Pages

Thursday, 29 September 2016

سعودي عرب، آمريڪا ۾ موجود اثاثا وڪڻندو؟

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا، نائن اليون حملي ۾ ملوث ماڻهن جي جاچ ۽ انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيو آهي، ان حوالي سان مختلف وقتن تي آمريڪي صدر بارڪ اوباما طرفان به حملي ۾ ملوث جوابدارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ بيان  ڏنا ويا آهن، ايتري قدر جو آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو هو ته هو ڪنهن به صورت ۾ نائن اليون حملي ۾ ملوث جوابدارن کي بخش نه ڪندا ۽ انهن کي انجام تائين پهچائندا پر ان باوجود هن وقت تائين نائن اليون ۾ ملوث جوابدارن کي صحيح معنيٰ سان وائکو نه ڪيو ويو آهي، اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن به ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو هو ته سعودي عرب دهشتگردن جي پٺڀرائي ۽ مدد ڪرڻ ڇڏي ڏئي پر ان وقت نه ته ڪو سعودي عرب طرفان رد عمل ڏيکاريو ويو هو ۽ نه ئي ان بابت ڪا وضاحت جاري ڪئي وئي هئي پر جڏهن آمريڪي ڪانگريس ۾ نائن اليون حملي بابت سعودي عرب خلاف بل پيش ڪيو ويو هو ته ان  وقت سعودي عرب ڪاوڙجي پيو هو ۽  آمريڪا کي ڌمڪي ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن اهو بل پاس ٿيو ته سعودي عرب آمريڪا ۾ موجود اثاثن کي وڪرو ڪري ڇڏيندو،  جنهن بعد آمريڪي صدر ڪانگريس مان پاس ٿيل سعودي عرب تي ڪيس هلائڻ واري بل کي  ويٽو ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب سندس ملڪ اندر  به اختلاف وڌي ويا هئا پر ان باوجود آمريڪي صدر بارڪ اوباما پنهنجو هڪ قدم به  پوئتي نه هٽايو هو
.بهرحال جڏهن نائن اليون حملو ٿيو هو ته ان وقت آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو هو ۽ ان حملي ۾ طالبان کي ملوث قرار ڏنو هو ۽ آمريڪا طرفان اهو چيو ويو هو ته هو نائن اليون حملي ۾ملوث ماڻهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪندا، جنهن بعد آمريڪا، پاڪستان کان به مدد ورتي هئي،  18 نومبر 2014 ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف بيان ڏنو هو ته نائن اليون کانپوءِ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ و اري فيصلي تي قائم هو، جڏهن آمريڪا افغانستان تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ان وقت پاڪستان اندر امن امان هو  پر جڏهن آمريڪا جي چوڻ ته پاڪستان پنهنجا هوائي اڏا ڏنا ۽ آمريڪا جي مدد ڪئي هئي ته ان ڏينهن کان هن وقت تائين نه ته افغانستان ۾ امن قائم ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي پاڪستان ۾ ڪو امن رهيو آهي، هن وقت ٻئي ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهن پر ان باوجود آمريڪا پاڪستان کان ڊو مور جا مطالبو ڪندو رهيو آهي، اڳ ۾ آمريڪا نائن اليون ۾ افغانستان کي ملوث قرار ڏندو هو پر هاڻ سعودي عرب ڏانهن به آڱريون کڻي رهيو آهي ۽ اهي آڱريون آمريڪا ان ڏينهن کان کڻڻ شروع ڪيون آهن، جنهن ڏينهن گرفتار زڪريا موسوي انڪشاف ڪيو هو ته نائن اليون حلن ۾ سعودي شهزادو به ملوث آهي، جڏهن نائن اليون بابت جاچ ٿي رهي هئي ته ان وقت گرفتار ڪيل زڪريا موسوي اهو به انڪشاف ڪيو هو نائن اليون ۾ شاهي خاندان جا ماڻهو به شامل هئا، جن ۾ اهم شخصيتون به شامل هيون.
