Pages

Saturday 21 May 2016

نوشهروفيروز ۾ تذليل جو نشانو بڻيل ڀائرن کي انصاف ملندو...؟؟

صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ وڏيرا شاهي نظام ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي، هتان جا وڏيرا، جاگيردار ۽ بااثر ايڏا ته طاقتور آهن جو حڪومت به سندن وار ونگو نٿي ڪري سگهي، جنهن جي ڪري اهي پنهنجيون من مستيون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، روزاني سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ مان اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن،  جن کي ٻڌڻ سان انسانيت جو ڪنڌ ئي جهڪي ويندو آهي. هونءَ ته وڏيرن جي ڪلورن جي سڀني  کي چڱي ريت ڄاڻ آهي پر هن جديد ٽيڪنالوجي دور ۾ اڄ به ڪيترائي اهڙا وڏيرا آهن جيڪي پڙهيل لکيل هجڻ باوجود جاهل آهن، جن جي ذهنن تي پئسي ۽ طاقت جو نشو هوندو آهي، جيڪي  غلط ۽ صحيح کي ناهن سمجهي سگهندا، جنهن سبب روزاني ڪٿان نه ڪٿان هن صوفين جي ڌرتي ۾ انسانيت جو ڪنڌ جهڪائينڊڙ واقعا پيش ٿيندا رهندا آهن. اهڙو واقعو  ڪجهه ڏينهن اڳ نوشهروفيروز ۾ به پيش آيو، جتي هڪ بااثر وڏيري ٻن پورهيتن سهيل ۽ اياز ميمڻ کي  تذليل جو نشانو بڻايو، جنهن جي ويڊيو پڻ منظر عام تي آئي آهي،  جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اهو واقعو ڊسمبر 2015 پيش آيو هو، جنهن جي ويڊيو هاڻ منظر عام تي آئي آهي. ان ويڊيو ۾ وڏيري محمد بخش مبيجي  سميت سوين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ٻه پورهيت ڀائر اياز ۽  سهيل ميمڻ جي وات ۾ پادر وجهي وڏيري کان پيرين پئي معافي وٺندي ڏيکاريو ويو آهي. اها وڊيو جئين ميڊيا تي نشر ٿي ته هر  طرف کان ان وڏيري خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو، جنهن بعد جو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، انساني حقن بابت صلاحڪار ناديه گبول ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا به واقعي جو نوٽيس ورتو هو. وڏي و زير سيد قائم علي شاهه طرفان  به نوشهروفيروز واقعي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي هئي ۽ وڏيري خلاف ڪارروائي جو حڪم به ڏنو هو،  جنهن بعد ان بااثر وڏيري کي حراست ۾ به ورتو ويو، هاڻ اهو ڪيس عدالت  ۾ هلي رهيو آهي، ۽ تذليل جو نشانو بڻيل ٻنهي ڀائرن جا بيان به قلمبند ڪيا ويا آهن. جنهن مان اهي اميدون ڪيون پيون وڃن ته شايد ٻنهي پورهيتن کي انصاف ملي  سگهندو.  ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته بااثر وڏيرو محمد بخش مبيجو  به پنهنجا اثر رسوخ هلائي رهيو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته هاڻ انهن ٻنهي ڀائرن لاءِ   نوشهرفيروز جي ڌرتي تنگ ڪئي ويندي.  نوشهروفيروز واقعو ڪو پهريون  واقعو نه آهي، 
ڊسمبر 2012ع ۾ سوڀيديري لڳ ڳوٺ نهال مشوري ۾ به هڪ بااثر وڏيري  پورهيت ميهر حسين ۽ سندس پٽ اشرف مشوري کي وڻ سان ٻڌي ڇڏيو هو. جنهن بعد سندن  مٿو، مڇون، ڀرون ۽ ڏاڙهي ڪوڙي کين تذليل جو نشانو بڻايو هو، جن پريس ڪلب تي اچي پنهنجو  احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، جن جو چوڻ هو ته بااثر وڏيري الطاف مشوري سندس ڌيءَ کي سلميٰ مشوري کي اغوا ڪري ويو، جنهن جي هنن پٽيشن به عدالت ۾ داخل ڪرائي هئي، جنهن تان هٿ کڻڻ لاءِ بااثر وڏيرو کين ڌمڪيون ڏئي رهيو هو. هنن ميڊيا کي اهو به بيان ڏنو هو ته ان بااثر وڏيري حڪم نه مڃڻ تان کين تذليل جو نشانو بڻايو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڄ تائين انهن کي انصاف ناهي ملي سگهيو. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هن وقت به ظلم ۽ جبر هن صوفين ڌرتي جو مقدر بڻيل آهي. سياڻن به سچ چيو آهي ته جيستائين ظلم ۽  جبر سهڻ  وارا سامهون نه ٿيندا تيسين اهي ظالم پنهنجو ظلم جاري رکندا، سکر ۾ به ڪجهه عرصو خانپور جي ڳوٺ سردار ڳڙهه جي رهواسڻ مسمات الهه بچائي کوکر کي به هڪ بااثر   شخص وار ڪٽي تذليل ڪئي وئي هئي،  جنهن پڻ انصاف لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو هو.  