Pages

Thursday 26 May 2016

پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جو مستقبل ۽ امن ڳالهيون

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا طالبان جي سربراهه ملا اختر منصور کي مارڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي ۽ ڳالهيون ڪرڻ جي دعوت به ڏني آهي. آمريڪا اها اميد به ظاهر ڪئي آهي ته طالبان جو نئون سربراهه ملا هيبت الله اخونزاده موقعو جو فائدو وٺندي ڳالهين جو رستو اپنائيندو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا طالبان جو نئون سربراهه هبت الله اخونزاده ڳالهين لاءِ راضي ٿيندو يا وري ملا منصور وارو رستو اختيار ڪندو. جيڪڏهن  طالبان جو نئون امير ملا هبت الله  مارجي ويل ملا منصور جو رستو اپنائيندو ته پوءِ شايد ئي ڪي امن ڳالهيون آمريڪا سان شروع ٿي  سگهن ۽ نه ان جي ڪا اميد رکي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ آمريڪا اڳ ئي چئي چڪو آهي ته ملا اختر منصور امن ڳالهين ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل هو، جنهن سبب طالبان امن ڳالهيون ڪامياب نه ٿي رهيون هيون. هاڻ جڏهن طالبان شوريٰ به ملا اختر منصور جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته حملي ۾ مارجي ويل ولي محمد ئي ملا اختر منصور هو، جيتوڻيڪ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي و يل جي ڊي اين اي ٽيسٽ هن وقت ناهي اچي سگهي پر ان باوجود طالبان شوريٰ پنهنجو نئون امير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جهڙي ريت آمريڪا طالبان اڳواڻن کي امن ڳالهن واري عمل دوران ماري رهيو آهي تنهن مان لڳي پيو ته ايندڙ وقت افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون رولڙي جو شڪار ٿي وينديون ۽ طالبان ۽ افغان حڪومت کي ڳالهين لاءِ راضي ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو ۽ ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون.
ملا اختر منصور جي مارجڻ بعد ملا هبت الله اخونزاده  کي افغان طالبان جو نئون سربراهه ڪيو  ويو آهي، جنهن جون هنءَ ذميواريون به سنڀالي ورتيون آهن، طالبان شوريٰ جي اهڙي فيصلي تي آمريڪا طرفان به ڳالهين جي دعوت ڏني وئي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ماضي ۾ پاڪستان  افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن ڳالهين ۾ ٽيڪاڙي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، هاڻ به ماضي جيان ڪي ڳالهيون شروع ٿيون ته شايد پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڇاڪاڻ ته افغانستان جي امن سان خطي جو امن سلهاڙيل آهي، تنهن لاءِ پاڪستان کي  ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ پاڪستان کانسواءِ اهي امن ڳالهيون ممڪن به نه ٿي سگهنديون ۽ پاڪستان کي به ٽيڪاڙي ڪرڻي ئي پوندي ته جئين ملڪ اندر به امن امان جي صورتحال بحال ٿي سگهي.  ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته طالبان جي نئين سربراهه ملا هبت الله اخونزاده کي ظاهري طور سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي پر حڪم سراج الدين حقاني ئي هلائيندو ۽ ان جي فيصلن تي ئي عمل ڪيو ويندو. ميڊيا تي خبرون آهن ته ملا اختر منصور جڏهن زنده هو تڏهن به طالبان اندر ڪيترائي ڌڙا موجود هئا، جيڪي سندس خلاف هئا ۽ ملا منصور انهن کي گڏ ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويو هو، پر هاڻ جڏهن ملا هبت الله اخونزاده کي نئون امير مقرر ڪيو ويو آهي، تڏهن اهو لڳي پيو ته  ملا منصور طالبان جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪري وٺندو، ڇاڪاڻ ته ملا