Pages

Thursday, 29 September 2016

Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Daily Sindh sujag karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh sujag karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sobh karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Mehran Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Awami Awaz karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Tameer-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


سعودي عرب، آمريڪا ۾ موجود اثاثا وڪڻندو؟

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا، نائن اليون حملي ۾ ملوث ماڻهن جي جاچ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيو آهي، ان حوالي سان مختلف وقتن تي آمريڪي صدر بارڪ اوباما طرفان به حملي ۾ ملوث جوابدارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ بيان  ڏنا ويا آهن، ايتري قدر جو آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو هو ته هو ڪنهن به صورت ۾ نائن اليون حملي ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪندا ۽ انهن کي انجام تائين پهچائندا پر ان باوجود هن وقت تائين نائن اليون ۾ ملوث جوابدارن کي صحيح معنيٰ سان وائکو نه ڪيو ويو آهي، اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن به ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو هو ته سعودي عرب دهشتگردن جي پٺڀرائي ۽ مدد ڪرڻ ڇڏي ڏئي پر ان وقت نه ته ڪو سعودي عرب طرفان رد عمل ڏيکاريو ويو هو ۽ نه ئي ان بابت ڪا وضاحت جاري ڪئي وئي هئي پر جڏهن آمريڪي ڪانگريس ۾ نائن اليون حملي بابت سعودي عرب خلاف بل پيش ڪيو ويو هو ته ان  وقت سعودي عرب ڪاوڙجي پيو هو ۽  آمريڪا کي ڌمڪي ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن اهو بل پاس ٿيو ته سعودي عرب آمريڪا ۾ موجود اثاثن کي وڪرو ڪري ڇڏيندو،  جنهن بعد آمريڪي صدر ڪانگريس مان پاس ٿيل سعودي عرب تي ڪيس هلائڻ واري بل کي  ويٽو ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب سندس ملڪ اندر  به اختلاف وڌي ويا هئا پر ان باوجود آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجو هڪ قدم به  پوئتي نه هٽايو هو
.بهرحال جڏهن نائن اليون حملو ٿيو هو ته ان وقت آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو هو ۽ ان حملي ۾ طالبان کي ملوث قرار ڏنو هو ۽ آمريڪا طرفان اهو چيو ويو هو ته هو نائن اليون حملي ۾ملوث ماڻهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪندا، جنهن بعد آمريڪا، پاڪستان کان به مدد ورتي هئي،  18 نومبر 2014 ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف بيان ڏنو هو ته نائن اليون کانپوءِ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ و اري فيصلي تي قائم هو، جڏهن آمريڪا افغانستان تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ان وقت پاڪستان اندر امن امان هو  پر جڏهن آمريڪا جي چوڻ ته پاڪستان پنهنجا هوائي اڏا ڏنا ۽ آمريڪا جي مدد ڪئي هئي ته ان ڏينهن کان هن وقت تائين نه ته افغانستان ۾ امن قائم ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي پاڪستان ۾ ڪو امن رهيو آهي، هن وقت ٻئي ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهن پر ان باوجود آمريڪا پاڪستان کان ڊو مور جا مطالبو ڪندو رهيو آهي، اڳ ۾ آمريڪا نائن اليون ۾ افغانستان کي ملوث قرار ڏندو هو پر هاڻ سعودي عرب ڏانهن به آڱريون کڻي رهيو آهي ۽ اهي آڱريون آمريڪا ان ڏينهن کان کڻڻ شروع ڪيون آهن، جنهن ڏينهن گرفتار زڪريا موسوي انڪشاف ڪيو هو ته نائن اليون حلن ۾ سعودي شهزادو به ملوث آهي، جڏهن نائن اليون بابت جاچ ٿي رهي هئي ته ان وقت گرفتار ڪيل زڪريا موسوي اهو به انڪشاف ڪيو هو نائن اليون ۾ شاهي خاندان جا ماڻهو به شامل هئا، جن ۾ اهم شخصيتون به شامل هيون.
 بهرحال آمريڪا به باقاعده جاچ شروع ڪئي هئي جنهن بعد سعودي عرب جي ملوث هجڻ جو بيان به ڏنو هو، آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن به اهو چيو هو ته هو دهشتگردي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندا ۽ سعودي عرب دهشتگردن جي مدد ڪرڻ ڇڏي ڏئي.  17 اپري 2016ع سعودي عرب به آمريڪا کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن نائن اليون واقعي ۾ سعودي عرب کي ملوث قرار ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ته پوءِ هو آمريڪا ۾ موجود سعودي عرب جي اثاثن کي وڪڻي ڇڏيندا، ان حوالي سان سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير به آمريڪا جو دورو ڪيو هو ۽ ان دوري ۾ سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير آمريڪي اختيارين کي پيغام ڏنو هو ته جڏهن سعودي عرب محسوس ڪيو ته سندن اثاثا منجمد ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي ته هو ان وقت آمريڪا ۾ موجود اثاثن کي وڪرو ڪري ڇڏيندا، هونءَ ته 18 مئي 2016 ۾ آمريڪي سينيٽ نائن اليون حملي جو ڪيس سعودي عرب تي داخل ڪرڻ  واري قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي جنهن تي سعودي عرب طرفان ڳڻتي به ظاهر ڪئي وئي  هئي ۽ آمريڪا مان سيڙپڪاري واپس کڻي وڃڻ جي ڌمڪي به ڏني هئي جيڪا ڌمڪي هو اڄ به ڏئي رهيو آهي. 24 سيٽمبر 2016 ع ۾ آمريڪي صدر براڪ اوباما سعودي عرب خلاف سينيٽ ۾ منظور ٿيل نائن اليون بل کي ويٽوڪيو هو، سينيٽ جي منظوري کانپوءِ قطعي منظوري لاءِ نائن اليون بل تي آمريڪي صدر جي صحيح ٿيڻ باقي هئي پر براڪ اوباما پنهنجو صوابديدي اختيار استعمال ڪندي بل کي ويٽو ڪيو  هو، آمريڪي صدر بارڪ اوباما جو چوڻ هو ته هـِي بل آمريڪي مفادن خلاف آهي.
