Pages

Monday, 19 September 2016

شام جنگبدي باوجود ٿيل هوائي حملا

صاحب خان ڀٽي
12 سيپٽمبر تي سوئزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ آمريڪا ۽ روس  وچ ۾ شام ۾ جنگ بندي بابت معاهدي تي اتفاق ٿيو هو، جنهن دوران روس ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ طئي ڪيو ويو ته باغين  جي قبضي وارن مخصوص علائقن خلاف شامي حڪومت ڪارروائي نه ڪندي، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري اهو بيان ڏنو هو ته  معاهدي کي منظرعام تي نه آندو ويندو، ڇاڪاڻ ته کين خدشو  هو ته جيڪڏهن معاهدي جو متن منظرعام تي اچي ويو ته معاهدي کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير  جان ڪيري پنهنجي بيان ۾ اهو به  چيو هو ته هو شام جو حل ڳالهين ذريعي چاهين ٿا، جڏهن شام ۾ جنگ بندي بابت معاهدو ٿيو ته ان وقت به سياسي حلقن ۽ ساڃاهه وندن ۾ اهو بحث ٿي رهيو هو ته آمريڪا جو اهو معاهدو اڳتي هلي سگهندو به يا  وري اهو اڌ ۾ ئي رهجي ويندو، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف آمريڪا اهو بيان ڏيندو رهيو آهي ته هو ڪنهن به هنڌ بنا اجازت جي داعش ۽  ٻين دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري سگهن ٿا ۽ اهو  ڪنهن کان به اجازت نه وٺندا. اهڙي بيان بعد هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته آمريڪا جنهن مهل به چاهي جتي به چاهي حملو ڪري سگهي ٿو ۽ کيس ڪير به روڪي نٿو سگهي، بهر حال جنگ بندي معاهدي باوجود هن وقت تائين نه ته شام اندر ڪو امن امان قائم ٿي سگهيوآهي ۽ نه ئي وري هوائي حملا رڪجي سگهيا آهن، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان آمريڪي اتحادي فوج جي بمباري سبب هزارين شهرين مارجي چڪا آهن، روزاني ڪنهن نه ڪنهن ٽي وي چينل يا اخبار اهي خبرون پڙهڻ لاءِ ملي رهيو آهن ته  اتحادي فوج جي بمباري سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ٻارڙا يتيم ٿي چڪا آهن جنهن جي مدد لاءِ ڪو به ملڪ اڳتي نه وڌي رهيو آهي، آمريڪا کي بشار الاسد جي حڪومت پسند نه آهي ته وري روس کي داعش جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ جو وڏو شوق آهي، انساني حقن جون تنظيمون به هن وقت صرف رپورٽون پيش ڪري رهي آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اتحادي فوج جي حملن ۾ شام اندر هن وقت تائين ويڙهاڪن سميت هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ بمباري سبب شام اندر شهرن جا شهر اجڙي چڪا آهن، هر طرف کنڊرات نظر اچي رهيا آهن، لکين ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پر کين اها اميد ضرور آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن شام اندر امن قائم ٿيندو ۽ هو پنهنجي اجهن ڏانهبن واپس ورندا. پر افسوس جو انهن جو اهو خواب هن وقت تائين خواب ئي رهجي ويو آهي، جنهن جو سبب کان وڏو سبب بشارالاسد جي حڪومت آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بشارالاسد جي حڪومت خلاف ڳالهائي چڪو آهي ۽ ڪيترائي ڀيان بشارالاسد کي حڪومت چڏڻ جو به چيو آهي.
