Pages

Tuesday, 20 September 2016

پنجاب ۾ ڏنڊن واري سياست

صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ وزيراعظم نوازشريف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ  ۾ آهي پر ان باوجود ملڪ اندر تحريڪ انصاف سندس خلاف احتجاجي ڌرڻي ۽ جلسن ۾ رڌل نظر اچي رهي آهي، جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه رائيونڊ ۾ جلسي جو اشارو ڏنو هو ته ان وقت ئي نواز ليگ جون ننڊون حرام ٿي ويون هيون ۽ سندس پارٽي جي اڳواڻن پنهنجي حڪمت عملي جوڙي تحريڪ انصاف کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نواز ليگ جي ڪارڪنن عمران خان کي ڏنڊا ڏيکاري رائيونڊ نه اچڻ جا نعرا هنيا، اهڙي عمل کان پوءِ پي ٽي آءِ به ٿرٿلي ۾ اچي وئي هئي ۽ عمران خان کي جلد رائيونڊ مارچ جي تاريخ ڏيڻي پئجي وئي، هن وقت به ميڊيا تي تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ جا ڪارڪنن هٿن ۾ ڏنڊا کڻي احتجاج ڪندي نظر اچي رهيا آهن، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نواز ليگ جي ڪارڪنن رائيونڊ ڏانهن ايندر ويندڙ رستن تي ڪئمپون به قائم ڪيون ويون آهن ۽ اهو اعلان به ڪيو ويو آهي ته عمران خان جيڪڏهن رائيونڊ طرف هڪ قدم به اڳتي وڌايو ته به هو ان کي برداشت نه ڪندا، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان به  خطاب ڪندي چيو آهي ته  جيڪڏهن کين روڪيو ويو ته ان جي ذميوار پنجاب حڪومت ئي هوندي، ايتري قدر جو عمران خان آئين جو آرٽيڪل بابت ٻڌائيندي چيو ته کيس آئين احتجاج جو حق ڏئي ٿو، هونءَ ته ڪجهه پارٽيون هٿيارن جي زور تي سياست ڪنديون آهن ته ڪي وري لاشن تي سياست ڪنديون آهن پر هاڻ تمام گهڻي تبديلي اچي چڪي آهي ۽ هاڻ احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ هٿيارن بنا ۽ ڏنڊا آهن،
 هاڻ جڏن رائيونڊ مارچ ٿيڻ وارو آهي ان وقت به اهي ئي هرطرف خبرون آهن ته ان مارچ سان ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. هونءَ ته عمران خان اهو خطاب ۾ چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن پنجاب پوليس ڪا حرڪت ڪئي ته هو ان جو ڀرپور جواب ڏيندا. عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي اها به هدايت جاري ڪئي ته هو رائيونڊ مارچ لاءِ ٿي وڃن، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته عمران خان آخر ڇو  ڪارڪنن کي پوليس سان وڙهڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنجاب پوليس کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اهي نوازشريف سان گڏ آهن يا وري ....... بهر حال پنجاب پوليس ماتحت پنجاب حڪومت جي ئي آهي ۽ ان بابت تحريڪ انصاف سربراهه به چڱي ريت ڄاڻائي ٿو پر الائي ڇو هو پوليس کي اهڙيون فتوائون جاري ڪري رهيو آهي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پي ٽي آءِ طرفان به رائيونڊ مارچ جون تياريون عروج ته آهن  پر ان سان گڏ اهي به خبرون  اچي رهيون آهن ته پي ٽي آءِ رائيونڊ مارچ کان اڳ ئي اختلافن جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ پي ٽي آءِ جو  هڪ اهم اڳواڻ پنهنجي پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته نواز حڪومت لاءِ پي ٽي آءِ ۾ اختلاف اڃا وڌيڪ وڌي ويندا، ڇاڪاڻ ته جڏهن عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري وزيراعظم نوازشريف تي الزام لڳايو هو ته سندس فيڪٽرين ۾ را جا ايجنٽ ڀرتي ٿيل آهن ته ان وقت ئي سندس پارٽي جي اهم اڳواڻ هڪ  خانگي ٽي وي چينل تي ويهي سندس خلاف بيان ڏنا هئا ۽ چيو هو ته جڏهن طاهر القادري انڊيا ويو ته هڪ حساس ادارن جي ماڻهو ساڻس ملاقات ڪئي ايتري قدر جو سندس خطاب کي هڪ چينل تي نشر ڪرايو هو ۽  ان ئي اڳواڻ اهو به چيو هو ته کيس ڌمڪيون به ملي رهيون آهن،