 نائن اليون بل تي سعودي حڪومت ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل هئا، ڇنڇر 24 سيپٽمبر  2016 تي بهآمريڪي صدر بارڪ اوباما سعودي عرب خلاف سينيٽ ۾ منظور ٿيندڙ نائن اليون بل کي ويٽو ڪري ڇڏيو هو،. سينيٽ جي منظوري کانپوءِ حتمي منظوري لاءِ نائن اليون بل تي آمريڪي صدر جي صحيح ٿيڻ باقي هئي، بهرحال نائن اليون بل تي سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويا هئا، بل موجب نائن اليون واقعي ۾ مارجي ويندڙن جا وارث سعودي حڪومت خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگهندا. هونءَ ته سعودي عرب آمريڪا کي پهريان ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن بل کي قانوني شڪل ڏني وئي ته هو آمريڪا ۾ موجود پنهنجي 750 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪڍي ويندو.هونءَ ته آمريڪي صدر سينيٽ ۾ صدر جو ويٽو اختيار ختم ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪي صدر جو ويٽو وارو حق ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي سينيٽ ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي هئي، ووٽنگ ۾ ويٽو جو اختيار ختم ڪرڻ جي حق ۾ 97 ووٽ پيا هئا ججڏهن ته مخالفت ۾ صرف هڪ ووٽ وڌو ويو هو
،جڏهن سينٽ کان پوءِ اعليٰ ايوان ۾ بارڪ بارڪ اوباما جي ويٽو وارو بل آندو ويو ته ان کي اڪثريت سان رد ڪيو ويو هو، آمريڪا جي اعليٰ ايوان ۾ به سعودي حڪومت خلاف بل تي اوباما جو ويٽو رد ڪيو ويو هو، اعليٰ ايوان ۾ 76 جي ڀيٽ ۾ 345 ووٽان تان بارڪ اوباما جي ويٽو کي رد ڪيو ويو هو. جنهن بعد ڪانگريس نائن اليون م مارجي ويلن جي وارثن کي سعودي عرب تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حق ڏئي ڇڏيو هو، بارڪ اوباما جو ويٽو رد ٿيڻ کانپوءِ ان کي قانون جي شڪل به ڏنو ويو آهي، جنهن بعد آمريڪي شهرين کي سعودي عرب خلاف ڪيس داخل جو اختيار ملي ويو آهي. هونءَ ته سعودي عرب اڳ به بل منظور ٿيڻ جي خدشي سبب بيان ڏئي چڪو آهي پر جڏهن آمريڪي اعليٰ ايوان مان بارڪ اوباما جو ويٽو رد ٿيو ته ان وقت سعودي عرب طرفان اهو  بيان جاري ڪيو ويو ته هو آمريڪا ۾ موجود اربين ڊالرن جي اثاثن کي ڪرو ڪري ڇڏيندا. آمريڪي صدر بارڪ اوباما به نائن اليون واري قانون کي خطرناڪ مثال قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر بارڪ اوباما چيو آهي ته سعودي عرب خلاف بل تي ويٽو رد ڪرڻ وڏي غلطي آهي.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سعودي عرب جيڪو اڳ معشيت جي تباهي ڪناري تي پهتل آهي, اهو ملڪ آمريڪا ۾ پنهنجي اثاثن کي منجمد ڪندو يا صرف آمريڪا کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سعودي عرب کي خدشو آهي ته جڏهن نائن اليون واقعو پيش آيو هو ته سعدوي عرب جا اهڙا عملدار به اتي ترسيل هئا جن جا نالا به جاچ ۾ چڪا آهن ۽ سعودي عرب ڪنهن به صورت ۾ نه چاهيندو ته انهن خلاف ڪارروائي ٿئي ۽ سعودي عرب ڪڏهن به آمريڪا ۾ موجود پنهنجا اثاثا وڪرو نه ڪندو ڇاڪاڻ ته ان سان سعودي عرب جي معشيت کي تمام گهڻو ڌڪ لڳندو ۽آمريڪا سان لاڳاپا به تمام گهڻا خراب ٿي ويندا ۽ سعودي عرب ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه چاهيندو ۽ آمريڪا به سعودي عرب کي ناراض نه ڪندو، اهو ئي سبب هو جو بارڪ اوباما سعودي عرب بابت بل کي ويٽو ڪيو هو، جيتوڻيڪ هن وقت سعودي عرب جي معيشيت بهتر نه آهي پر ان باوجود سعودي عرب تيل جي پيداوار کان ويندي ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه چاهيندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت سعودي عرب موجود فيڪٽرين جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي ۽ هزارين پورهيتن کي هن وقت تائين پگهارون نه ملي سگهيون آهن  ته ٻي طرف وري ڪيترائي پورهيت بنا اجرت وصول ڪرڻ جي پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾  واپس پهچي چڪا آهن ان ۾ پاڪستانين جي به وڏي اڪثريت  آهي. بهرحال هاڻ ڪجهه ڏينهن اهو واضع ٿي ويندو ته آمريڪا سعودي عرب خلاف ڪارروائي لاءِ ڪيترو سنجيده آهي يا وري آمريڪا نائن اليون جو جواز ڄاڻائي سعودي عرب کان ڪي ٻيا پنهنجا فائدو  وٺڻ طرف وڃي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي حالتون هن خطي جون  آهن ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته آمريڪا ڪنهن به ريت سعودي عرب سان لاڳاپا خراب نه ڪندو.