اهو به هڪ وڏو سبب آهي جو شام ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو آهي. ڪڏهن شام ۾ روسي جهاز بمباري ڪري رهيا آهن ته ڪڏهن وري ترڪي جا جهاز پنهجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن، جنهن مان نه پيو لڳي ته ڪو امن امان جي صورتحال جلد قائم ٿي سگهندي. ڪجهه ڏينهن اڳ شام ۾ جنگ بندي بابت معاهدو ڪيو ويو هو، جنهن تي عالمي طاقتن به اتفاق ڪيو هو پر ان وقت به آمريڪا ۽ روس طرفان ڪي اهڙا خاص بيان نه ڏنا ويا هئا، جنهن مان لڳي ها ته اهي ٻئي ملڪ شام ۾ جنگ بندي معاهدي تي متفق آهن. جڏهن شام ۾ جنگ جو معاهدو ٿيو ته ان وقت اهي سوال ٿي رهيا هئا ته ان معاهدي تي عمل ڪير ڪرائيندو ۽ هر هڪ اهو ئي سوچي رهيو ته ڇا سموريون ڌريون شام ۾جنگ بندي معاهدي تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿينديون يا نه ؟ اهڙا سوال پرڏيهي توڙي ڏيهي ميڊيا تي هلي رهيا هئا ته ته آمريڪا طرفان شامي فوجي اڏي تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن بعد اهو معاهدو به خطري ۾ پئجي ويو آهي. جڏهن جنگ بندي معاهدو ٿيو هو ته ان وقت آمريڪا پاران به شام ۾ جنگ بندي معاهدي تي مڪمل طور عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو هو، ايتري قدر جو روس طرفان به اهي بيان ڏنا ويا هئا ته جيڪڏهن شامي معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ٿي ته  ڳالهين کي اڃا وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو،  پر افسوس جو اهو معاهدو به هاڻ خطري ۾ پئجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻه ٽي ڏينهن اڳ آمريڪي اتحادي فوج شامي ايئربيس تي هوائي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 80 کان وڌيڪ شامي فوجي اهلڪار مارجي ويا هئا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي به ٿيا هئا، جنهن تي آمريڪا طرفان اهو بيان ڏنو ويو هو ته اهو حملو غلط فهمي سبب ٿيو آهي، آمريڪا طرفان اهو به چيو ويو ته جڏهن آمريڪي اتحادي فوج کي روس اطلاع ڏنو ته ان بعد هنن هوائي حملا بند ڪيا. آمريڪا پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ته هوائي حملو داعش جا ٿاڪ سمجهي ڪيو ويو.آمريڪا جي اهڙي بيان بعد روس به ميدان تي لهي آيو هو ۽ هڪ روسي فوجي عملدار پنهنجي بيان چيو هو ته آمريڪا جيڪڏهن اهو حملو غلطي سان ڪيو ته ان جو مطلب آمريڪا روس سان دهشتگردن بابت سهڪار نه پيو ڪري. جڏهن ته شامي حڪومت طرفان گڏيل قومن جي سلامتي اجلاس کان مطالبو ڪيو ويو ته آمريڪي اتحادي فوج جي حملي جو نوٽيس ورتو وڃي،
روس طرفان به سلامتي اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو، جنهن بعد گڏيل قومن سلامتي ڪائونسل جو اجلاس به طلب ڪيو هو پر ان باوجود ڪو خاص فيصلو نه ٿي سگهيو، جنهن سبب شام ۾ جنگ بندي معاهدي باوجود حملا جاري آهن. ايتري قدر جو فوجي اڏي تي حملي کان پوءِ حلب ۾ باغين جي قبضي هيٺ آيل علائقن تي بمباري به ڪئي وئي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ان بمباري ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا. جڏهن آمريڪي اتحادي فوجي جهازن شامي فوجي اڏي تي هوائي حملو ڪيو هو ته ان وقت ئي پرڏيهي ميڊيا تي اهي خبرون هيون ته جنگ بندي معاهدي ٿيل هوائي حملي بعد معاهدو خطري ۾ پئجي ويندو. جڏهن شامي فوجي اڏي تي هوائي حملو ٿيو ته ان وقت هڪ آمريڪي فوجي عملدار بيان جاري ڪيو هو ته هي حملو ڪجهه ڏينهن جي جاچ پڙتال کان پوءِ ڪيو ويو، جيتوڻيڪ شامي ۽ روسي مطالبي تي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو پر ان باوجود به ڪو خاص کڙ تيل نه نڪري سگهيو هو.شامي پرڏيهي وزارت طرفان اهو بيان به جاري ڪيو ويو ته سلامتي ڪائونسل شام جي خودمختياري جو احترام ڪرڻ جو ٺهراءُ پيش ڪري ۽ سلامتي ڪائونسل اتحادي فوج جي حملي جي مذمت به ڪري پر  سلامتي ڪائونسل طرفان نه ته ڪا خاص آمريڪي اتحادي فوج جي حملي جي مذمت ڪئي وئي ۽ نه ئي اهڙن حملن کي روڪڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙي وئي، جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته عالمي طاقتون شام اندر  جنگ بندي جي معاهدي تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويون آهن. جنهن سبب جنگ بندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن.
