Pages

Saturday 28 May 2016

سڃاڻپ ڪارڊ ٻيهر تصديق ڪرائڻ وارو فيصلو

صاحب خان ڀٽي
بلوچستان ۾ ولي محمد جي مارجڻ بعد وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سڃاڻپ ڪارڊ ٻيهر تصديق ڪرائڻ جو  اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت جعلي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙن کي 2 مهينن جي مهلت به ڏني  وئي آهي ته اهي رضاڪاراڻا طور پنهنجا جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جمع ڪرائن، ٻي صورت ۾ انهن خلاف ڪاروائي ڪري 7 سال سزا ڏني ويندي ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي به 3 سال سزا ڀوڳڻي پوندي. هاڻ سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته  وفاقي حڪومت  جنهن وٽ آدمشماري ڪرائڻ لاءِ ئي وسيلا ئي نه آهن ته پوءِ اها حڪومت سڄي قوم جي سڃاڻپ ڪارڊن جي تصديق ڪئين ڪري سگهندي ۽  چوڌري نثار جيڪو وقت ڏنو آهي ته 6 مهينن اندر ڪارڊن جي ٻيهر تصديق  وارو عمل مڪمل ڪيو ويندو، جيڪو نٿو لڳي ته ممڪن ٿي سگهي،  جنهن ملڪ ۾ آدمشماري ان سبب نه پئي ڪرائي وڃي ته انهن وٽ وسيلا گهٽ آهن ته پوءِ هاڻ وفاقي گهرو وزير وڏي اعلان   سان ڪروڙين ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ڪئين تصديق ڪرائي سگهندو. هڪ طرف نادرا جو اهو حال آهي روزاني آفيسن ٻاهران ماڻهن جون قطارون لڳيون پيون آهن ۽ ماڻهو رولڙي جو شڪار آهن ته ٻي طرف وري هزارين ماڻهن جا ڪارڊ بلاڪ لڳا پيا آهن، ڪن کي ڪاغذ مڪمل نه  هجڻ سبب ڪارڊ نه پيا ٺاهي ڏنا وڃن ته ڪن جي ابن ڏاڏن جا ڪارڊ نه هجڻ سبب انهن کي ڪارڊ جاري نه پيا ڪيا وڃن پر ان باوجود اسلام آباد تخت پاران انهن تي ڪو رحم نه پيو ڪيو وڃي.
وفاقي گهرو وزير سڃاڻپ ڪارڊ ٻيهر تصديق ڪرائڻ جي اعلان ته ڪيو آهي پر افسوس هن اهڙو اعلان بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي اعلان کان اڳ نادرا  آفيسرن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي ها، ڇا ان ۾ ڪي دهشتگرد ڀرتي ته نه ڪيا ويا آهن جيڪي جعلي ڪارڊ ٺاهي ڏئي رهيا آهن. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي اعلان کان اڳ نادرا ۾ هڪ آپريشن ڪرائڻ گهرجي ها ۽ جيڪي ڪرپٽ عملدار هجن ها ته انهن کي برطرف ڪري ها ته جئين  اهي ڪرپٽ آفيسر حساس اداري ۾ نه رهي سگهن، ڇاڪاڻ ته هنن ملڪ جي شهريت ڪجهه ٽڪن عيوض وڪڻي آهي، جيڪڏهن نادرا جي انهن ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪارروائي نه ٿي جن آفيسرن پرڏيهه  ۾ ويٺلن کي پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن ته پوءِ اهي ٻيهر سڃاڻپ ڪارڊن جي تصديق واري عمل کي منصفاڻو بڻائڻ نه ڏيندا ۽ نه ئي اهي ماڻهو  وائکا ٿيندا، جيڪي اهڙن ڪڌن ڪمن ۾ ملوث آهن. جيستائين نادرا  آفيسن ۾ ڀرتي ڪيل ڪارين رڍن جي ڳچين ۾ هٿ وڍا ويندا تيستائين سڃاڻپ ڪارڊ جي ٻيهر تصديق واري عمل تي به سوال اٿندا رهندا. سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ڪچي وارا علائقا آهن جن ۾ نه ته نادرا جون ٽيمون پهچي سگهيون آهن ۽ نه ئي انهن کي ڪارڊ ٺاهي ڏنا ويا آهن، پر نادرا انهن افغان مهاجرن کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، سنڌ جي هر شهر مان اهي ئي دانهون ٿي رهيون هيون ته نادرا آفيسر رشوت عيوض ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏئي رهيا آهن پر ان وقت به حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه چري هئي ، وڏي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ تڏهن ئي حڪمرانن جون اکيون کلنديون آهن، جڏهن ڪو وڏو حادثو ٿيندو آهي، پوءِ وڏا وڏا  اعلان به ڪيا ويندا آهن، جئين سدائين اسان جي ملڪ ۾ ٿيندو رهيو آهي. تڏهن لڳندو آهي ته واقعي حڪمران معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو سنجيده نظر اچي رهيا آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي.