هبت الله اخونزاده کي سمورا طالبان ڌڙا استاد سمجهندا آهن ۽ اهي طالبان استاد جي سمورن فيصلن کي مان ڏيندي قبول ڪندا،  جنهن مان لڳي پيو ته آمريڪا به  ان جي ڪري ئي افغان طالبان جي نئين امير ملا هبت الله اخونزاده کي ڳالهين جي دعوت ڏني  آهي ته ٻئي طرف وري پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي طارق گدڙ  گروپ ۽ جماعت دعوه القرآن کي عالمي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مارڪ ٽونر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته طارق گدڙ گروپ آرمي پبلڪ اسڪول حملي ۾ ملوث آهي ۽ جماعت دعوه الرآن پڻ عالمي دهشتگرد تنظيم آهي، عمر منصور باچا خان يونيورسٽي جو ماسٽر مائينڊ آهي.  بهر حال اهو هاڻ وقت ئي ٻڌائندو ته افغان طالبان جو نئون سربراهه ملا هبت الله اخونزاده آمريڪا جي دعوت کي قبول ڪندو يا وري ملا  اختر منصور  جيان آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ امن ڳالهين ۾ رڪاوٽ بڻبو. هاڻ سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته آخر  اهو ڪهڙو سبب هو جو آمريڪا کي ملا منصور کي پاڪستان ۾ نشانو بڻايو پيو، هونءَ ته ملا منصور پاڪستاني پاسپورٽ تي ٻين ملڪن ڏانهن سفر ڪري رهيو هو پوءِ آمريڪا ٻين ملڪن ۾ ملا منصور کي نشانو ڇو نه بڻايو ؟ ڪجهه تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ئي ملا منصور کي پاڪستان اندر بنا ٻڌائڻ ۽ اجازت وٺڻ جي نشانو بڻايو . افغان صدر اشرف غني به اهو بيان ڏنو آهي ته هٿيار ڦٽا نه ڪندڙن جو انجام به ملا منصور جهڙو ئي ٿيندو.
جيتوڻيڪ آمريڪي اخبار” وال اسٽريٽ ” اهو لکيو آهي ته آمريڪا پاڻ ئي طالبان امن ڳالهين ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا افغان طالبان جي ڪجهه ڌڙن کي هٿيار  فراهم ڪندو آهي ته جئين اهي طالبان ڌڙا پاڻ ۾ وڙهن  ۽ انهن  طالبان ڌڙن جي جنگي مدد به ڪندو آهي ۽ اهو ملبو ٻين تي وجهي پاڻ کي آجو سمجهندو آهي، آمريڪي اخبار جي اهڙن انڪشافن باوجود آمريڪا اهو الزام طالبان تي لڳائيندو رهيوآهي، جنهن مان اها اميد ظاهر نه ٿي ڪري سگهجي ته آمريڪا طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪو سنجيده آهي. جيتوڻيڪ آمريڪا ڳچ عرصي کي اهي ئي بيان ڏئي رهيو آهي ته هو طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا پر ان باوجود جنگ ۾ هن وقت تائين ٺاپر ناهي اچي سگهي، افغانستان ۾ توڙي پاڪستان ۾ به افغان طالبان کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن مان واضع آهي ته آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالهيون نه ٿينديون، جيڪڏهن ٿيون ته اهي ڪامياب ٿيڻ تمام گهڻو ڏکيون آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت جنگ ۽ ڳالهيون نه هلي سگهنديون آهن. تنهن جي ڪري آمريڪا کي به سنجيدگي سان ڪم وٺڻو پوندو. هاڻ ٿوري نظر ڦيرائينداسين پاڪستان ڏانهن به ڇاڪاڻ ته ملا  اختر منصور جي مارجڻ بعد پاڪستان اندر  صورتحال  خراب ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي ڊرون حملا پاڪستان جي سلامتي خلاف آهن، جنهن تي پاڪستان طرفان پنهنجو آواز گڏيل قومن ۾ اٿارڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي. بلوچستان جي نوشڪي واري علائقي ۾ آمريڪي ڊرون حملي بعد پيدا ٿيل صورتحال بابت آرمي چيف جنرل راحيل شريف به سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف  22 مئي واري حملي کي پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي تصور ڪندي سخت ڳڻتي ۽ اعتراض جو اظهار پڻ ڪيو آهي. آرمي چيف  جنرل راحيل شريف جي آمريڪي ڊرون حملي بابت بيان کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. پر افسوس جو هن وقت تائين ڪنهن به سياسي، سماجي توڙي مذهبي جماعت طرفان آمريڪي ڊرون حملي تي ڪو خاص احتجاج رڪارڊ ناهي ڪرايو ويو، صرف نالي ماتر بيان جاري ڪيا ويا آهن. هن ڀيري تحريڪ انصاف سربراهه  عمران خان به ڊرون حملي تي خاموشي اختيار ڪري ويٺو آهي ۽ ڪو ڌرڻو يا احتجاج رڪارڊ ناهي ڪرايو آهي.
