Pages

Tuesday 24 May 2016

ملا منصور جو جعلي نادرا ڪارڊ ۽ اٿيل سوال

صاحب خان ڀٽي
طالبان سربراهه ملا  اختر منصور جي  مارجڻ وارين خبرن  حڪمرانن سان گڏ دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته ملا منصور کي جنهن هنڌ نشانو بڻايو ويو اهو  پاڪستان جي حدن ۾ اچي ٿو، جيڪا بلوچستان سميت سڄي ملڪ لاءِ هڪ پريشاني واري ڳالهه  آهي، جيتوڻيڪ ڪافي عرصي کان ملڪ اندر طالبان جي موجودگي جون خبرون نشر ٿي رهيون هيون ۽ پاڪستان طرفان انهن خبرن جي  ترديد به ڪئي  وئي پر ان باوجود آمريڪا جي ڊرون حملن جو سلسلو  بند ٿي سگهيو، ڪيترن ئي هنڌن  تي آمريڪا طرفان ڊرون حملا به ڪيا ويا پر انهن  علائقن نه ميڊيا کي وڃڻ نه ڏنو ويو ۽ نه ئي انهن جا ڪي خاص فوٽيجز جاري ڪيا، هميشه آمريڪا طرفان اهي بيان جاري ڪيا ويا ته هنن ڊرون حملن دهشتگرد ماريا آهن، جنهن تي صرف پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ئي احتجاج ڪيو ۽ ڊورن حملن کي روڪرائڻ لاءِ  عملي طور احتجاج جو دڳ به ورتو ۽ حڪومت تي اهو دٻاءُ به وڌو ته اها گڏيل قومن آڏو ڊرون حملن خلاف آواز اٿاري، جنهن تي هن وقت تائين عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي. آمريڪا طرفان جيڪي به پاڪستان اندر ڊرون حملا ڪيا ويا،انهن کي پاڪستان طرفان ملڪي سلامتي خلاف سمجهيو ويو ۽ ان خلاف بيان به جاري ڪيا ويا، جيتوڻيڪ آمريڪا اسامه بن لادن کان ويندي ملا منصور تائين جن به طالبان اڳواڻن کي ماريو آهي ان بابت اهو ئي چيو آهي ته اها آمريڪا جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ ان سان آمريڪا ۽آمريڪي فوج کي  اڃا وڌيڪ تحفظ ملندو. آمريڪا جي اهڙن بيان سان نه ته هن وقت تائين افغانستان  ۾ امن اچي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري  آمريڪا پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. هاڻ جڏهن آمريڪا طالبان جي نئين سربراهه ملا اختر منصور کي بلوچستان جي علائقي نوشڪي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي، تڏهن به  اهو لڳي پيو ته ان پٺياڻ  ضرور ڪي نه ڪي آمريڪا جا مقصد ضرور آهن، ڇاڪاڻ ته جنهن هنڌ ملا اختر منصور کي نشانو بڻايو ويو، اهو پاڪستاني حدن ۾ اچي ٿو، جنهن کي پاڪستان ملڪي سلامتي خلاف قرار ڏئي رهيو آهي ته ٻي طرف وري آمريڪا کي قانون موجب ڪارروائي ڪوٺي رهيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزارت طرفان به اها تصديق ڪئي وئي ته ملا منصور کي نشانو بڻائڻ بابت پاڪستان ۽ افغانستان حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو هو، پر پاڪستان طرفان اهو بيان اچي رهيو آهي ته کين حملي کان 7 ڪلاڪن کان پوءِ آگاهه ڪيو ويو ته آمريڪي ڊرون ذريعي هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ ملا اختر منصور  ۽ سندس ساٿي سوار هئا. ملا منصور جي مارجڻ واري هنڌ کان سندس پاسپورٽ ۽ نادرا جو سڃاڻپ ڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي، خبرون آهن ته مارجي ويل ڊرائيور محمد اعظم جي گاڏي ڪراچي ۾ محمد قاسم جي نالي سان رجسٽرڊ ٿيل آهي.  گاڏي 24 جولاءِ 2006ع ايڪسائيز کاتي ڪراچي ۾ رجسٽرڊ ڪئي هئي. آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويل شخص ولي محمد جي سڃاڻپ ڪارڊ تي سندس عارضي ايڊريس به لکيل هئي.  جنهن جا فوٽيجز ميڊيا به ڏيکاريا ويا، جنهن بعد تمام گهڻا سوال کڙا ٿي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته نادرا ۾ ڪجهه ڪرپٽ عملدار ڪجهه پئسن عيوض دهشتگردن کي سڃانپ ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهن. جنهن جا انڪشاف ڪيترن ئي ٽي وي چينلن تي ٿيندا رهن ٿا.