اهڙائي ٻيا به ڪيترائي واقعا هن صوفين جي ڌرتي تي  ٿي چڪا آهن  جن مان  شايد ڪنهن هڪ ئي کي انصاف ملي سگهيو هجي. ماضي ۾ وڏيرا  ڪارو ڪاري جا الزام هڻي ماڻهن کي تذليل جو نشانو بڻائيندا هئا، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ته بااثر وڏيرن غريب ڳوٺاڻن تي ڪتن جي بچ به ڪرائي، جن جون به خبر اخبارن جون زينت بڻجنديون رهيون آهن پر افسوس جو هتان جون انساني حقن واريون تنظيمون خاموش تماشائي بڻيل آهن، جنهن سبب هن وقت تائين هڪ به تذليل جو نشانو بڻيل متاثر کي انصاف نه ملي سگهيو آهي.  وڏيرن جا ڪرتوت  صرف تذليل وارن واقعن ته ختم نه ٿا ٿين  ڇاڪاڻ ته ڪيترائي اهڙا جاهل وڏيرا آهن، جيڪي ناهن چاهيندا ته ڳوٺ جا معصوم ٻار پڙهي سگهن جنهن جي ڪري اهي  سرڪار طرفان کولرايل اسڪولن کي  مينهن جي واڙن  ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن  يا وري پنهنجو اوطاقون بڻائي ڇڏيندا  آهن ته جئين غريب جا ٻار پڙهي نه سگهن. ڇاڪاڻ  ڪاڻ ته انهن کي اهو ڊپ هوندو آهي ته متان ڪنهن غريب جو ٻار پڙهي پئي ۽ ساڻن مقابلو ڪري سگهي.
ماڻهو مارڻ، غريبن جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ تذليل جو نشانو بڻائڻ ته وڏيرن جي معمول وارو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته قانون انهن جي هٿ ۾ هوندو آهي، قانون  جي  حفاظت ڪندڙ قانون بدران انهن وڏيرن جي چمچاگيري ۾  رڌل نظر ايندو آهي، جنهن سبب غريب ماڻهو کي انصاف ناهي ملي سگهندو. جنهن ڏينهن کان اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تي وڏيرن جا ڪلور پڌرا ٿيڻ لڳا آهن، تنهن ڏينهن کان انهن بااثر وڏيرن سياسي، سماجي تنظيمن جو سهارو ورتو آهي، ڪجهه وڏيرا سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍي وڃي ايوانن ۾ ويٺا آهن، جيڪي پڻ پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي غلام سمجهندا  آهن.  ڪجهه وڏيرن کي ته شڪار جو به شوق هوندو آهي ۽ اهي وڏيرا جانورن سان گڏ انسانن جو شڪار ڪندا آهن، جيڪي ڌاڙيلن کي به پالي رکندا آهن ۽ قانون کي پنهنجي  کيسي ۾ رکڻ انهن جو شيوو هوندو آهي. ماڻهن کي مارڻ انهن جي لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هوندي آهي، ان جو ثبوت دادو  مان به ملي سگهي ٿو، هونءَ ته دادو ۾ ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن  پر ٿاڻي اندر  هڪ وڏيرو داخل هڪ اهلڪار کي گوليون هڻي قتل ڪري ٿو ۽ ان جي ويڊيو سمورا چينل به ڏيکارين ٿا پر پوءِ ان وڏيري  خلاف  تسلي جوڳي ڪارروائي نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته  اهو ناظم  هو ۽ بااثر هو. ڪن جاهل وڏيرن کي ته  ماڻهن تي ڪتن جي بچ ڪرائڻ به پسند هوندو آهي، جيڪي ماڻهو کي  ڪتن کان بڇ ڪرائي تذليل جو نشانو بنائيندا آهن، انهن وڏيرن جون شڪلون به ڏسڻ وٽان هونديون آهن، ٿلها ٻوٿ ۽ ڪارا چهرا پري  کان صاف ظاهر نظر ايندا آهن.
نوشهري فيروز واقعي به جيڪڏهن  سياسي، سماجي تنظيم نوٽيس نه ورتو ۽ ان بااثر وڏيري کي سزا نه ملي سگهي  ته پوءِ شايد سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ظالم وڏيري  جي ظلم کان نجات ملي سگهندي، ڇاڪاڻ ته هي وقت سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪري نوشهروفيروز جي ٻن سڳن ڀائرن کي تذليل جو نشانو بڻائندڙ کي سزا  ڏياري وڃي ته جئين مستقبل ۾ ڪنهن  پڙهيل لکيل جاهيل وڏيرن جو ڪو انسان  نشانو بڻجي سگهجي. سمورن سياسي، سماجي تنظيمن توڙي انساني حقن وارن تنظيمن کي به اڳتي اچي اهڙن بااثرن وڏيرن کي بي نقاب ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ   پنهنجو ڪردار ادا ڪڻو پوندو  ته جئين نوشهروفيروز جو واقعو پيش نه اچي سگهي. ڇاڪاڻ ته اهڙن واقعن سان سڄي معاشري ۾  احساسي محرومي پيدا ٿي رهيون ۽ هر هڪ شخص جو قانون تان ويساهه ختم ٿيندو پيو وڃي،   جيڪڏهن نوشهروفيروز واقعي جي ٻنهي  پورهيت ڀائرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ايم ڪيو ايم  آواز اٿاري سگهي ٿي ته پوءِ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي  جماعتن کي به اڳتي اچڻ گهرجي ته جيئين ڪو ٻيو جاهل وڏيرو محمد بخش مبيجو   جو انسانيت جو ڪنڌ جهڪائيندڙ  قدم کڻڻ جي جرئت نه ڪري.

No comments:

Post a Comment