Pages

Monday 30 May 2016

نالي ماتر خرچ ٿيندڙ بجيٽ

صاحب خان ڀٽي
1947ع کان هن وقت تائين جيڪا به سنڌ جي لاءِ بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، اها ڪيتري خرچ ٿي ۽ ڪٿي خرچ ٿي، ان سان ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا، جيڪڏهن ان بابت جاچ ٿئي ته ڪيترائي ڪرپٽ ڪامورا وائکا ٿي ويندا . جن خلاف شايد ڪارروائي ڪرڻ ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن ادارن جي وس ۾ نه هجي.  هر سال تعليم، صحت، زراعت ۽ ٻين شعبن لاءِ ڪروڙين اربين روپين جي بجيٽ منظور ڪئي ويندي آهي پر اها ڪٿي خرچ ٿيندي نظر نه ايندي آهي. تعليم جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي،  ڪيترائي اسڪول بند آهن ۽ جيڪي اسڪول کليل آهن ته انهن ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن، ايتري قدر جون ڪيترن ئي اسڪولن  جا فنڊ ته هتان جا وزير ئي ڳڙڪايو وڃن، جن خلاف به هن وقت تائين جاچ نه ٿي سگهي آهي  ۽ جيڪڏهن انهن خلاف جاچ ٿيڻ جو اشارو به ڏنو وڃي ٿو ته انهن جا واٺا روڊن تي نڪري اچن ٿا، جنهن جي ڪري اهي قانوني ڪارروائي کان آجا ٿي وڃن ٿا، روزانو مختلف اخبارن ۾ اهي خبرون  ڇپجنديون رهن ٿيون ته ڪيترائي وڏيرا اسڪولن تي قبضو ڪري انهن کي پنهنجيون اوطاقون ڪري ڇڏيون اٿن پر اهڙين خبرن باوجود حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري، آخري چري ته اهو به ڪئين ڇاڪا ته اهي وڏيرا به انهن حڪمرانن جا ئي دوست هوندا، جيڪي چونڊن ۾ سندن ونگار وهندا آهن،  هونءَ ته حڪومت تعليم بابت اشتهارن تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪندي آهي ۽ وڏا وڏا سيمينار ڪوٺائي وڏن وڏن ماڻهن کي دعوتون ڏئي  ڪروڙين روپيا خرچ ڪندي آهي جيڪڏهن اها ئي خرچ تعليم ته خرچي ڪئي ته هتان جو نسل تباهه ٿيڻ کان بچي ويندي. تعليم لاءِ جيڪا بجيٽ منظور ڪئي وڃي ٿي جيڪڏهن ان جو 50 سيڪڙو به خرچ ڪيو وڃي ته هن صوبي جي تعليم تمام گهڻي بهتري اچي ويندي پر افسوس جو ان بجيٽ جو 25 سيڪڙو به خرچ نه ٿي رهيو آهي. سمورا پئسا وزير، مشير ۽ سندن واٺا کائي رهيا آهن
. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن سموريون جمهوري پارٽيون روپوش ٿي ويون هيون ۽ ٻاهرن ملڪن ۾ ويهي بيان ڏينهن رهيون تڏهن به اهي لڳي رهيو هو ته شايد اهو ڪو خواب هجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به ڪو ڊڪٽيٽر ملڪ جون واڳيون سنڀاليندو آهي تڏهن ايئن لڳندو آهي ان جي ذاتي بيانن ۾ ڪا به صداقت نه هوندي.  پرويز مشرف جي دور ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون ويون شايد ئي ڪنهن تاريخ ۾ اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون هجن. ڇاڪاڻ ته پرويز مشرف نياڻين کي پڙهائڻ لاءِ سنڌ ۾ والدين کي پئسا ۽ راشن به ڏنو ۽ ان جو اهو فائدو ٿيو ته ڪيترن ئي سنڌ واسين جيڪي پنهنجي نياڻين کي اسڪول موڪلڻ عيب سمجهندا هئا انهن پنهنجي نياڻين کي اسڪول موڪليو، پرويز مشرف جو دور ڀلي جمهوريت وارو نه هو پر هن جهڙي ريت غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت ڪتاب ڏنا شايد اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ٿيو هو.