 17 سيپٽمبر 2015 ۾ پشاور ۾ افغانين کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي الزام هيٺ هڪ سياسي جماعت جي اڳواڻ کي عدالت مان گرفتار ڪيو ويو هو، پشاور جي عدالت  پاران سياسي جماعت جي اڳواڻ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا هئا، ان کان اڳ نادران جي 8 ملازمن کي جعلي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار به ڪيو ويو هو. سنڌ ۾ به گذريل ڪيتري عرصي کان سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌريون دانهون ڪري رهيون هيون پر  حڪومت ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هئي.  افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته نادرا عملدار ڪجهه ڏوڪڙن عيوض دهشتگردن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن. سنڌ ۾ جڏهن به ڌارين جي لوڌ خلاف احتجاج ٿيا ته انهن تي لٺيون ۽ شيلنگ ڪئي وئي پر انهن جي مطالبي تي ڪنهن  نه مڃيو، هاڻ جڏهن  پاڪستاني سياستدان به اهي بيان ڏئي رهيا آهن ته ڪجهه ڪاريون رڍون نادرا ۾ ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي دهشتگردن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ ملوث آهن.  هونءَ ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ کي ڀرڻ لاءِ سنڌ دشمن عنصر ته سرگرم هئا پر اها خبر نه هئي ته  نادرا ۾ سنڌ دشمن عنصر ڀرتي ٿيل هوندا جيڪي سنڌ جي امن امان لاءِ وڏو خطرو پيدا ڪندا، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي افغانين، برمين، ڀارتي شهرين  ۽ اوورسيز پاڪستانين  ڄاڻائي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن، جنهن بابت هن وقت جاچ ناهي ٿي سگهي،  سنڌ ۾ جيڪي نادرا آفيسون قائم آهن، انهن مان شهري علائقن ۾ جيڪي به نادرا آفيسون آهن، خاص طور ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ جيڪي به نادرا آفيسون آهن، انهن ۾ غير سنڌي  آفيسرن سان گڏ ڪجهه سنڌي آفيسر به ڪجهه هزار روپين جي لالچ ۾ ڌارين کي ڪارڊ ٺهرائي ڏئي رهيا آهن، جن  خلاف  به مختلف وقتن ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي پر انهن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. مون کي ياد  آهي ته جڏهن مان پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ويو هيس ته منهنجو ٻه ڀيرا ڪارڊ رجيڪٽ ٿي آيو آهي جنهن بابت مون کي ٽيڪنيڪل فالٽ ٻڌايو ويو هو، جنهن کي درست ڪرائڻ بعد وڃي مون کي ڪارڊ ٺهي مليو هو پر  هتي جيڪي به افغانستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ مان مهاجر اچي ترسيا آ هن انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ هتان جي ڌرتي ڌڻين کان به اڳ ڏنا پيا وڃن، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته   نادرا ۾ ڪرپٽ ماڻهو ويٺل آهن،
