Pages

Monday 30 May 2016

وفاقي بجيٽ ۽ عوامي اميدون

صاحب خان ڀٽي
هر سال جيان هن سال به وفاقي بجيٽ جو جڏهن اعلان ٿيو ته هر هڪ کي اها اميد جاڳي هئي ته شايد هن بجيٽ ۾ کين ريليف ملندو ۽ سندن بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا خاص بجيٽ رکي ويندي ته جئين  سندن اهنج گهٽجي سگهجن. جيتوڻيڪ حڪومت  هر بجيٽ ۾ وڏيون دعوائون ڪندي آهي ۽ ان کي عوام دوست به قرار ڏيندي آهي پر ظاهري طور ان بجيٽ سان عوام کي ڪو به خاص ريليف نه ملي سگهندو آهي.جئين جئين وقت گذرندو آهي ته تئين تئين اها بجيٽ عوام لاءِ اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيندي آهي، هر بجيٽ ۾ نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا آهن جنهن جي اوڳاڙي حڪومت جي اولين ترجيح هوندي آهي پر جيڪي به عوامي فائدي لاءِ بجيٽ منظور ڪئي ويندي آهي اها ٽڪو به خرچ نه ٿيندي آهي، بجيٽ جو ٻڌي سرڪاري ملازمن کان ويندي خانگي ڪمپين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت کي اها اميد پيدا ٿيندي آهي ته شايد هن ڀيري کين ڪو ريليف ملي سگهي، افسوس جو اانهن کي ريليف ته نه ملي سگهندو آهي پر انهن مٿان جيڪي نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا آهن، اهي سندن لاءِ هڪ وڏو بار بڻجي ويندا آهن. هن ڀيري ته منرل واٽر تي به ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن مان لڳي پيو ته هن ملڪ ۾ هر هڪ شخص شايد منرل واٽر پيندو هجي، شايد هنن حڪمرانن کي اها خبر ئي نه آهي يا وري خبر هوندي به اهي ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن ته هتان جي عوام کي ملڪ جي قيام کان ٺي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جو ڪو به بندوبست نه ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪن هنڌن تي فلٽر پلانٽ لڳايا ويا آهن، انهن مان به شايد ئي ڪنهن ماڻهو کي فائدو ملي هجي، ڇاڪاڻ ته اهي فلٽر پلانٽ ٺهن جي هڪ مهيني کان پوءِ بند ٿي ويا آهن، جن کي ٺهرائڻ لاءِ حڪومت نئين بجيٽ جو انتظار ڪندي آهي. هر سال وانگي هن سال به وفاقي بجيٽ دانهن، ڪوڪن، نعرن ۽ وڏي شور سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها بجيٽ ڪيتري عوام لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي، اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو.
 جيتوڻيڪ وزيراعظم نوازشريف لنڊن ۾ بيماري سبب ترسل آهي پر ان باوجود وزيراعظم نوازشريف قومي اسيمبلي۾ وفاقي بجيٽ واري اجلاس جي اسڪائيپ ذريعي صدارت ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو. پوليس ۽ ٽائون ملازمن سميت سمورن ملازمن کي اها اميد هئي  ته شايد سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ ته حڪومت ڪا خاص بجيٽ رکي. پاڪستان پيپلزپارٽي سميت سمورن جماعتن جو هر سال جيان هن سال به وفاقي بجيٽ تي ڪنهن خاص موقف تي قائم نه رهي سگهيون،  اقتصادي ڪائونل جي اجلاس 17-2016ع جي وفاقي بجيٽ ۾ 288 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جي به تجويز ڏني وئي هئي،  جنهن مان لڳي پيو ته هي حڪومت عوام کي ڪو به ريليف فراهم نه ٿي ڪرڻ چاهي، ڇاڪاڻ جو ان جو سڀ کان وڏو سبب عام شين جي اگهن ۾ بجيٽ کان اڳ واڌائي آهي، ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته 17-2016ع جي وفاقي بجيٽ  ۾ ملڪ اندر وڏو معيشي بحران ايندو ڇاڪاڻ ته حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نون ٽئڪسن سبب ملڪ اندر بيروزگاري سميت ٻيا بحران پيدا ٿي ويندا.قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بجيٽ ۾ بچاءُ  جي بجيٽ ۾ 750 کان وڌائي 870 روپيا رکيا ويا آهن. مختلف شعبن لاءِ 160 ارب روپين جي سبسڊي جي به پڻ تجويز ڏني وئي. وفاقي بجيٽ ۾ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ به 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني  وئي هئي.  