Pages

Wednesday, 21 September 2016

دهشتگردي ۽ افغان مهاجرن جي واپسي واري هام

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي افغان مهاجرن جي واپسي واري معاملي تي ملڪ اندر وڏو بحث ٿي رهيو آهي پر هن وقت تائين افغان مهاجرن جي عزت سان واپسي وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ماڻهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته آخر انهن جي واپسي ممڪن به ٿيندي يا اهي هتي ترسي ويندا. هونءَ ته پاڪستان به افغان مهاجرن  جي باوقار واپسي لاءِ عالمي برادري کان مدد طلب ڪري ورتي آهي پر هن وقت تائين عالمي برادري افغان مهاجرن جي واپسي بابت پاڪستان سان ڪو به سهڪار نه ڪيو آهي، هڪ طرف ملڪ اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي ته ٻي طرف وري ملڪ اندر ڀارت جي مداخلت جون خبرون به اچي رهيون آهن.جڏهن به افعان مهاجرن جي واپسي واريون ڳالهيون شروع ٿينديون آهن ته ملڪ اندر ڪو نه ڪو سانحو ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ اهو معاملو اتي جو اتي رهجي ويندو آهي، بلوچستان، ڪي پي ۽ سنڌ اندر جيڪي به هن وقت تائين دهشتگرد ڪارروايون ٿيون آهن ان جا پيرا  به افغانستان ڏانهن ويا آهن، اهو ئي سبب هو جو بلوچستان جي گهرو وزير افغان مهاجرن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن تي مختلف اڳواڻن اعتراض به ڪيا هئا ۽ چيو هو ته افغان مهاجرن کي ڌڪا ڏئي نه ڪڍيو ويندو پر انهن جي عزت سان واپسي کي ممڪن بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، ايتري قدر جو آرمي چيف جنرل راحيل شريف به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته  هو افغان مهاجرن جي باوقار واپسي چاهين ٿا، هڪ طرف افغان صدر اشرف غني پاڪستان خلاف بيان ڏئي رهيو آهي ته ٻي طرف  ملڪ اندر جيڪي به دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن انهن  بابت به اهي انڪشاف ٿي رهيا آهن ته دهشتگرد افغانستان مان اچي هتي ڪارروايون ڪري رهيا آهن.
عيد ڏهاڙي به هڪ بهادر پوليس آفيسر پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ڪيترن ئي ماڻهن کي بچائي ورتو هو ۽ ان ئي دوران هڪ آپگهاتي حملي آور کي زنده به سوگهيو ڪيو ويو هو ، جنهن بابت اهو ئي ٻڌايو ويو هو ته هو افغانستان مان آيو هو، سندس ڪجهه مائٽ هن ملڪ ۾ ئي رهندا هئا، اهو  شايد ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو هو جو هڪ آپگهاتي حملي آور کي زنده پڪڙيو ويو هو، هاڻ اها سڪيورٽي ادارن جي ئي ذميواري ئي آهي ته ان آپگهاتي حملي آور جي انڪشافن  جي مڪمل جاچ ڪري حملي جي ماسٽرمائينڊ تي پهچي کيس گرفتار ڪري ته جئين شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جو خون ضايع نه ٿي سگهي ۽ ذميوارن کي سزا ملي. هونءَ ته سنڌ اندر به ڪيتري ئي عرصي کان افغان مهاجرن جي واپسي لاءِ احتجاج ٿيا آهن پر حڪومت انهن جي واپسي لاءِ هن وقت تائين ڪو عملي قدم نه کڻي سگهي آهي، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي جنهن ڏينهن کان افغان مهاجرن جي ملڪ اندر آمد ٿي آهي ان ڏينهن کان ملڪ اندر آپگهاتي ڌماڪا معمول بڻجي ويا آهن ۽ ملڪ دهشتگردي جي ور چڙهي ويو آهي، لڳي ائين رهيو آهي ته افغانستان جي سمورن دهشتگردن هاڻ پاڪستان جو رخ ڪيو آهي، جنهن سبب ڪڏهن پشاور ۾ ڌماڪا ٿي رهيا آهن ته ڪڏهن وري ڪوئيٽا کي رت سان وهنجاريو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري اهي دهشتگرد صوفين جي ڌرتي کي رت سان وهنجاري ڇڏين ٿا ۽ حڪمران صرف پنهنجي بيان ۾ اهو چئي خاموش ٿي وڃن ٿا ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ناڪام ويا، ڪوئيٽا ۾ به جڏهن سول اسپتال ۾ ڌماڪو ڪيو ويو هو ته ان وقت به حڪمرانن اهي ئي بيان ڏنا ته دهشتگرد هاڻ آسان هدفن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته دهشتگرد هن وقت به ملڪ اندر ڪهري ڪاررواين ۾ مصروف آهن پر حڪومت انهن کي چٿڻ لاءِ ڪي اهم قدم نه کڻي سگهي آهي  جنهن سبب اهي دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ۽ حڪمران صرف بيانبازي ڪرڻ ۾ مصروف رهن ٿا.