 آمريڪا به بلوچستان جي نوشڪي واري علائقي ۾ ڊرون حملي کانپوءِ به بيان جاري ڪيو آهي ته هو  ٻيهر به اهڙي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. آمريڪا جي اهڙي اعلان کانپوءِ  به اسان جي ملڪ جا حڪمران خاموش نظر اچي رهيا آهن، وزيراعظم نوازشريف ته پنهنجو علاج ڪرائڻ لاءِ لنڊن پهتل هو،  آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزيراعظم نوازشريف ۽ ٻين سياستدانن آمريڪا جي ڊرون حملن جي مذمت به ڪئي آهي پر آمريڪا خلاف اهڙو مطئمن جوڳو بيان سامهون نه اچي سگهيو آهي، جنهن مان لڳي ته آمريڪا ته ان جو ڪو اثر پوندو. هڪ طرف آمريڪا پاڪستاني فوج ۽ عوام جي ڏنل قربانين جي واکاڻ ڪري رهيو  آهي ته ٻي طرف وري بنا  اطلاع ڏيڻ يا اجازت کانسواءِ ملڪ سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڊرون حملا ڪري رهيو آهي، جنهن  تي گڏيل قومن ۾ پنهنجو آواز اٿاري سگهجي ٿو پر هن وقت تائين ڪو اهڙو قدم نه کنيو ويو آهي ۽ ئي وري گڏيل قومن آمريڪي جي اهڙي ڏاڍ مڙسي جو نوٽيس ورتو آهي. هتان جون سياسي، سماجي تنظيمون به ڪو خاص احتجاج رڪارڊ ڪرائي ناهن سگهيون، جنهن سان عالمي سطح تي آمريڪا تي ڪو دٻاءُ  نٿو وجهي سگهجي، هاڻ جڏهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف  پنهنجو واضع پيغام ڏنو آهي ۽ آمريڪي ڊرون حملن تي  ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي، تنهن مان لڳي پيو ته شايد آمريڪا  مستقبل ۾ اهڙا حملا ڪرڻ کان پاسو ڪري، ڇاڪاڻ ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف اسلام آباد مقرر آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل سان ملاقات ڪري اهو واضع چيو آهي ته اهڙن ڊرون حملن سان پاڪ آمريڪا جي لاڳاپن سميت امن ڳالهيون به متاثر ٿي سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسان اهو  ڏسندس پيا  اچون ته آمريڪا  مختلف وقتن تي پاڪستان اندر ڊرون حملا ڪندو رهيو آهي پر ان باوجود هن وقت تائين ملڪ جي عوام توڙي حڪمرانن ڪا جدوجهد شروع ناهي ڪئي. هاڻ ڏسڻو  اهو  آهي ته ڇا پاڪستاني حڪمران ڊرون حملن کي ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي  تي وار سمجهندي پنهنجو ڪيس کڻي  گڏيل قومن ويندا يا وري صرف بيانن کان ڪم وٺي  وقت گذاريو ويندو، جيڪڏهن هن ڀيري آمريڪي حملي جي مذمت سان گڏ ڪا حڪمت عملي نه جوڙي وئي ته مستقبل ۾ آمريڪا ٻيهر بنا اجازت جي اهڙيون ڪارروايون ڪندو، ڇاڪان ته اڳ ئي آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي بيان ۾ چئي چڪو آهي ته دهشتگرد جتي به هوندا هو انهن خلاف ڪارروائي ڪندا ۽ کين ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت نه آهي ۽ نه ڪنهن کي هو ان جو اطلاع ڏيندا. آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي اهڙن بيانن کانپوءِ پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي آمريڪي ڊرون حملن بابت حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جئين مستقبل ۾ آمريڪا کي ملڪي سرحدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان اڳ سئو بار سوچڻو پوي ۽ عالمي سطح تي ٻين ملڪن ڏانهن اهو پيغام وڃي ته جئين انهن کي به آمريڪا جيان ڪارروائي ڪرڻ جي همت نه ٿئي.

No comments:

Post a Comment