 بهرحال آمريڪا به باقاعده جاچ شروع ڪئي هئي جنهن بعد سعودي عرب جي ملوث هجڻ جو بيان به ڏنو هو، آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن به اهو چيو هو ته هو دهشتگردي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏيندا ۽ سعودي عرب دهشتگردن جي مدد ڪرڻ ڇڏي ڏئي.  17 اپري 2016ع سعودي عرب به آمريڪا کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن نائن اليون واقعي ۾ سعودي عرب کي ملوث قرار ڏيڻ جي ڪوشش ٿي ته پوءِ هو آمريڪا ۾ موجود سعودي عرب جي اثاثن کي وڪڻي ڇڏيندا، ان حوالي سان سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير به آمريڪا جو دورو ڪيو هو ۽ ان دوري ۾ سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير آمريڪي اختيارين کي پيغام ڏنو هو ته جڏهن سعودي عرب محسوس ڪيو ته سندن اثاثا منجمد ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي ته هو ان وقت آمريڪا ۾ موجود اثاثن کي وڪرو ڪري ڇڏيندا، هونءَ ته 18 مئي 2016 ۾ آمريڪي سينيٽ نائن اليون حملي جو ڪيس سعودي عرب تي داخل ڪرڻ  واري قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي جنهن تي سعودي عرب طرفان ڳڻتي به ظاهر ڪئي وئي  هئي ۽ آمريڪا مان سيڙپڪاري واپس کڻي وڃڻ جي ڌمڪي به ڏني هئي جيڪا ڌمڪي هو اڄ به ڏئي رهيو آهي. 24 سيٽمبر 2016 ع ۾ آمريڪي صدر براڪ اوباما سعودي عرب خلاف سينيٽ ۾ منظور ٿيل نائن اليون بل کي ويٽوڪيو هو، سينيٽ جي منظوري کانپوءِ قطعي منظوري لاءِ نائن اليون بل تي آمريڪي صدر جي صحيح ٿيڻ باقي هئي پر براڪ اوباما پنهنجو صوابديدي اختيار استعمال ڪندي بل کي ويٽو ڪيو  هو، آمريڪي صدر بارڪ اوباما جو چوڻ هو ته هـِي بل آمريڪي مفادن خلاف آهي.
 نائن اليون بل تي سعودي حڪومت ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل هئا، ڇنڇر 24 سيپٽمبر  2016 تي بهآمريڪي صدر بارڪ اوباما سعودي عرب خلاف سينيٽ ۾ منظور ٿيندڙ نائن اليون بل کي ويٽو ڪري ڇڏيو هو،. سينيٽ جي منظوري کانپوءِ حتمي منظوري لاءِ نائن اليون بل تي آمريڪي صدر جي صحيح ٿيڻ باقي هئي، بهرحال نائن اليون بل تي سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويا هئا، بل موجب نائن اليون واقعي ۾ مارجي ويندڙن جا وارث سعودي حڪومت خلاف ڪيس داخل ڪرائي سگهندا. هونءَ ته سعودي عرب آمريڪا کي پهريان ئي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن بل کي قانوني شڪل ڏني وئي ته هو آمريڪا ۾ موجود پنهنجي 750 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪڍي ويندو.هونءَ ته آمريڪي صدر سينيٽ ۾ صدر جو ويٽو اختيار ختم ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪي صدر جو ويٽو وارو حق ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي سينيٽ ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي هئي، ووٽنگ ۾ ويٽو جو اختيار ختم ڪرڻ جي حق ۾ 97 ووٽ پيا هئا ججڏهن ته مخالفت ۾ صرف هڪ ووٽ وڌو ويو هو