Wednesday, 28 September 2016

Daily Appeal karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Wafa-e-Sindh Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Mehran Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Tameer-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Pak karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Awami awaz Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Waka karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Jeejal News Paper, Sahib khan bhatti article


Daily Mehran Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Wafa-e-Sindh Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Nijat karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Tameer-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Sindh Hyderabad, Sahib khan bhatti article


Daily Appeal karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Wafa-e-Sindh Karachi, Sahib khan bhatti article


Daily Tameer-e-sindh karachi, Sahib khan bhatti article


رائيونڊ مارچ ۽ ملڪي صورتحال

صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ جون حالتون انتهائي خراب آهن، هڪ طرف دهشتگردن خلاف مختلف آپريشن هلي رهيا آهن ته ٻي طرف وري ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي پاڪستان طرفان ورلڊ بئنڪ سان به رابطو ڪيو ويو آهي پر  ان باوجود پاڪستان ۾ سياسي قيادت متحد ٿيڻ بدران اختلافن جو شڪار نظر اچي رهي آهي ۽ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ۽ احتجاجي ڌرڻن جو به سلسلو جاري رکيا پيا  اچن، جنهن فائدو ملڪ دشمن عنصرن کي ئي پهچي رهيو آهي، هن وقت تائين ڪنهن به جماعت ڀارت جي جارحيت خلاف ڪو خاص احتجاج رڪارڊ نه ڪرايو آهي، پاڪستان ۾ هلي رهيو  آهي ته اهو صرف پاناماليڪس جي جاچ وارو چرچو هلي رهيو آهي. هڪ طرف ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي ته ٻي طرف وري پاڪستاني سياسي قيادت مارچ ۽ احتجاجن جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان سڄي قوم پريشاني جي ور چڙهي وئي آهي ۽ فيصلو نه پئي ڪري سگهي ته آخر احتجاج ڪجي ته ڪجي ڇا جي لاءِ؟ ڀارتي جارحيت خلاف ڪجي يا وري ڪنهن پرڏيهه ملڪ طرفان جاري ڪيل ڪجهه پيپرن جي جاچ لاءِ ڪجي؟ هونءَ ته پاناماليڪس پيپرن جي جاچ لاءِ احتجاج هلندو پيو اچي پر هن وقت به سياسي قيادت ان ئي رسي کي جهليو بيٺا آهن، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به چيو آهي ته احتجاجن سان ڪجهه به نه ورندو، هن ملڪ ۾ احتجاج جو ڪو به قدر نه آهي، جيڪڏهن ڏٺو ته سيد خورشيد شاهه جي ڳالهه ڪنهن حد تائين سچ به آهي ته ملڪ ۾ احتجاج جو ڪو به قدر نه آهي، اهو خورشيد شاهه ان ڪري ئي چيو آهي جو عمران خان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج ڪري رهيو آهي پر انن جو هن وقت تائين کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي حڪومت ڪجهه ڪري رهي آهي پر جيڪڏهن سنڌ ۾ ٿيل احتجاجن کي ڏسجي ته ان مان ظاهر ٿي ويندو ته سنڌ حڪومت تمام گهڻو احتجاج جو قدر ڪندي   آهي جيڪڏهن آبادگار حقن لاءِ احتجاج ڪندا آهن ته انهن تي لٺيون وسايون وينديون آهن، استاد جائز حقن لاءِ احتجاج ڪندا آهن ته انهن تي واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويندو  ۽ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس اهلڪار لٺبازي به ڪندا آهن ۽ ڪٽيندا ۽ گهيلندا جيلن ۾ به بند ڪندا آهن شايد اهو فرق سنڌ حڪومت ۽وفاقي حڪومت آهي،
هونءَ ته پي ٽي آءِ ڪيتري ئي عرصي کان پاناماليڪس معاملي تي احتجاج ڪري رهي آهي، ان عرصي ۾ ڪيترائي سياستدانن سندن حمايت به ڪئي ۽ ڪجهه عرصو انهن سان گڏ به رهيا، جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان وزيراعظم نوازشريف جي خاندان جي ملڪيت توڙي آفشور ڪمپنين جي جاچ جو مطالبو ڪيو ته ان وقت  سڀ اهو ي چئي رهيا هئا ته شايد ڪا وڏي تبديلي اچڻ واري آهي پر اها تبديلي ته نه اچي سگهي جنهن جي اميد ڪئي پئي وئي پر ايترو ضرور ٿيو جو ملڪ ۾ احتجاجن ۽ ڌرڻن جي سياست شروع ٿئي وئي ايتري قدر جو سياستدان پنهنجن احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ خراب ٻولي به استعمال لڳا، جنهن کي ٻڌي لڳي رهيو هو ته شايد ڪڏهن به تبديلي نه اچي سگهي، بهر حال پي ٽي آءِ پاناماليڪس تي هن وقت هار نه مڃي آهي ۽ پنهنجو احتجاج جاري رکندي پئي اچي، سندس ان جدوجهد ۾ پاڪستان کپي جو نعرو هڻندڙ پارٽي به شامل ٿئي ۽ ان جي حمايت به ڪئي، عمران خان به هر ڀيري اهي بيان ڏيندو رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به نواز حڪومت جو ساٿ ڏنو ته ان کي به ڪرپشن ۾ ملوث