جنهن سان تعليم کي هٿي ملي هئي، پر افسوس جنهن ڏينهن کان جمهوريت قائم ٿي آهي تنهن ڏينهن کان اهو لڳي رهيو آهي ته تعليم تباهه ٿي رهي آهي، اهو به حڪومت جي غلط فيصلن جي ڪري. اهڙو ئي حال صحت مرڪزن جو به آهي، جتي به نه دوائون آهن ۽ نه ئي ڪي ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن،جنهن سبب نه ته هتان جا ماڻهو صحتياب ٿي رهيا آهن ۽ نه ئي وري بيمارين ۾ ڪا گهٽتائي اچي سگهي آهي. سرڪاري اسپتالن جو اهو حال آهي ته اتان جا ايم بي بي ايس ڊاڪٽر  سرڪاري اسپتالن کي گهٽت وقت ڏئي رهيا آهن ۽ پر پنهنجين پرائيوٽ اسپتالن ۾ سڄو سڄو ڏينهن گذارين ٿا. لکين روپيا کڻندڙ سرڪاري ڊاڪٽر به سرڪاري اسپتالن کي تالو هڻي پنهنجيون خانگيون اسپتالون چمڪائي رهيا آهن. جن خلاف  به حڪومت ته ڇا  ٻيا ادارا به ڪارروائي نه ڪري رهيا آهن. ايتري قدر جو سرڪاري اسپتالن جا اسٽورڪيپر به سرڪاري دوائون ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن، ڪيترن ئي پرائيوٽ اسٽورن تي سرڪاري دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن پر ڊرگس انسڪپيٽر ته ڇا ڪو سپاهي  به انهن خلاف ڪارروائي  نه ڪري رهيو آهي، نانگ ڪکڻ واري ويڪسين به خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿي رهي آهي. جنهن سبب مريض مهانگي اگهن تي وٺڻ تي مجبور نظر اچي رهيا آهن. هاڻ  ته هڪ ٻيو طريقو به اختيار ڪيو ويو آهي، ڪيتريون اسپتالون اين جي اوز حوالي ڪيون ويون آهن جيڪي پنهنجي مرضي موجٻ بجيٽ خرچ ڪري رهيون آهن، جنهن مان لڳي پيو ته اهو وزيرن پاران هڪ ٻيو پئسو ڪمائڻ جو ذريعو آهي. ڇاڪاڻ  ته جنهن ڏينه سرڪاري اسپتالون اين جي اوز  حوالي ڪيون ويون آهن تنهن ڏينهن کان انهن اسپتالن  خلاف احتجاج  ٿيندي نظر اچي رهيا آهن پر حڪومت پنهنجي فيصلي کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽي آهي..
ڪراچي، سکر، حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ به سرڪاري اسپتالن جو اهو حال آهي جو مريض تڙپندا رهن ٿا پر ڊاڪٽرن توڙي حڪومت کي انهن جي واهر ڪرڻ  لاءِ وقت ئي نه ٿو ملي. سرڪاري دوائون خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿيڻ ۽ ڊاڪٽرن ۽ ٻي عملي جو اسپتالن ۾ غير حاضر رهڻ جو سبب اهو ئي آهي جو انهن کي پڪ ٿي وئي آهي ته سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته انهن کي اها ڄاڻ هوندي آهي ته جيڪي سندن خلاف ڪارروائي ڪندا اهي پاڻ به ساڻن گڏڪرپشن ۾ ملوث هوندا آهن. جڏهن کان پيپلزپاٽي جي حڪومت قائم ٿي آهي تنهن ڏينهن کان سنڌ اندر ڪو به ترقياتي ڪم ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي،پر سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٻين صوبن ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو ويو آهي. پر افسوس جو سنڌ جا حڪمران بجيٽ خرچ ڪرڻ بدران سنڀالي رکن ٿا جيڪا وقت پورو ٿيڻ سبب خرچ نه ٿي سگهندي آهي جئين162 ارب روپين جي بجيٽ سنڌ حڪومت خرچ نه ڪري سگهي. جن بابت ميڊيا تي خبرون نشر ٿي رهيون آهن. ماضي ۾ سنڌ حڪومت ڪيتري بجيٽ خرچ نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب نه ته ترقياتي ڪم ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري  ڪنهن کي لاڀ حاصل ٿيو آهي. ناظمي دور ۾ جنهن ريت ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ٿيا شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو پهريون ڀيرو  ٿيا هجن، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ روڊ رستا، پاڻي جو نظام ۽ ٻيون سهولتون ماڻهن کي فراهم ڪيون ويون پر افسوس جو هاڻ اهو ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿي رهيو آهي. هاڻ به جڏهن نئين مالي سال جي بجيٽ منظور ٿيڻ وڃڻ واري آهي، تڏهن حڪومت کي گهرجي ته عوام کي ريليف فراهم ڪئي وڃي ته جئين ماڻهو  ڏکيائن کان بچي سگهي. نه ته وري اهو ئي ٿيندو جو بجيٽ حڪومت ختم نه ڪري سگهندي ۽ پئسا  واپس هليا ويندا.


No comments:

Post a Comment