پينٽاگون جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان چيو هو ته آمريڪي اتحادي فوجي جهازن شامي فوجي اڏي کي داعش جو  ٺڪاڻو سمجهي نشانو بڻايو، اتحادي فوج جو خيال هو ته هو داعش جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي رهيا هن، وائيٽ هائوس جي ترجمان اهو به چيو ته  روس جي اطلاع بعد حملو روڪيو ويو، جڏهن ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ  طرفان اهو ببيان ڏنو ويو ته روسي عملدارن کين آگاهه ڪيو ته هي شامي فوج جون گاڏيون ۽ عملو ٿي سگهي ٿو. جنهن بعد هنن شامي فوجي اڏي تي حملا بند ڪيا، ٻي طرف وري روسي پرڏيهي وزارت به بيان ڏيندي چيوته آمريڪا شام ۾ داعش جو دفاع ڪري رهيو آهي۽ اهڙن حملن سان داعش مضبوط ٿيندي. روس طرفان ته اهو بيان به ڏنو ويو ته هنن  شام ۾ جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي تي آمريڪا کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽اهو به چيو ته آمريڪا  يقيني بڻائي ته اپوزيشن ٻيهر حملو نه ڪندو، روس طرفان آمريڪا کي اها ڌمڪي به ڏني وئي ته جيڪڏهن ٻيهر حملو ڪيو ويو ته شامي فوج سڄي طاقت سان مقابلو ڪندي، روس جي اهڙي بيان باوجود آمريڪا طرفان ڪو اهڙو خاص بيان سامهون نه اچي سگهيو هو، روس شامي فوجي اڏي تي حملي بعد اهو به چيو هو ته 24 ڪلاڪن ۾ 55 ڀيرا جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، روس جي اهڙي بيان بعد  شامي حڪومت اهو به واقعي جي جاچ لاءِ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو پر لڳي ائين رهيو ته آمريڪا جي اهڙي حملي باوجود ڪو خاص نتيجو نه نڪري سگهندو. هيومن رائيٽس مانيٽرنگ گروپ طرفان  اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته حملي ۾ 80 شامي فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن، جڏهن ته مختلف پرڏيهي  چينل 62 فوجي اهلڪارن جي مارڻ جي تصديق ڪري رهئا هئا، جڏهن ته آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري روسي هم منصب سان ملاقات ڪئي هئي ته ان وقت شام بابت ٿيل ڳالهين کي منظرعام تي نه آندو ويو هو. جنهن تي به ڪيترائي سوال اٿاريا ويا هئا. روس طرفان به آمريڪا کي اهو واضع طور چيو ويو هو ته جيڪڏهن معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ٿي ته هو ڳالهين کي اڳتي به کڻي هلندا.جڏهن آمريڪي اتحادي فوج شامي فوجي اڏي تي حملو ڪيو  ته ان وقت آمريڪا ۽ روس پاران شام ۾ گهرو ويرهه جي روڪٿام ۽ جنگبندي معاهدي بابت تڪراري بيان سامهو آيا آهن،  آمريڪي صدر بارڪ اوباما به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شام جي تڪرار جي حوالي سان آمريڪا ۽ روس هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. جڏهن ته روسي صدر ولادي مير پيوٽن پنهنجي جاري ڪيل هڪ  بيان چيو ته آمريڪا ۽ روس جي تڪرار جي حل جي حوالي سان ڪيترن نقطن تي متفق ٿي چڪا آهن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جيڪڏهن روس ۽  آمريڪا شام اندر جنگ بندي تي راضي ٿي وڃن ٿا ته پوءِ  شام ۾ امن قائم ٿي ويندو يا ساڳيون حالتون برقرار رهنديون، اهو هاڻ وقت ئي ٻڌائندو ته آمريڪا ۽ روس معاهدي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڪامياب ٿي ويندا يا اڃا ڪو ٽيون ملڪ اچي ڪري ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندو

No comments:

Post a Comment