سمجهيو ويندو، ايتري قدر جو شيخ رشيد به مختلف جلسن ۾ اهي بيان ڏئي چڪو آهي ته جيڪو شخص نواز سرڪار جي ڪرپشن خلاف آواز نه اٿاريو ته اهي به ساڻس مليل آهن. شروعات ۾ جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه احتجاج شروع ڪيو هو ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ته ان وقت سرڪاري ٽي وي چينل تي به حملو ڪيو ويو هو پر عمران خان ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو بعد ۾ هڪ آڊيو ٽيپ به عمران خان جي منظرعام تي آئي هئي جنهن کي به عمران خان رد ڪري ڇڏيو هو، پر ان وقت سندس پارٽي جو اهم اڳواڻ ڇڏي ويو هو ۽ هن بيان ڏنو هو ته عمران خان جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ چاهي ٿو جنهن سبب هن پارٽي ڇڏي،
هاڻ به ويجهڙ ۾ هڪ اهم اڳواڻ سندس پارٽي  ڇڏي ڏني جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ  به اختلافن جو شڪار ٿي رهي آهي، جڏهن پي ٽي آءِ ڪراچي جي مصروف ترين شاهراهه تي ڌرڻو هنيو هو ته ان وقت به ڪيترائي شهري پريشان ٿي ويا هئا، ان وقت پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ کي گرفتار به ڪيو ويو هو پر بعد سندس ڊرائيور جي ضمانت کيس آزاد ڪيو ويو هو ته ان وقت عمران خان خاموشي اختيار ڪئي هئي، بهرحال هاڻ عمران خان ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ اختلافن جو شڪار آهي يا نه آهي. هاڻ جڏهن پي ٽي آءِ 30 سيپٽمبر تي رائيونڊ ۾ مارچ ڪرڻ طرف وڃي رهي هئي آهي ته ان قت به اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ سڄي ملڪ مان 20 لک ماڻهو شريڪ ٿيندا، پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين پنهنجي جاري ڪيل بيان چيو آهي ته ماڻهو  جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ وڏي تعداد ۾ پهچڻ شروع ٿي ويندا ۽ هي تاريخ جلسو هوندو. هاڻ اسان کي به صرف 30 تاريخ جي جلسو انتظار هوندو ته واقعي پي ٽي آءِ جو هو ڌرڻو تاريخي هوندو يا اڳ ۾ ٿيل احتجاجي ڌرڻن وانگر هوندو. ڇاڪاڻ ته جيڪي به اڳ ۾ ڌرڻا يا جلسا ڪيا ويا آهن انهن ۾ عورتن سان بدسلوڪي جا واقعا منظر عام تي ايندا رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي جلسن ۾ عورتن سان اهڙو سلوڪ  ڪيو ويو جو عورتون روئڻ تي مجبور ٿي ويون ۽ اهي منظر ميڊيا تي به ڏيکاريا جنهن کي ڏسي ڪنڌ ئي جهڪي ويو هو، هونءَ ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻن ۾ صرف پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪن سان بدسلوڪي ناهي ڪئي وئي، صحافين کان ويندي گلوڪارن سان بدسلوڪي وارا واقعا پيش اچي چڪا آهن. مرحومه  ماڊل قنديل بلوچ به عمران خان جي جلسي ۾ وئي هئي جنهن جي اکڙين مان به لڙڪ لڙي آيا هئا، ايتري قدر جو پشاور جي هڪ گلوڪاره جيڪا عمران جي جلسي ۾ وئي هئي ته ان سان به به بدسلوڪي ڪئي وئي هئي جنهن جان بچائي وڃي گاڏي جي سائيڊ ورتي هئي، جنهن مهل ان ڳائڻي کي بدسلوڪي جو نشانو بڻائي رهيا ان وقت عمران خان به جلسي م خطاب ڪري رهيو هو،
جڏهن اهڙيون خبرون ميڊيا تي نشر ٿينديون هيون ته پي ٽي آءِ طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويندو هو ته اها نوازسرڪار جي سازش آهي جيڪي سندن ڌرڻن ۽ احتجاجن کي ناڪام بڻائڻ چاهي ٿي. بهرحال جڏهن پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ عورتن سان بدسلوڪي واريون خبرون ميڊيا تي ڇائنجي ويون ته هر طرف پي ٽي آءِ تي تنقيد ٿيڻ لڳي هئي. ايتري قدر جو سوشل ميڊيا تي عورتن سان بدسلوڪي جون ويڊيون شيئر ٿي رهيون هيون جنهن کي ڏسي ماڻهن تي تمام گهڻو برو اثر وڃي رهيو هو، جنهن تي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نوٽيس به ورتو هو ۽ عورتن کي بدسلوڪي کان بچائڻ لاءِ  پي ٽي آءِ جي فورس به تيار ڪئي هئي، جنهن بعد وڃي اهڙين واقعن ۾ گهٽتائي آئي هئي، بهرحال هن ڀيري تحريڪ انصاف پاران عورتن کي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر هن وقت تائين اهو واضع ناهي ڪيو ويو ته ڇا هن ڀيري پي ٽي آءِ جي اها فورس  هن رائيونڊ مارچ ۾ هوندي جيڪي عورتن کي بدسلوڪي کان بچائيندي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ٿيل واقعن کان پوءِ  هن ڀيري به اها خدشا موجود آهن، اهي خدشا صرف ان ڪري ئي موجود  آهن جو پي ٽي آءِ طرفان هن وقت تائين ڪنهن به اهڙي شخص کي انصاف جي ڪٽهڙي  ۾ نه آندو ويو آهي جيڪو عورتن سان بدسلوڪي ۾ ملوث هجي، جيتوڻيڪ ان هر هڪ شخص جون ويڊيو به منظر عام تي آهن ۽ انهن جي ويڊيوز ۾ سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي جيڪي عورتن سان بدسلوڪي ڪري رهيا هئا، بهر حال انهن کان ته هن وقت تائين ڪو به پڇاڻو نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪي اهڙيون خبرون اخبارن۾پڙهڻ لاءِ مليون آهن.


