  جي مخالت ڪئي هئي، ايتري قدر جو ڪجهه ڀارت جي وزيرن پاڪستان جي فوجي امداد به ختم ڪرڻ  جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو هو، هاڻ جڏهن آمريڪا پاڪستان جي فوجي امداد ۽ ايف 16 جهاز ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، تنهن مان لڳي پيو ته ڀارت پنهنجي سازشن ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ڀارت جا ڪيترائي سياستدان  پاڪستان کي آمريڪا طرفان ايف 16 جهاز ڏيڻ واري اعلان تي ناراض هئا. هاڻ جڏهن آمريڪا ايف 16 جهاز ڏيڻ لاءِ جيڪي به شرط رکيا آهن، ان کي پاڪستان مڃڻ  کان  انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان طرفان اهو واضع ڪيو ويو آهي ته  ايف 16 جهازن  جي فراهمي جو  شڪيل آفريدي واري معاملي سان ڪو به تعلق  نه آهي  ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جا شرط تسليم نه ڪيا ويندا. اهو معاملو اڃا هلندڙ هو ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا تي آمريڪي ڊرون حملي ۾ طالبان جي نئين سربراهه ملا  اختر منصور جي مارجڻ جا اطلاع جون خبرون نشر ٿي رهيون هيون، جنهن جي تصديق نه پئي ڪئي وڃي پر اوچتو آمريڪا پاڪستان ۽ افغان جي سرحدي علائقي ويجهو هڪ گاڏي تي ڊرون حملي جي تصديق ڪئي.
پينٽاگون طرفان بيان به جاري ڪيو ويو ته جنهن گاڏي کي آمريڪي ڊرون نشانو بڻايو ان ۾ طالبان جو نئون سربراهه ملا اختر منصور به سوار  هو، پينٽاگون طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ويو ته حملي ۾ طالبان جا ٻيا اهم اڳواڻ  به مارجي ويا آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري به پنهنجي بيان ۾  چيو  ته طالبان ڪمانڊر تي حملي بابت پاڪستان ۽ افغانستان جي قيات کي اڳواٽ آگاهي ڏني وئي هئي.  پينٽاگون  جي تصديق کان پوءِ افغان صدر  اشرف غني به آمريڪي  ڊرون  حملي ۾ طالبان سربراهه ملا اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق ڪئي.  جڏهن ته نوازشريف  ملا  اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق ڪرڻ  انڪار ڪندي چيوته  آمريڪي ڪمانڊر جنرل راحيل شريف کي آگاهه ڪيو هو، جنهن بعد هن کيس ان هوائي حملي بابت ٻڌايو. وزيراعظم جي بيان مان  اهو صاف ظاهر هو ته  ملا منصور واري معاملي تي پاڪستان  خاموشي اختيار ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن ته پرڏيهي ميڊيا تي اهي خبرون  آهن ته ملا منصور کي بلوچستان جي هڪ علائقي ۾ نشانو بڻايو ويو. جنهن جي پڻ هن وقت تائين تصديق ناهي ڪئي وئي. ملا اختر منصور 1968ع ۾ افغانستان جي صوبي قندهار ۾ پيدا ٿيو هو،  23 اپريل 2013 ۾ ملا عمر جي وفات کانپوءِ طالبان شوريٰ جي ميمبرن  ملا منصور کي طالبان جو نئون سربراهه چونڊيو هو. آمريڪا نيٽو سان ويڙهه دوران کيس مختلف علائقن ۾ روپوش به ٿيڻو پيو.  ملا منصور افغانستان ۾ ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ پڻ ملوث رهيو آهي، ملا عمر جي وفات بعد کيس نئون سربراهه چونڊيو ويو هو، جڏهن ملا منصور طالبان جو نئون سربراهه  چونڊيو ويو ته آمريڪا سندس خلاف ڪارروايون به تيز ڪري ڇڏيون هيون، تنهن باوجود آمريڪا کي ايتري ڪاميابي نه ملي سگهي هئي، جيتوڻيڪ آمريڪي ۽ اتحادي فوج طالبان خلاف ڪارروايون جاري رکندي پئي اچي. پر هن وقت تائين کين ايتري ڪاميابي ناهي ملي سگهي. ايتري قدر جو آمريڪا پاڪستان جي سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪندي خيبرپختونخواهه ۾ به ڊرون حملا ڪيا، جنهن تي پاڪستان مختلف وقتن ۾ پنهنجو احتجاج به رڪارڊ ڪرائندو پيو اچي، پر هن وقت تائين ان ۾ ڪا گهٽتائي نه اچي سگهي آهي، ڊرون حملن خلاف تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به  ماضي ۾ احتجاج ڪري چڪو آهي ۽ ڌرڻا به هنيا هئا جنهن تي  کيس مقبوليت به ملي هئي.
آمريڪا ٻه ٽي ڏينهن اڳ پاڪ افغان سرحدي علائقي ۾ هوائي حملو ڪيو، جنهن ۾ ملا  اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق به ڪئي وئي. آمريڪا طرفان اهو  بيان به جاري ڪيو ويو ته ملا منصور جي مارجڻ بعد آمريڪي ۽ نيٽو فوج کي تحفظ ملندو. ماضي ۾ به اساما بن لادن کي پاڪستان ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي ۽ هاڻ به ملا اختر منصور کي پاڪستان اندر مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. جنهن بعد لڳي پيو ته پاڪستان اندر هڪ دفعو ٻيهر حالتون  خراب ٿي وڃي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ پاڪستان جي فوجي  امداد به روڪي وئي آهي ته ٻي طرف وري پاڪستان کي ايف 16 جهاز ڏيڻ  کان انڪار ڪيو ويو آهي،  جيڪي جهاز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ استعمال ٿيڻا هئا اهي آمريڪا پڻ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ماضي ۾ به  افغان حڪومت ۽ طالبان  وچ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جون  ڪوششون ڪيون ويون هيون پر هاڻ ملا منصور جي مارجڻ کانپوءِ لڳي پيو ته ڳالهيون ممڪن نه ٿي سگهنديون ۽ پاڪستان جي ڪيل ٽياڪڙي واريون ڪوششون به پاڻي ۾ هليون وينديون.  جيتوڻيڪ ملا منصور  جي پاڪستان طرفان هن وقت تائين تصديق ناهي ڪئي وئي پر ان باوجود پاڪستان توڙي خطي  تي ملا منصور جي مارجڻ جا ڪهڙا اثر پون ٿا، ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ دهشتگردن خلاف ضرب عضب آپريشن  هلي رهيو آهي ۽ دهشتگردي ۾ گهٽتائي به آئي آهي پر ان باوجود دهشتگرد ملڪ اندر ڪارروايون ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ ضروري آهي دهشتگردن خلاف اڃا وڌيڪ ڪارروايون ڪيون وڃن ته جئين  دهشتگردي جو خاتمو آندو وڃي.

No comments:

Post a Comment