صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ هن
وقت ملڪ جون حالتون انتهائي خراب آهن، هڪ طرف دهشتگردن خلاف مختلف آپريشن هلي رهيا
آهن ته ٻي طرف وري ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي
پاڪستان طرفان ورلڊ بئنڪ سان به رابطو ڪيو ويو آهي پر ان باوجود پاڪستان ۾ سياسي قيادت متحد ٿيڻ
بدران اختلافن جو شڪار نظر اچي رهي آهي ۽ هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ۽ احتجاجي ڌرڻن جو
به سلسلو جاري رکيا پيا اچن، جنهن فائدو
ملڪ دشمن عنصرن کي ئي پهچي رهيو آهي، هن وقت تائين ڪنهن به جماعت ڀارت جي جارحيت
خلاف ڪو خاص احتجاج رڪارڊ نه ڪرايو آهي، پاڪستان ۾ هلي رهيو آهي ته اهو صرف پاناماليڪس جي جاچ وارو چرچو
هلي رهيو آهي. هڪ طرف ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي ته ٻي
طرف وري پاڪستاني سياسي قيادت مارچ ۽ احتجاجن جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان سڄي قوم
پريشاني جي ور چڙهي وئي آهي ۽ فيصلو نه پئي ڪري سگهي ته آخر احتجاج ڪجي ته ڪجي ڇا
جي لاءِ؟ ڀارتي جارحيت خلاف ڪجي يا وري ڪنهن پرڏيهه ملڪ طرفان جاري ڪيل ڪجهه پيپرن
جي جاچ لاءِ ڪجي؟ هونءَ ته پاناماليڪس پيپرن جي جاچ لاءِ احتجاج هلندو پيو اچي پر
هن وقت به سياسي قيادت ان ئي رسي کي جهليو بيٺا آهن، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي
اڳواڻ خورشيد شاهه به چيو آهي ته احتجاجن سان ڪجهه به نه ورندو، هن ملڪ ۾ احتجاج
جو ڪو به قدر نه آهي، جيڪڏهن ڏٺو ته سيد خورشيد شاهه جي ڳالهه ڪنهن حد تائين سچ به
آهي ته ملڪ ۾ احتجاج جو ڪو به قدر نه آهي، اهو خورشيد شاهه ان ڪري ئي چيو آهي جو
عمران خان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج ڪري رهيو آهي پر انن جو هن وقت تائين کڙ
تيل نه نڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي حڪومت ڪجهه ڪري رهي آهي پر جيڪڏهن سنڌ ۾ ٿيل
احتجاجن کي ڏسجي ته ان مان ظاهر ٿي ويندو ته سنڌ حڪومت تمام گهڻو احتجاج جو قدر
ڪندي آهي جيڪڏهن آبادگار حقن لاءِ احتجاج
ڪندا آهن ته انهن تي لٺيون وسايون وينديون آهن، استاد جائز حقن لاءِ احتجاج ڪندا
آهن ته انهن تي واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويندو
۽ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس اهلڪار لٺبازي به ڪندا آهن ۽ ڪٽيندا ۽
گهيلندا جيلن ۾ به بند ڪندا آهن شايد اهو فرق سنڌ حڪومت ۽وفاقي حڪومت آهي،
هونءَ ته پي
ٽي آءِ ڪيتري ئي عرصي کان پاناماليڪس معاملي تي احتجاج ڪري رهي آهي، ان عرصي ۾
ڪيترائي سياستدانن سندن حمايت به ڪئي ۽ ڪجهه عرصو انهن سان گڏ به رهيا، جڏهن تحريڪ
انصاف سربراهه عمران خان وزيراعظم نوازشريف جي خاندان جي ملڪيت توڙي آفشور ڪمپنين
جي جاچ جو مطالبو ڪيو ته ان وقت سڀ اهو ي
چئي رهيا هئا ته شايد ڪا وڏي تبديلي اچڻ واري آهي پر اها تبديلي ته نه اچي سگهي
جنهن جي اميد ڪئي پئي وئي پر ايترو ضرور ٿيو جو ملڪ ۾ احتجاجن ۽ ڌرڻن جي سياست
شروع ٿئي وئي ايتري قدر جو سياستدان پنهنجن احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ خراب ٻولي به استعمال
لڳا، جنهن کي ٻڌي لڳي رهيو هو ته شايد ڪڏهن به تبديلي نه اچي سگهي، بهر حال پي ٽي
آءِ پاناماليڪس تي هن وقت هار نه مڃي آهي ۽ پنهنجو احتجاج جاري رکندي پئي اچي،
سندس ان جدوجهد ۾ پاڪستان کپي جو نعرو هڻندڙ پارٽي به شامل ٿئي ۽ ان جي حمايت به
ڪئي، عمران خان به هر ڀيري اهي بيان ڏيندو رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به نواز حڪومت
جو ساٿ ڏنو ته ان کي به ڪرپشن ۾ ملوث سمجهيو ويندو، ايتري قدر جو شيخ رشيد به
مختلف جلسن ۾ اهي بيان ڏئي چڪو آهي ته جيڪو شخص نواز سرڪار جي ڪرپشن خلاف آواز نه
اٿاريو ته اهي به ساڻس مليل آهن. شروعات ۾ جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه احتجاج شروع
ڪيو هو ۽ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ته ان وقت سرڪاري ٽي وي چينل تي به حملو ڪيو ويو
هو پر عمران خان ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو بعد ۾ هڪ آڊيو ٽيپ به عمران خان
جي منظرعام تي آئي هئي جنهن کي به عمران خان رد ڪري ڇڏيو هو، پر ان وقت سندس پارٽي