Tuesday, 27 September 2016

پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ ۽ عالمي برادري جو ڪردار

صاحب خان ڀٽي
پاڪستان طرفان والاريل ڪشيمر جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت کانپوءِ سنڌ طاس معاهدو خطري ۾ پئجي ويو آهي، ڀارت طرفان پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ بدران گهٽائڻ   جو فصيلو ڪيو آهي، جڏهن ته چناب تي ڊيمن جي اڏاوت کي پڻ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان به عالمي برادري ۾ پنهنجو آواز ڀرپور نموني اٿارڻ جو فيصلو ڪيو  آهي ته ٻي طرف وري آمريڪا توڙي ٻين ملڪن طرفان هن وقت تائين سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي بابت ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي وري والاريل ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي موقف بابت ڪو خاص بيان جاري ڪيو ويو آهي، صرف آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان پنهنجي پريس بريفنگ دوران چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي عملدارن جي گڏيل قومن جي سلامتي اجلاس ۾ ٿيل تقريرن کي هنن ٻڌو آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته آمريڪا ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ پيدا ٿيل  ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ڪو خاص ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو هن وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ ماحول پيدا ٿي ويو آهي ان کان اڃا وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ سان گڏ ٻيا به قدم کڻي سگهي ٿو، جنهن سبب حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ نا ممڪن ٿي سگهي ٿو،
جيتوڻيڪ وزيراعظم نوازشريف والاريل ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف کي  ڀرپور نموني پيش ڪيو ۽ ڪشميرين تي ٿيل ظلم جا ثبوت به فراهم ڪيا پر ان باوجود عالمي برادري خاموش رهي ۽ آمريڪا طرفان اهي بيان به جاري ڪيا ويا ته  آمريڪا جو ڪشمير بابت موقف ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته  آمريڪا ڪنهن صورت ۾ ڀارت سان ڦٽائڻ نه ٿو چاهي، هڪ طرف آمريڪا پاڪستان کان دهشتگردن خلاف ڊو مور جو مطالبو ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري پاڪستان کي هٿيار ۽جهاز  ڏيڻ کان به انڪار ڪري رهيو آهي پر ان باوجود پاڪستان طرفان اهي بيان جاري ڪيا ويا آهن ته هو بنا فرق جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن، اهڙن بيانن باوجود آمريڪا هن وقت تائين پاڪستان جي ڪاررواين مان مطئمن نظر نه اچي رهيو آهي، ان سڄي صورتحال مان لڳي رهيو آهي ته جيڪي به هن وقت پاڪستان دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪيون آهن ان مان آمريڪا ناخوش نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب هر ڀيري آمريڪا ڊو مور جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، بهرحال آمريڪا جو ڊو مور جو مطالبو پنهنجي جڳهه تي پر هن ڀيري ڀارت والاريل ڪشمير جي حمايت واري عمل کان پوءِ پاڪستان تي مڪمل طرح ڪاوڙجي ويو آهي، جنهن سبب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هڪ اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ ڀارتي وزيرن شرڪت ڪئي ۽ ان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀارت، پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ بدران پاڻي کي گهٽائيندو ۽ چناب تي ڊيمن جي اڏاوت کي تيز ڪيو  ويندو، اهڙي فيصلي کانپوءِ پاڪستان  به ڳڻتي ظاهر  ڪئي پر ان باوجود گڏيل قومن سنڌ طاس معاهدي  جي ڀڃڪڙي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي ڪندو ته ملڪ اندر پاڻي جي کوٽ ٿي ويندي.