 بهرحال دهشتگردي ته ملڪ اندر آهي جنهن کان ڪو انڪار به نه ٿو ڪري سگهي پر  افعان مهاجرن جي واپسي وارو هن وقت وڏو اهم مسئلو آهي جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي قيادت کي متحد ٿيڻو پوندو. نيويارڪ ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز پناهگيرن بابت سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مهاجرن جي محفوظ ۽ باوقار واپسي لاءِ  پر اميد آهن، ايتري قدر جو سرتاج عزيز اهو به چيو ته پاڪستان ۾ افغان مهاجرن کي سمورين سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ۽ انهن کي نوڪريون به ڏنيون آهن. سرتاج عزيز جي اهڙي بيان بعد لڳي ٿو ته هاڻ افغان مهاجر شايد هن ملڪ ڪڏهن به واپس نه وڃن، ڇاڪاڻ ته جن ماڻهن کي روزگار ۽ رهائش ڏني وڃي هو ڪهڙي طريقي سان اهي سهولتون ڇڏي وڃي پهاڙن ۾ وڃي زندگي گهاريندو، سرتاج عزيز جيڪي ڳالهيون مهاجرن بابت سربراهه ڪانفرنس ڪيون آهن ان بابت سنڌ جا ماڻهو ڪيتري عرصي کان روئي پٽي رهيا آهن ته  افغان مهاجرن کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪجهه لالچي نادرا عملدارن انهن افغان مهاجرن کي سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڏنا آهن جنهن سبب هاڻ اهي پاڪستان جا سڃاڻپ ڪارڊ ساڻ ڪري گهمي رهيا آهن، ڪراچي ۾ به الائي ڪيترائي مهاجر  ترسيل آهن جن به پنهنجيون ملڪيتون ٺاهيون آهن ۽ پنهنجا گهر به خريد ڪري ڇڏيا آهن ته پوءِ هن حڪومت ڪهڙي طريقي سان اسان اميد ڪيون ته اها انهن افعان مهاجرن کي هن ملڪ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، جيڪا اڄ چئي رهي آهي ته هو افغان مهاجرن جي عزت سان واپسي چاهين ٿا. هونءَ ته افغان مهاجرن سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ پنهنجا گهر خريد ڪري ڇڏيا آهن  ۽ اهڙيون خبرون مختلف وقتن تي ميڊيا تي به گردش ڪري رهيون آهن. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز خطاب ۾ اهو به چيو ته مهاجرن جو مسئلو دنيا لاءِ وڏو چيلنج آهي پر پاڪستان کي مهاجرن جي مسئلي  کي منهن ڏيڻ جو وڏو تجربو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان اڳ ئي ڪيترن ئي مهاجرن کي پناهه ڏئي چڪو آهي  ۽ ڏئي به رهيو آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ به نه آهي ته هن وقت به لکين مهاجر هن ملڪ ۾ رهي رهيا آهن جن کي پاڪستان جا سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهيل آهي،
جيتوڻيڪ حڪومت اها دعويٰ به ڪري رهي آهي ته هنن جعلي سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري ڇڏيا آهن پر ان مان نه پيو لڳي ته اهو ممڪن ٿيو هجي ڇاڪاڻ ته هن وقت به ڪيترائي افغان مهاجر ملڪ اندر ترسيل آهن، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز اهو به چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي پناهگيرن کي پناهه ڏئي چڪو آهي، پاڪستان ۾ 30 لک افغان مهاجر موجود آهن، سرتاج عزيز اهو به چيو ته هن وقت ملڪ اندر مهاجرن جو تعداد 50 لکن تائين پهچي چڪوآهي ، سرتاج عزيز اهو به پنهنجي بيان چيو ته هنن افغان مهاجرن کي تعليم صحت ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون  آهن، پرڏيهي صلاحڪار چيو ته پاڪستان ۾ افغان مهاجرن جي 2 ڀاڱي 3 آبادي ڪئمپن کان ٻاهر رهي آهي. عالمي برادري جي مدد سان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو پر اميد آهن. هاڻو ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت افغان مهاجرن  جي واپسي ممڪن بڻائي سگهندي يا وري جيڪي افغان مهاجر گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هن ملڪ ۾ ترسيل آهن اهي هتان جا شهري سڏرائڻ لڳندا، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين وفاقي سرڪار صوبن جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي جڏهن افغان مهاجرن کي ملڪ اندر ترسائڻ لاءِ اعلان ڪيو ويو هو ته ان وقت به ساڃاهه وندن مهاجرن کي سرحد ويجهو ڪئمپن ۾ ترسائڻ جو مطالبو ڪيو هو پر وفاقي سرڪار انهن کي سرحد ويجهو  ڪئمپن ۾ ترسائڻ بدران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ترسايو هو، جن کي نوڪرين سميت ٻيون کوڙ ساريون سهولتون به ڏنيون ويون هيون جنهن جو اعتراف پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز به مهاجرن جي پناهگيرن جي سربراهه اجلاس ۾ ڪري چڪو آهي.

No comments:

Post a Comment