Pages

Friday 27 May 2016

پاناما ليڪس جي جاچ تي مفاهمتي عمل

صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس وارو برف جو گولو هاڻ ملڪ اندر پگهرجڻ لڳو آهي، جئين جئين وقت گذرندو پيو وڃي، تئين تئين اپوزيشن به ورهائيجندي نظر اچي رهي آهي،  ڇاڪاڻ ته  اپوزيشن وزيراعظم نواشريف جو نالو ٽي او آرز مان ڪڍڻ  جي پيشڪش ڪئي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته هڪ دفعو ٻيهر ملڪ اندر مفاهمت وارو عمل شروع  ٿي ويندو ۽ ملڪ اندر سموريون جماعتون به ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪري وٺنديون، هڪ طرف سياسي جماعتن جا اڳواڻ چئي رهيا آهن ته جيڪي به آف شور ڪمپنيون آهن  ۽  اهي غير قانوني آهن، جن کي ڪنهن به صورت ۾ قانوني نه ٿو چئي سگهجي، جيڪڏهن اهي ڪمپنيون واقعي غير قانوني آهن ۽ انهن ڪمپنين کي ٺاهڻ جو مقصد ٽيڪس  چوري آهي ته پوءِ تحريڪ انصاف سربراهه به لنڊن ۾ ميڊيا آڏو اهو بيان ڏيندي اعتراف ڪيو آهي ته سندس جي به هڪ آف شور ڪمپني آهي، جيڪا غير قانوني ناهي ۽ هن اها آف شور ڪمپني برطانيا ۾ ٽيڪس بچائڻ لاءِ   ٺاهي هئي. جڏهن  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اهو بيان ڏئي رهيو ته کيس ڪارو  چشمو به پاتل هو ۽ هن ان وقت اهو به چيو  هو ته آف شور  ڪمپنين جا ٻه قسم هوندا آهن، سندس اهڙي بيان تي مخالف ڌر جي اڳواڻن توڙي ٻين سياسي اڳواڻن طرفان ڪو به بيان نه آيو هو، صرف قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه اهو بيان ڏنو هو ته عمران خان کي آف شور ڪمپني بابت وضاحت ڏيڻي پوندي.  بهر حال هن وقت تائين ته ٻين  سياسي اڳواڻن کان آفف شور ڪمپنين بابت پڇا ڳاڇا ناهي ڪئي وئي ۽ نه وري انهن خلاف ڪا جاچ شروع ڪئي وئي آهي پر وزيراعظم نوازشريف جي اولاد جي آف شور ڪمپنين ۽  پرڏيهي ملڪيت بابت احتجاج ضرور ٿي رهيا آهن. گذريل ڏينهن وزيراعظم نوازشريف کي قومي سلامي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ هو پر هو ان ۾ شرڪت  به نه ڪري سگهيو، ٻڌڻ ۾ آيو ته لنڊن جي ڊاڪٽرن کيس سفر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن بعد هن علاج لاءِ اتي وڌيڪ ڏينهن ترسڻ جو فيصلو ڪيو، هڪ طرف نوازشريف جو علاج هلي رهيو آهي ته ٻي طرف ڳچ عرصي کان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو به علاج هلندڙ آهي، جنهن جي طبيعت ۾ ڪا ايتري خاص بهتري نه آئي آهي جنهن سبب هو هن وقت لنڊن ۾ ترسيل  آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا تي خبرون آيون هيون ته جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان به لنڊن ويو هيو ۽ سندس ملاقات آصف علي زرداري سان ٿي هئي ۽ اهي خبرون ميڊيا تي به هلون هيون پر مولانا فضل الرحمان ۽ پيپلزپارٽي طرفان اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي وئي هئي ۽ مولانا فضل الرحمان چيو هو ته سندس ڪا به ملاقات آصف علي زرداري سان ناهي ٿي، اهڙين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.  ميڊيا تي اهي به خبر نشر  ٿيون هيون ته آصف علي زرداري لنڊن ۾ وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ وزيراعظم ننهن چوٽي جو  زور لڳايو  پر کيس ملاقات لاءِ راضي نه ڪري سگهيو، جنهن سبب اهو ٽاسڪ مولانا فضل الرحمان کي ڏنو ويو هو، اهو ڳالهيون سچ هيون يا ڪوڙ، هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائندو. اپوزيشن جي ٽي او آرز مان وزيراعظم جي نالي ڪڍڻ واري آڇ بعد مفاهمتي عمل جي  به راهه هموار ٿيندي نظر اچي رهي آهي پر ان باوجود هن وقت تائين نوازشريف توڙي ڪنهن ٻي اڳواڻ طرفان ڪو خاص بيان سامهون ناهي اچي سگهيو. جنهن مان لڳي ٿو ته اڃا ٿورو وقت حڪومت ۽ اپوزيشن کي لڳندو ته جئين سمورين ڌرين جو ڌيان پاناما واري معاملي تان هٽي وڃي ۽ ميڊيا ۾ به ان معاملي تي ٺاپر اچي وڃي، پر  عمران خان کي خاموش ڪرائڻ شايد حڪومت جي وس ۾ نه آهي ۽ نه ئي حڪومت  تحريڪ انصاف سربراهه کي پاناما معاملي تي مطئمن ڪري سگهندي. ڇاڪاڻ ته عمران خان جو  نوازشريف لاءِ سخت رويو نظر اچي رهيو آهي ۽ آصف علي زرداري  لاءِ نرم رويو اختيار