،جڏهن سينٽ کان پوءِ اعليٰ ايوان ۾ بارڪ بارڪ اوباما جي ويٽو وارو بل آندو ويو ته ان کي اڪثريت سان رد ڪيو ويو هو، آمريڪا جي اعليٰ ايوان ۾ به سعودي حڪومت خلاف بل تي اوباما جو ويٽو رد ڪيو ويو هو، اعليٰ ايوان ۾ 76 جي ڀيٽ ۾ 345 ووٽان تان بارڪ اوباما جي ويٽو کي رد ڪيو ويو هو. جنهن بعد ڪانگريس نائن اليون م مارجي ويلن جي وارثن کي سعودي عرب تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حق ڏئي ڇڏيو هو، بارڪ اوباما جو ويٽو رد ٿيڻ کانپوءِ ان کي قانون جي شڪل به ڏنو ويو آهي، جنهن بعد آمريڪي شهرين کي سعودي عرب خلاف ڪيس داخل جو اختيار ملي ويو آهي. هونءَ ته سعودي عرب اڳ به بل منظور ٿيڻ جي خدشي سبب بيان ڏئي چڪو آهي پر جڏهن آمريڪي اعليٰ ايوان مان بارڪ اوباما جو ويٽو رد ٿيو ته ان وقت سعودي عرب طرفان اهو  بيان جاري ڪيو ويو ته هو آمريڪا ۾ موجود اربين ڊالرن جي اثاثن کي ڪرو ڪري ڇڏيندا. آمريڪي صدر بارڪ اوباما به نائن اليون واري قانون کي خطرناڪ مثال قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر بارڪ اوباما چيو آهي ته سعودي عرب خلاف بل تي ويٽو رد ڪرڻ وڏي غلطي آهي.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سعودي عرب جيڪو اڳ معشيت جي تباهي ڪناري تي پهتل آهي, اهو ملڪ آمريڪا ۾ پنهنجي اثاثن کي منجمد ڪندو يا صرف آمريڪا کي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سعودي عرب کي خدشو آهي ته جڏهن نائن اليون واقعو پيش آيو هو ته سعدوي عرب جا اهڙا عملدار به اتي ترسيل هئا جن جا نالا به جاچ ۾ چڪا آهن ۽ سعودي عرب ڪنهن به صورت ۾ نه چاهيندو ته انهن خلاف ڪارروائي ٿئي ۽ سعودي عرب ڪڏهن به آمريڪا ۾ موجود پنهنجا اثاثا وڪرو نه ڪندو ڇاڪاڻ ته ان سان سعودي عرب جي معشيت کي تمام گهڻو ڌڪ لڳندو ۽آمريڪا سان لاڳاپا به تمام گهڻا خراب ٿي ويندا ۽ سعودي عرب ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه چاهيندو ۽ آمريڪا به سعودي عرب کي ناراض نه ڪندو، اهو ئي سبب هو جو بارڪ اوباما سعودي عرب بابت بل کي ويٽو ڪيو هو، جيتوڻيڪ هن وقت سعودي عرب جي معيشيت بهتر نه آهي پر ان باوجود سعودي عرب تيل جي پيداوار کان ويندي ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ نه چاهيندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت سعودي عرب موجود فيڪٽرين جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي ۽ هزارين پورهيتن کي هن وقت تائين پگهارون نه ملي سگهيون آهن  ته ٻي طرف وري ڪيترائي پورهيت بنا اجرت وصول ڪرڻ جي پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾  واپس پهچي چڪا آهن ان ۾ پاڪستانين جي به وڏي اڪثريت  آهي. بهرحال هاڻ ڪجهه ڏينهن اهو واضع ٿي ويندو ته آمريڪا سعودي عرب خلاف ڪارروائي لاءِ ڪيترو سنجيده آهي يا وري آمريڪا نائن اليون جو جواز ڄاڻائي سعودي عرب کان ڪي ٻيا پنهنجا فائدو  وٺڻ طرف وڃي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪي حالتون هن خطي جون  آهن ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته آمريڪا ڪنهن به ريت سعودي عرب سان لاڳاپا خراب نه ڪندو.


No comments:

Post a Comment