جو اهم اڳواڻ ڇڏي ويو هو ۽ هن بيان ڏنو هو ته عمران خان جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ
چاهي ٿو جنهن سبب هن پارٽي ڇڏي،
هاڻ به
ويجهڙ ۾ هڪ اهم اڳواڻ سندس پارٽي ڇڏي ڏني جنهن
مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ به
اختلافن جو شڪار ٿي رهي آهي، جڏهن پي ٽي آءِ ڪراچي جي مصروف ترين شاهراهه تي ڌرڻو
هنيو هو ته ان وقت به ڪيترائي شهري پريشان ٿي ويا هئا، ان وقت پي ٽي آءِ جي هڪ
اڳواڻ کي گرفتار به ڪيو ويو هو پر بعد سندس ڊرائيور جي ضمانت کيس آزاد ڪيو ويو هو
ته ان وقت عمران خان خاموشي اختيار ڪئي هئي، بهرحال هاڻ عمران خان ئي ٻڌائي سگهي
ٿو ته پي ٽي آءِ اختلافن جو شڪار آهي يا نه آهي. هاڻ جڏهن پي ٽي آءِ 30 سيپٽمبر تي
رائيونڊ ۾ مارچ ڪرڻ طرف وڃي رهي هئي آهي ته ان قت به اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته گهٽ
۾ گهٽ سڄي ملڪ مان 20 لک ماڻهو شريڪ ٿيندا، پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين پنهنجي
جاري ڪيل بيان چيو آهي ته ماڻهو جلسي کان
هڪ ڏينهن اڳ وڏي تعداد ۾ پهچڻ شروع ٿي ويندا ۽ هي تاريخ جلسو هوندو. هاڻ اسان کي
به صرف 30 تاريخ جي جلسو انتظار هوندو ته واقعي پي ٽي آءِ جو هو ڌرڻو تاريخي هوندو
يا اڳ ۾ ٿيل احتجاجي ڌرڻن وانگر هوندو. ڇاڪاڻ ته جيڪي به اڳ ۾ ڌرڻا يا جلسا ڪيا
ويا آهن انهن ۾ عورتن سان بدسلوڪي جا واقعا منظر عام تي ايندا رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي
جلسن ۾ عورتن سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويو جو
عورتون روئڻ تي مجبور ٿي ويون ۽ اهي منظر ميڊيا تي به ڏيکاريا جنهن کي ڏسي ڪنڌ ئي
جهڪي ويو هو، هونءَ ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻن ۾ صرف پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪن سان
بدسلوڪي ناهي ڪئي وئي، صحافين کان ويندي گلوڪارن سان بدسلوڪي وارا واقعا پيش اچي
چڪا آهن. مرحومه ماڊل قنديل بلوچ به عمران
خان جي جلسي ۾ وئي هئي جنهن جي اکڙين مان به لڙڪ لڙي آيا هئا، ايتري قدر جو پشاور
جي هڪ گلوڪاره جيڪا عمران جي جلسي ۾ وئي هئي ته ان سان به به بدسلوڪي ڪئي وئي هئي
جنهن جان بچائي وڃي گاڏي جي سائيڊ ورتي هئي، جنهن مهل ان ڳائڻي کي بدسلوڪي جو
نشانو بڻائي رهيا ان وقت عمران خان به جلسي م خطاب ڪري رهيو هو،
جڏهن اهڙيون
خبرون ميڊيا تي نشر ٿينديون هيون ته پي ٽي آءِ طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويندو هو
ته اها نوازسرڪار جي سازش آهي جيڪي سندن ڌرڻن ۽ احتجاجن کي ناڪام بڻائڻ چاهي ٿي. بهرحال
جڏهن پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ عورتن سان بدسلوڪي واريون خبرون ميڊيا تي ڇائنجي ويون ته
هر طرف پي ٽي آءِ تي تنقيد ٿيڻ لڳي هئي. ايتري قدر جو سوشل ميڊيا تي عورتن سان
بدسلوڪي جون ويڊيون شيئر ٿي رهيون هيون جنهن کي ڏسي ماڻهن تي تمام گهڻو برو اثر
وڃي رهيو هو، جنهن تي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نوٽيس به ورتو هو ۽ عورتن کي
بدسلوڪي کان بچائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي فورس
به تيار ڪئي هئي، جنهن بعد وڃي اهڙين واقعن ۾ گهٽتائي آئي هئي، بهرحال هن ڀيري
تحريڪ انصاف پاران عورتن کي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر هن وقت
تائين اهو واضع ناهي ڪيو ويو ته ڇا هن ڀيري پي ٽي آءِ جي اها فورس هن رائيونڊ مارچ ۾ هوندي جيڪي عورتن کي بدسلوڪي
کان بچائيندي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ٿيل واقعن کان پوءِ هن ڀيري به اها خدشا موجود آهن، اهي خدشا صرف
ان ڪري ئي موجود آهن جو پي ٽي آءِ طرفان
هن وقت تائين ڪنهن به اهڙي شخص کي انصاف جي ڪٽهڙي
۾ نه آندو ويو آهي جيڪو عورتن سان بدسلوڪي ۾ ملوث هجي، جيتوڻيڪ ان هر هڪ
شخص جون ويڊيو به منظر عام تي آهن ۽ انهن جي ويڊيوز ۾ سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي جيڪي عورتن
سان بدسلوڪي ڪري رهيا هئا، بهر حال انهن کان ته هن وقت تائين ڪو به پڇاڻو نه ڪيو
ويو آهي ۽ نه ئي ڪي اهڙيون خبرون اخبارن۾پڙهڻ لاءِ مليون آهن.
No comments:
Post a Comment