جيڪڏهن ائين ٿيو ته سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ ۽ بلوچستان ئي ٿيندا، ڇاڪاڻ ته  اڳ ئي سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ سنڌ جي ڊيلٽا به تباهه ٿي رهي آهي، سمنڊ زمين به ڳڙڪائي رهيو آهي، پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ بنجر به بڻجي وئي آهي، جيڪڏهن ڀارت پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ پاڻي بند ڪيو ته جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان کي پاڻي ملي رهيو آهي اهو به شايد گهٽجي وڃي، تنهن ڪري ضروري آهي ته ڀارت کي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي پاڻي کي گهٽتائڻ جي اجازت نه ڏني ۽ اهڙي عمل ۾ سعودي عرب، ايران، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڀارت هاڻ وڙهڻ بدران پاڻي بند ڪري پاڪستانين کي مارڻ چاهي ٿو. جڏهن وزيراعظم نوازشريف گڏيل قومن ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو هو ته هو ڪشميرين جي حق خوداراديت جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندا، تڏهن ڀارت طرفان پاڪستان خلاف چڙ ڏياريندڙ بيان جاري ڪيا ويا هئا ۽ اهي بيان جاري ڪيا ويا  هئا ۽ چيو ويو هو ته ڪشمير ڀارت جو حصو آهي، جڏهن ته پاڪستان هر ڀيري ڪشمرين جي حق خوداراديت جي جدوجهد کي تسليم ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هو ڪشمرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا.
هڪ طرف ڀارت ۾ پاڪستان جو پاڻي گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ٻي طرف وري گڏيل قومن ۾ ڀارت جي پرڏيهي وزير ششما سوراج خطاب ۾ پاڪستان تي دهستگردي جي حمايت جا الزام به لڳايا، ايتري قدر جو ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو ته بلوچستان ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، ڪشمير  ڀارت جو اڻٽٽ حصو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ الڳ نٿو ڪري سگهجي، جنهن تي پاڪستان طرفان به بيان جاري ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪشمير ڀارت جو اڻٽٽ انگ آهي ته پوءِ اهو سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي ڇو آهي؟ سشما سوراج پنهنجي خطاب ۾ اهو  به چيو ته هنن پاڪستان سان دوستي جو هٿ وڌايو پر جواب ۾ کين پٺاڻ ڪوٽ ۽ اڙي حملا مليا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ۾ پاڪستان مڪمل سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي ايتري قدر جو پٺاڻ ڪوٽ حملي بابت ڀارت جي هڪ وزير اهو بيان به جاري ڪيو هو ته پاڪستان پاڻ ئي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ته اهو ڪهڙي طرح دهشتگردي ڪرائي سگهي ٿو پر ان باوجود هن وقت تائين ڀارت پٺاڻ ڪوٽ حملي جو الزام پاڪستان تي لڳائيندو رهيو آهي، جڏهن والاريل ڪشمير ۾ اڙي حملو ٿيو هو ته ان وقت به  ڀارت پاڪستان تي الزام لڳايو هو ۽ هي حملو ان وقت ٿيو هو جڏهن پاڪستان گڏيل قومن ۾ والاريل ڪشمير جي حق خوداراديت کي اٿارڻ جو فيصلو  ڪيو هو پر  ڀارت جي الزامن باوجود پاڪستان ڪشميرين  تي ٿيل ظلم جا ثبوت دنيا آڏو پيش ڪيا هئا، جنهن تي ڀارت جي ننڊ حرام ٿي وئي هئي جنهن سبب ئي ڀارت هاڻ پاڪستان سان وڙهڻ بدران پاڪستان کي پاڻي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ ان تي عمل به شروع ڪري ڇڏيو آهي، نريندر مودي اهو حڪم به جاري ڪيو آهي ته جنهن تحت پاڪستان جو پاڻي گهٽايو ويندو، ان سان گڏ چناب تي ڊيمن جي اڏاوت کي به تيز   ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان گڏيل قومن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر ان باوجود ڀارت پنهنجي فيصلن ۾ڪا به تبديل نه آندي آهي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌندي نظر اچي رهي آهي پر ان باوجود آمريڪا توڙي ٻين ملڪن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ  تي زور نه ڏنو آهي، پاڪستان جو دوست ملڪ چين به هن وقت تائين ڀارتي جارحيت جي مذمت نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وري چين طرفان ڀارت جي پاڻي گهٽائڻ واري فيصلي خلاف بيان جاري ڪيو ويو آهي، چين سان گڏ سعودي عرب به خاموش آهي، انهن ٻنهي ملڪن طرفان ڀارتي رويي بابت ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو، بهر حال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙو ملڪ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اڳتي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي ڪندو هو ۽ هاڻ پاڻي گهٽائڻ وارو فيصلو ڪري سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي.