ڪيو آهي. عمران خان پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته پيپلزپارٽي نوازشريف کي بچائي رهي آهي ۽ نوازشريف پيپلزپارٽي جي پناهه جي ڪري ئي بچيو پيو آهي. جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اڪيلي سر پاناما ليڪس واري معاملي تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي پر ان مان نه پيو لڳي ته ڪو عمران خان به ان برف جي گولي کي پگهرجڻ کان روڪي سگهي ٿو. پارليامينٽ هائوس ۾ پاناماليڪس جي جاچ لاءِ ٽرمز آف ريفرنس ٺاهڻ واري واري پارلياماني ڪيمٽي جي ٿيل اجلاس ۾ حڪومت طرفان به اپوزيشن کي متفق ڪرڻ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وئي پر ان ۾ به حڪومت کي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي،  پر حڪومت  اپوزيشن کي ايترو مطئمن ضرور ڪيو جو هنن   وزيراعظم نوازشريف جو نالو ٽِي او آرز مان ڪڍڻ جي آڇ ڪئي.  جنهن بابت اهو چيو ويو آهي ته  اهو حتمي فيصلو ناهي.  اپوزيشن طرفان اهو چيو ويو ته هو هن وقت به 15 سوالن تي قائم آهن، پر حڪومت جي اعتراض سبب هنن وزيراعظم نوازشريف جو نالو وٺڻ کان پاسو ڪيو آهي. اعتزاز احسن  پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته  هو نالي ۽ جلا وطني دوران تحفن وارا  سوال واپس وٺڻ لاءِ تيار آهن. پر  ان باوجود عمران خان پاناما ليڪس واري معاملي تي  وزيراعظم نوازشريف جي استعيفيٰ  واري مطالبي تي قائم بيهندي  چيو ته  سموريون جماعتون به نوازشريف  سان ملي وڃن ته پوءِ به هو پاناما معاملي تي اڪيلي سر احتجاج ڪندو. هڪ طرف  اندر دهشتگردن کي مارڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن ته ٻي طرف وري حڪومت چئي رهي آهي ته آمريڪي ڊرون حملا ملڪي سلامتي خلاف ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهن، ان باوجود هن وقت تائين ڪنهن به جماعت طرفان ڪو خاص بيان ناهي ڏنو ويو  ۽ نه ئي وري ڪا اهڙي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن مان لڳي ته اهي پارٽيون آمريڪي ڊرون حملن جي سخت خلاف آهن، پر في الحال پاناما ليڪس معاملي تي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سميت سموريون ڌريون هڪ پليٽ فارم تي نظر  اچي رهيو آهن،  8 اپريل  2016ع تي تحريڪ انصاف سربراهه به وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ گهري هئي ۽ ان کي ڏسندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  به  وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو پر پيپلزپارٽي اهي مطالبي کان مڃڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته بلاول ڀٽي زرداري ڪڏهن به نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ناهي ڪيو. هاڻ جڏهن اپوزيشن 15 سوالن مان 2 سوالن جي وزيراعظم نوازشريف کي رعايت ڏئي ڇڏي آهي، تڏهن لڳي پيو ته ٻين سوالن کي به مستقبل ۾ لئه مٽي ڪيو ويندو، جنهن ڏينهن کان پاناما ليڪس ٿرٿلو مچايو هو تنهن ڏينهن کان ملڪ اندر اهو رڙيون هيون ته وزيراعظم خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ کيس جاچ کان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ته جئين سندس خلاف جاچ شفاف نموني ٿئي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ٻين به سياستدانن جون آف شور ڪمپنيون هيون انهن کان استعيفيٰ جو ڪو به مطالبو نه ڪري رهيو آهي، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف جي پارٽي جي به ڪجهه اڳواڻن جون به آف شور ڪمپنيون هيون پر انهن خلاف به ڪا جاچ نه ٿي سگهي ۽ عمران خان به انهن خلاف ڪارروائي بدران  انهن خلاف ڪنهن کي ڳالهائڻ جي اجازت به ڏني. جيڪڏهن وزيراعظم نوازشريف جي اولاد خلاف جاچ ٿي سگهي ٿي پوءِ آخر پي ٽي  آءِ، پيپلزپارٽي ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن جي آف شور ڪمپنين خلاف جاچ ڇو نه ٿي سگهي، انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين ملڪ اندر احتساب جو عمل بهتر ٿئي نه ملڪ اندر احتساب جو خاتمو ۽ مفاهمت جي بادشاهت قائم ٿي ويندي ۽ ڪنهن ماڻهو احتساب نه ٿي سگهندو.

No comments:

Post a Comment