نادرا مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، جنهن سبب هاڻ دهشتگردن جي ڪارڊن جا انڪشاف ٿي رهيا آهن.  ملا اختر منصور جو ڪارڊ نادرا جو نڪتو آهي ۽ سندس پاسپورٽ به پاڪستاني آهي،  ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ملا اختر 25 اپريل 2016 ۾   پاڪستان کان ايران ويو هو.  21 ،ي 2016ع  ملا اختر منصور  پاڪستان واپس آيو هو ۽ هن ايران اچڻ وڃڻ لاءِ تفتان سرحم جو استعمال ڪيو هو، ميڊيا تي اهي به خبرون آهن ته ملا اختر منصور ان کان اڳ به ايران وڃي چڪو آهي.  ان کان اڳ ملا منصور 18 فيبروري 2016ع تي به ايران ويو هو. پاسپورٽ موجب ملا اختر منصور 10 مارچ 2016ع ۾ واپس پاڪستان آيو هو. پاسپورٽ ٽريول هسٽري موجب ملا اختر منصور گهٽ ۾ گهٽ 10 ڀيرا پاڪستان کان ٻاهر سفر ڪيو  ۽ ڪراچي ايئرپورٽ کان 10 ڀيرا ٻاهر ملڪن ڏانهن به ويو.  06 آگسٽ 2015ع  نادرا  جي ملازمن   فهرست جاري ڪئي وئي هئي جن بابت چيو ويو هو ته اهي سمورا  نادرا  ملازم جعلي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ ۾ ملوث آهن، پر انهن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، اهڙي فهرست ملڻ بعد  پڻ اسان جي سيڪيورٽي ادارن تي به ڪيترائي سوال  کڙا ٿي وڃن ٿا ته ڇاڪاڻ ته  اها فهرست جنهن به اداري پاڪستان کي ڏني اهو وڏو سوال ناهي پر  وڏو سوال اهو  آهي ته   اهڙي فهرست ملڻ باوجود به انهن  نادارا آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، ميڊيا تي اهي به خبرون ٻڌڻ  ۾ آيو آهن ته  نادرا ۾ پرڏيهي ماڻهن کي به ڀرتي  ڪيو ويو آهي، جنهن سبب دهشتگرد  کي به سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا پيا وڃن.  تنهن لاءِ ضروري آهي ته وفاقي سرڪار کي اهڙي حساس معاملي جي فوري جاچ ڪرائڻ گهرجي  نه ته اڃا به وڌيڪ  دهشتگرد پاڪستاني پاسپورٽ  ذريعي پرڏيهه سفر ڪندا رهندا. 10 آگسٽ 2015ع ۾ هڪ ٽي وي چينل تي خبر  نشر ٿي هئي ته ڪجهه نادرا ملازم  مختلف خاندانن جي  (ب) فارم  ميمبر شامل ڪري رهيا آهن جن کي ڪا به خبر نه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙا ب  فارم تيار ڪيا ويا آهن جن  ۾ مختلف خاندانن ۾ دهشتگردن کي  فيملي ميمبر طور ڏيکاريو ويو آهي،  ان باوجود اهڙين خبرن  جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو. جئين سنڌ ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ احتجاج ڪري رهيا آهن نادرا  ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏئي رهي آهي، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير سميت سموري  قيادت خاموشي اختيار ڪري ويٺي آهي. جنهن لاءِ وفاقي سرڪار توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نادرا ۾ هڪ وڏو آپريشن ڪرڻو پوندو ته جئين انهن ڪارين رڍن کي وائکو ڪيو وڃي جيڪي ڌارين سان گڏ دهشتگردن کي پاڪستان جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪري رهيا آهن.  جيڪڏهن انهن خلاف هن وقت به ڪارروائي نه ٿي ته پوءِ اڃا وڌيڪ دهشتگردن ۽  ڌارين وٽ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ اچي ويندا جيڪي عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻبا.ان لاءِ ضروري آهي ته نادارا ۾ هن وقت  جيڪي به ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، انهن جي چڱي ريت جاچ ڪئي وڃي، خاص طور تي سنڌ ۾ جيڪي به افغان مهاجرن کي ڪارڊ  جاري ڪيا ويا آهن انهن   ڪارڊن کي ضبط ڪري  افغان مهاجرن کي واپس  ڏيهه اماڻيو وڃي ته جئين ملڪ اندر امن امان جي صورتحال قائم ٿي سگهي.

No comments:

Post a Comment