Monday, 26 September 2016

ڀارتي جنونيت ۽ سنڌ طاس معاهدي جو مستقبل



صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ والاريل ڪشمير تان تڪرار هلندڙ آهي، مختلف وقتن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو به ٿيندو رهيو آهي، هن ڀيري جڏهن پاڪستان عالمي سطح تي والاريل ڪشميرين جي حق خوداراديت جو آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀارت طرفان ڌمڪيون به ڏنيون ويون، ايتري قدر جو ڀارتي ميڊيا تي پاڪستان خلاف واويلا به ڪئي وئي ۽ پاڪتان مخالف پروگرام به هلايا ويا، ڀارتي سرڪاري چينل تي هڪ مذهبي انتهاپسند شخص وزيراعظم نوازشريف جو سر ڪٽي آڻيندڙ کي انعام ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو، جڏهن اهي خبرون ڀارتي سرڪاري چينل سميت مختلف خانگي چينلن تي نشر ٿيون هيون ته  ان تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ ڀارتي حڪومت کي مجبورن اهڙين خبرن جو نوٽيس به وٺڻو پيو هو، بهرحال هن وقت ڀارت والاريل ڪشميرين جي حمايت ڪرڻ تي تمام گهڻو ڪاوڙيل به نظر اچي رهيو آهي جنهن سبب اتان جي ميڊيا تمام گهڻو سرگرم نظر اچي رهي آهي، پاڪستاني اداڪارن ۽ گلوڪارن کي به ڀارت ۾ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ پاڪستاني اداڪارن تي به الزام لڳايو پيو وڃي ته پاڪستاني راڳي ۽ اداڪار  ڀارت مان ڪمايل پئسن مان دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن، جنهن سبب انهن کي فوري طور ڀارت ڇڏي ڏيڻ گهرجي، جنهن ڪري پاڪستاني راڳي ۽ اداڪار تمام گهڻو پريشاني جي ور چڙهي ويا آهن ته ٻي طرف وري پاڪستاني ميڊيا جا اينڪر ۽ هتان جي فلم انڊسٽري جون اهم شخصيتون انهن کي تسلي ڏيڻ بدران انهن خلاف بيان ڏيڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن.
جڏهن پاڪستان گڏيل قومن ۾ والاريل ڪشمير ۾ ٿيل ظلم کي اٿارڻ جو اعلان ڪيو هو ته  ان وقت ئي ڀارت ٿرٿلي ۾ اچي ويو هو ۽ پاڪستان تي حملي جون به ڌمڪيون به ڏنيون هيون ته ٻي طرف وري پاڪستاني سول ۽ عسڪري قيادت به ڀرپور جواب ڏيڻ جو بيان جاري ڪيو هو، ائين لڳي رهيو هو ته گڏيل قومن جو اجلاس نه پر ڪو وڏو محاذ کڙو ٿيڻ طرف وڃي رهيو هو ۽ جئين جئين گڏيل قومن جي اجلاس جا ڏينهن ويجهو اچي رهيا هئا تئين تئين ڀارتي ميڊيا تي ڀارتي اڳواڻن جا پاڪستان مخالف بيان به اچڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ انهن ۾ تيزي ان وقت آئي جڏهن وزيراعظم نوازشريف نيويارڪ پهتو هو، جتي هن مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت کان آگاهه ڪيو هو ۽ والاريل ڪشمير ۾ڀارتي ظلم جا ثبوت به پيش ڪيا هئا، جنهن تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون پاران ڳڻتي جو به اظهار ڪيو  ويو هو، پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو هو ته وزيراعظم نوازشريف به گڏيل قومن جي اجلاس کي خطاب دوران والاريل ڪشمير جو معاملو ڀرپور نموني اٿاريو ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت بابت ٻڌايو. بهرحال گڏيل قومن جو اجلاس ته ختم ٿي ويو پر ڀارت هن وقت به پاڪستان مخالف سرگرمين ۾ ٺاپر ناهي آندي، ان جو اندازو تازو پاڪستاني فنڪارن کي مليل ڌمڪين مان لڳائي سگهجي ٿو.
بهرحال وزيراعظم نوازشريف گڏيل قومن ۾ خطاب ڪري اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪري ڇڏيو پر مودي سرڪار هن وقت به ٿرٿلي ۾ آهي ، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نريندر مودي سنڌ طاق معاهدو ختم ڪرڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي،  اجلاس ۾ گهرو ۽ پرڏيهي شرڪت ڪندا، جيڪي نريندر مودي کي سنڌ طاس معاهدي بابت بريفنگ ڏيندا. اهڙي خبر جڏهن ڀارتي ميڊيا تي نشر ٿي ته پاڪستان ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، ڇاڪاڻ ته ان معاهدي ختم ٿيڻ سان پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وچ ۾ وڌيڪ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ، جنهن کي شايد پوءِ ڪو ختم به نه ڪري سگهندو. ڀارتي ميڊيا اها به دعويٰ ڪري رهي آهي ته پاڪستان طرفان والاريل ڪشمرين جي حق خودارايت واري  حمايت بعد نريندر مودي سرڪار  پاڪستان تي تمام گهڻو ڪاوڙيل آهي  جنهن سبب نريندر مودي سنڌ طاس معاهدي بابت اجلاس طلب ڪيو، ڀارتي ميڊيا ته اها به دعويٰ ڪري رهي آهي ته سنڌ طاس معاهدي بابت بيڪ ڊور ڊپلوميسي شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا تي اهي به خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته  نريندر مودي اجلاس ۾ وزيرن جي بريفنگ بعد سنڌ طاس معاهدي کي ختم  به ڪري سگهي ٿو، ڀارتي اختياريون به اهو ئي چئي رهيون آهن ته نريندر مودي پنهنجي ادارن کي سنڌ طاس معاهدي ۾ ترميم جون هدايتون به جاري ڪري چڪو آهي. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير  جي ڪشميرين جي سفارتي  ۽ اخلاقي حمايت واري پاڪستاني موقف تي تمام گهڻو تپيل آهي جنهن سبب هاڻ ڀارت ڪو به انتهائي قدم کڻڻ طرف وڃي رهيو آهي، بهر حال هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن طرفان ڪو به غلط قدم کنيو ويو ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ ايٽمي پاور آهن جنهن  جي ڪري ڀارت ۽ پاڪستان کي ڇڪتاڻ گهٽتائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي، سڀ کان پهرين ڀارت کي ئي جنگ واري خيال کي ختم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جنگون مسئلي جو حل نه هونديون آهن، جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو نه آيو ته صرف پاڪستان ۽ ڀارت جون حالتون  خراب نه ٿينديون پر هن سموري خطي جون حالتون خراب ٿي وينديون.
جتيوڻيڪ سنڌ طاس معاهدو  19 سيپٽمبر 1960 ع ۾ ڪراچي ۾ ڪيو ويو هو جنهن تحت 6 ڀارتي دريائن مان پاڪستان کي هن وقت تائين پاڻي ملي رهيو آهي، پاڻ هاڻ لڳي رهيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس ماهدي بابت بيڪ ڊور ڊپلوميسي شروع ڪري ڇڏي آهي،  جيڪڏهن اهو معاهدو ختم ٿيو ته ان جو نقصان ٻنهي ملڪن کي ئي ٿيندو. هڪ طرف ڀارت پاڪستاني اداڪارن ۽ فنڪارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيوآهي ته ٻي طرف وري ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ جو اشارو ڏنو  ويوآهي. جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم ڪري 6 ڀارتي دريائن مان  پاڪستان کي  پاڻي فراهم بند ڪيو ته پوءِ اڳ جيڪو ملڪ اندر پاڻي جو بحران آهي هر هڪ صوبو اها ئي دانهن ڪري رهيو آهي  کين پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو  آهي هونءَ ته جيڪي به ڊيم ٺهيل آهن انهن ڊيمن تي ٽنهي صوبن کي خدشا آهن ته ٻي طرف وري پنجاب به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪالا باغ ٺاهڻ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي ٽنهي صوبن بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي پر افسوس جو هاڻ اسان جي ملڪ جيڪو به پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته انهن خلاف واويلا شروع ٿي وڃي ٿي انهن کي غدار چيو وڃي ته اهو سلسلو اڄ به جاري ساري آهي. جيڪڏهن ڪو پارٽي اڳواڻ ڪالا باغ ڊيم کي تباهي قرار ڏئي ٿو ته ان تي غداري جو الزام لڳايو وڃي ٿو، جيڪو مذمت جوڳو آهي، ڇاڪاڻ جيڪڏهن ٽئي صوبا ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي خلاف آهن ته پوءِ پنجاب جي اڳواڻن کي ڪو به حق ناهي ته اهي ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ بابت فتويٰ جاري ڪن. ان لاءِ پنجاب کي  ننڍن صوبن سان زيادتي ڪرڻ بدران  مفاهمت وارو عمل جاري رکڻ گهرجي، جنهن سان ٽنهي صوبن ۾ وڌندڙ اخلاف گهٽجي سگهن ٿا، جيڪڏهن ائين نه ٿيا ته پوءِ ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ ۾ ڪاماب ٿي ويندو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪيس کي نقصان ب پهچي سگهي ٿو، جنهن لاءِ ضروري آهي ته سنڌ طاس معاهدي تي نريندر مودي جي گهرايل اجلاس تي پاڪستاني سول ۽ عسڪري قيادت کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ ڀارتي اڳواڻڻ جي چالن ک سمجهڻ گهرجي، جيڪڏن ائين نه ٿيو ته پوءِ ڀارت پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

Sahib khan bhatti


Sahib khan bhatti with Shahid Channa and Mohammad Ismail


Sahib khan bhatti with Shahid Channa and Mohammad Ismail


Sahib khan bhatti with Shahid Channa and Mohammad Ismail


Sahib khan bhatti with Shahid Channa and Mohammad Ismail


Sahib khan bhatti with Shahid Channa


Sahib khan bhatti with Shahid Channa


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news


Sahib khan bhatti in Sindh Tv news