جڏهن ته ايف بي آر جي ٽئڪس وصيلن جو ڪاٿو 36 کرب ۽ نان ٽيڪس وصولين جو هدف 9 کرپ روپيا مقرر ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو. پر سرڪاري ملازمن کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا خاص بجيٽ نه رکي وئي. جيتوڻيڪ حڪومت طرفان هر سال جي بجيٽ ۾ پورهيتن جون پگهارون وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويندو آهي پر ان باوجود هتان جا سرمائيدار نه ته پگهارون وڌائندا آهن ۽ نه ئي جيڪي پگهار حڪومت طئه ڪندي آهي ۽ اها ڏني ويندي آهي،  ملڪ اندر 8 ڪلاڪ ڊيوٽي جو ٽائيم مقرر ڪيو ويو آهي ۽ هر اداري ۾ پورهيت کان 8 ڪلاڪ ئي ڪم ورتو ويندو آهي پر افسوس جو هتان جا حڪمران نه ته پگهارون وڌائندا آهن ۽ نه ئي وري پورهيتن کان 8 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺندا آهن، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت مختلف شهرن ۾ ڪمپنيون غير سنڌين کي ڀرتي ڪري مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن اتان جا شهري احتجاج ڪندا آهن ته پوءِ هي ادارا انهن جون  خبرون به نه هلائيندا آهن. جنهن سبب سندن  ڏيکائون ٻيڻيون ٿينديون پيون وڃن. پرويز مشرف نياڻين کي پڙهائڻ لاءِ سنڌ ۾ والدين کي پئسا ۽ راشن به ڏنو ۽ ان جو اهو فائدو ٿيو ته ڪيترن ئي سنڌ واسين جيڪي پنهنجي نياڻين کي اسڪول موڪلڻ عيب سمجهندا هئا انهن پنهنجي نياڻين کي اسڪول موڪليو، جيتوڻيڪ پرويز مشرف جو دور ڀلي جمهوريت وارو نه هو پر هن جهڙي ريت غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت ڪتاب ڏنا ويا شايد  ئي اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ٿيو هجي.جنهن عمل سان تعليم کي هٿي ملي هئي، پر افسوس جنهن ڏينهن کان جمهوريت قائم ٿي آهي تنهن ڏينهن کان اهو لڳي رهيو آهي ته تعليم تباهه ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ حڪومت جيڪي مشرف دور غريب ماڻهن جي ٻارڙن کي ڏنا ويندا هئا اهي به هاڻ ڪنهن هنڌ ملي رهيا آهن ته ڪنهن رد ڪتاب فراهم نه پيا ڪيا وڃن. اهو به حڪومت جي غلط فيصلن جي ڪري. اهڙو ئي حال صحت مرڪزن جو به آهي، جتي به نه دوائون آهن ۽ نه ئي ڪي ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن،جنهن سبب نه ته هتان جا ماڻهو صحتياب ٿي رهيا آهن ۽ نه ئي وري بيمارين ۾ ڪا گهٽتائي اچي سگهي آهي.
سرڪاري اسپتالن جو اهو حال آهي ته اتان جا ايم بي بي ايس ڊاڪٽر  سرڪاري اسپتالن کي گهٽت وقت ڏئي رهيا آهن ۽ پر پنهنجين پرائيوٽ اسپتالن ۾ سڄو سڄو ڏينهن گذارين ٿا. لکين روپيا کڻندڙ سرڪاري ڊاڪٽر به سرڪاري اسپتالن کي تالو هڻي پنهنجيون خانگيون اسپتالون چمڪائي رهيا آهن. جن خلاف  به حڪومت ته ڇا  ٻيا ادارا به ڪارروائي نه ڪري رهيا آهن. ايتري قدر جو سرڪاري اسپتالن جا اسٽورڪيپر به سرڪاري دوائون ڪرڻ ۾ ملوث رهيا آهن، ڪيترن ئي پرائيوٽ اسٽورن تي سرڪاري دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن پر ڊرگس انسڪپيٽر ته ڇا ڪو سپاهي  به انهن خلاف ڪارروائي  نه ڪري رهيو آهي، نانگ ڪکڻ واري ويڪسين به خانگي اسٽورن تي وڪرو ٿي رهي آهي. جنهن سبب مريض مهانگي اگهن تي وٺڻ تي مجبور نظر اچي رهيا آهن. هاڻ  ته هڪ ٻيو طريقو به اختيار ڪيو ويو آهي، ڪيتريون اسپتالون اين جي اوز حوالي ڪيون ويون آهن جيڪي پنهنجي مرضي موجٻ بجيٽ خرچ ڪري رهيون آهن، جنهن مان لڳي پيو ته اهو وزيرن پاران هڪ ٻيو پئسو ڪمائڻ جو ذريعو آهي. ڇاڪاڻ  ته جنهن ڏينه سرڪاري اسپتالون اين جي اوز  حوالي ڪيون ويون آهن تنهن ڏينهن کان انهن اسپتالن  خلاف احتجاج  ٿيندي نظر اچي رهيا آهن پر حڪومت پنهنجي فيصلي کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽي آهي. هر سال بجيٽ منظور ٿيڻ باوجود هتان جا روڊ رستا به ٽٽل آهن نه ئي پلون  ٺهرايون پيون و ڃن ۽ نه ئي وري زراعت لاءِ ڪا خاص بجيٽ رکي ويندي آهي،  جيتوڻيڪ خورشيد شاهه صحت ۽ تعليم جي بجيٽ ٽي ڀيرا واڌائڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو پر ان تي به ڪو به عمل ٿيندي نظر نه آيو. عوام جون اميدون به هن  سال اميدون  ٿي رهجي ويون، شايد مستقبل ۾ سندن درد گهٽجي نه  سگهن.


No comments:

Post a Comment