هاڻ به جيڪو ڪارڊن جو ٻيهر تصديق وارو اعلان ڪيو ويو آهي، ان مان لڳي ٿو ته انهن جعلي ڪارڊ ٺهرائيندڙ ن کي ڪجهه نه ٿيندو پر جيڪي اصل هن ملڪ جا شهري آهن، انهن کي پريشان ضرور ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اهي ڪرپٽ نادرا آفيسر هڪ ڀيرو ٻيهر انهن معصوم ماڻهن جي اصل سڃاڻپ ڪارڊن کي به ڪو نه ڪو سبب ڄاڻائي رد ڪيو ويندو، باقي افغانستان، برما، ايران ۽ ڀارت مان آيل غير ملڪين  جو وار به ونگو نه ٿيندو، جئين ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي. افغانستان تي آمريڪي حملي کانپوءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين مختلف هنڌن تي افغان بستيون قائم ڪيون ويون آهن پر انهن کي واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ لاءِ نه ته صوبائي حڪومت ڪو قدم کڻي رهي آهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت انهن طرف ڪو ڌيان ڏئي رهي آهي، جيتوڻيڪ سمورا ملڪ مهاجرن کي سيڪيورٽي رسڪ سڏي رهيا آهن، پر ان باوجود هن ملڪ کي عالمي يتيم خانو بڻائڻ لاءِ هنن حڪمرانن ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. ٻين ملڪن مهاجرن لاءِ  سرحدي علائقي ۾ ڪئمپون لڳايون وينديون آهن پر افسوس جو اسان جي پياري ملڪ ۾ انهن کي ڪئمپن بدران سنڌ ۽ بلوچستان  سميت ٻين صوبن ۾ ترسايو ويو آهي، اهڙي عمل خلاف جڏهن سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويو ته انهن احتجاج ڪندڙ قومپرست ڌرين خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويا ۽ چيو ويو ته هي دشمن آهن جنهن تي وقت جا حڪمران ڏمرجي به پيا هئا ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون انهن خلاف مختلف ڪيس به داخل  ڪرايا هئا ته جئين اهي ٻيهر احتجاج ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهن. جيڪڏهن حڪومت  پاڻ ئي ملڪ لاءِ خطرو سمجهندڙن کي ترسائي ته پوءِ آخر ڪئين امن قائم ٿي سگهي ٿو؟ اهڙا ٻيا به ڪيترائي سوال ذهن تي تاري ٿين ٿا جن جو شايد حڪومت جواب نه ڏئي سگهي. هاڻ جڏهن اسان جو ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهي ويو آهي ۽ سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجي جانين جا نظرانا به ڏئي رهيا آهن پر ان وقت حڪمرانن کي پرڏيهين کي ملڪ مان ڪڍڻ جو خيال نه پيو اچي. جنهن مان لڳي پيو ته حڪومت نٿي چاهي ته ڪو هن ملن ۾ امن امان واري فضا قائم ٿي سگهي. هڪ طرف دهشتگرد ملڪ ۾ مختلف هنڌن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ته ٻي طرف وري ملڪ مان پرڏيهي ايجنٽ به گرفتار ٿي رهيا آهن، تڏهن اچي اسان جي حڪمرانن کي اهو خيال آيو آهي ته مهاجر سيڪيورٽي رسڪ آهن، جيڪي دهشتگردي ۾ ملوث آهن. هونءَ به هن ملڪ اندر ڪيترائي را جا ايجنٽ به گرفتار ٿي چڪا آهن، جن بابت ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ۽ هڪ را جي جاسوس جي ته ڀارت به تصديق ڪئي آهي ته اهو انهن جو ماڻهو آهي.
جڏهن افغان مهاجرن کي پاڪستان آندو پئي ويو تڏهن به ساڃاهه وند اهو ئي چئي رهيا هئا ته انهن مهاجرن جي روپ ۾ افغانستان مان دهشتگرد به پاڪستان اندر داخل ٿيندا جن کي سرحد  وٽ ترسايو وڃي پر حڪومت ان وقت هڪ به نه ٻڌي هئي ۽ اهي خدشا هاڻ سچ  ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي جيڪو مهاجرن بابت بيان ڏنو اهو تمام گهڻو سخت هو، کيس اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها، پر جڏهن ڳالهه ملڪ جي سالميت جي اچي وڃي ته ۽ ملڪ جي بقا جو سوال پيدا  ٿي وڃي ته پوءِ  ملڪ لاءِ خطرو بڻجي ويل مهاجرن لاءِ اهڙو بيان ڏيڻ ۾ ڪو به هرج نه آهي. هاڻ حڪومت کي انهن سمورن افغان مهاجرن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻو پوندو، باقي رهي ڳالهه سڃاڻپ ڪارڊ تصديق ڪرائڻ جي ته پوءِ ان سان نه ته امن قائم ٿيندو ۽ نه ئي وري دهشتگرد حڪومت وٽ وڃي پنهنجا جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جمع ڪرائيندا. جيڪڏهن دهشتگرد جعلي ڪارڊ ٺهرائي سگهن ٿا ته پوءِ اهي سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ اندر جيڪي مهاجر آهن انهن کي عزت سان هن ملڪ مان ڪڍيو وڃي جنهن ته نه گڏيل قومن کي اعتراض ٿيندو ۽ نه ئي وري ڪي ان بابت سوال اٿندا. جيڪڏهن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اهو سمجهي ٿو ته صرف ڪارڊ تصديق ڪرائڻ سان دهشتگرد ڀڄي ويندا ۽ پنهنجيون گرفتاريون پيش ڪندا ته اها سندس وڏي ڀل آهي، اهڙي عمل سان انهن دهشتگردن کي ڪجهه به نه ٿيندو ۽ رڳو هن ملڪ جا شهري ئي پريشان ٿيندا. جيڪڏهن ملڪ جي عوام جو تحفظ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي عزيز آهي ته پوءِ کيس مهاجرن کي جلد کان جلد پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلڻو پوندو ته جئين امن امان جي صورتحال قائم ٿي سگهي ۽ نادرا جي سمورن ملازمن خاص طور تي هيڊ آفيس ۾ ويٺل سمورن آفيسرن جي جاچ پڙتال ڪرائڻي پوندي ته ڪو دهشتگرد ته نه آهي، يا ان جا ڪي تعلق دهشتگردن سان ته ناهن، جيڪو دهشتگردن سان ملي ڪري پاڪستاني سڃاڻپ کي وڪرو ڪري رهيو آهي.

No comments:

Post a Comment