پي اي ٽي اڳواڻ استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ اهو به چيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي. جڏهن اهڙيون خبرون ميڊيا تي آيون ته ڊاڪٽر طاهر القادري پرڏيهه هليو ويو، ايتري قدر جو ڊاڪٽر طاهر القادر رائيونڊ مارچ ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو، جنهن مان لڳي رهيو هو ته تحريڪ انصاف سربراهه آهستي آهستي اڪيلو ٿي رهيو آهي ۽ سندس احتساب نالي شروع ڪيل هي تحريڪ اڌ ۾ ئي رهجي ويندي، ڇاڪاڻ ته هاڻ عمران خان جو صرف هڪ ئي ماڻهو ٽارگيٽ ٿي رهيو آهي ۽ اهو وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس خاندان آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عمران خان جيڪي به هن وقت تائين احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا آهن اهي صرف ۽ صرف وزيراعظم نوازشريف ئي خلاف هنيا آهن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف سربراهه جي نظر صرف ڪرپشن ڪندڙ وزيراعظم نوازشريف ۽ نواز ليگ ئي آهي ۽ پاڪستان اندر ٻيون سموريون جماعتون کير ڌوتل آهن، هونءَ ته ڪافي عرصي کان تحريڪ انصاف سربراهه احتساب لاءِ احتجاج ۾ رڌل نظر رهيو آهي پر افسوس جو عوام هن وقت تائين پاناما ليڪس معاملي تي عمران خان جو ڪو ڀرپور ساٿ نه ڏئي سگهي آهي، جنهن سبب نه ته پاناماليڪس معاملو حل ٿئي ٿو ته نه ئي عمران خان جا ڌرڻا ۽ احتجاج ختم ٿي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ طرفان شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هنيو ويو هو، جنهن سبب به عوام تمام گهڻو پريشان ٿي هئي ۽ ان پي ٽي آءِ اڳواڻ کي به گرفتار ڪيو ويو هو پر جنهن عوام کان بعد ۾ معافي به ورتي هئي پر سوچڻ جي ڳالهه اها ئي آهي ته جيڪي ماڻهو ڪرپشن ڪري رهيا آهن ته احتجاج به انهن خلاف ئي ٿيڻ گهرجي ۽ پي ٽي آءِ کي به عوام کي پريشان نه ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ته جئين عوام احتجاجي ڌرڻن سبب پريشان نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته اسلام آباد ۾به جڏهن ڌرڻو هنيو ويو هو ته ان وقت به ڪافي سارا ماڻهو پريشان ٿي ويا هئا ۽ اهي خبرون ميڊيا تي به نشر ٿيون هيون،
هاڻ جڏهن پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ ڪارڪن آمهون سامهون ٿيڻ طرف وڃي رهيا آهن ته ان وقت به اهو ئي محسوس ٿي رهيو آهي ته  حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي وينديون ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف جيڪي پوليس کي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلوڪيو ويو آهي ان مان ظاهر ٿي ريو آهي ته حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ ويڙهه ضرور ٿيندي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جو نقصان به عوام کي ئي ٿيندو ۽ عوام ئي پريشان جي ور چڙهي ويندي، جنهن لاءِ تحريڪ انصاف سربراهه کي رائيونڊ مارچ جي جڳهه تبديل ڪرڻ گهرجي يا وري ڪارڪنن کي قانون هٿ ۾ نه کڻڻ جي هدايت ڪرڻي پوندي ته جئين امن امان جي صورتحال قائم رهي سگهي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ماڊل سانحو ٻيهر به ورجائجي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻين ملڪن ۾ ڏنڊا هنيا ويندا آهن پر هن ملڪ ۾ احتجاج ڪندڙن تي گوليون ۽ واٽرڪينن جو استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن لاءِ تحريڪ انصاف سربراهه کي رائيونـڊ مارچ کان اڳ مڪمل تياري ڪرڻي پوندي ته جئين ڪنهن به  اڻوڻندڙ واقعي کي چڱي طرح منهن ڏئي سگهجي. هونءَ ته تحريڪ انصاف ۽  نواز ليگ ڪارڪنن  وچ ۾ ڪڏهن به ڪو جهيڙو نه ٿيو آهي پر هاڻ جيڪي نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جا ميڊيا تي بيان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن جنهن مان لڳي رهيو آهي ته هن ڀيري ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن هڪ ٻئي خلاف ڀرپور جواب  ڏيڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. بهر حال اسان ته اهو ئي چاهيون ٿا ته رائيونڊ مارچ ڀلي ٿئي پر ان دوران ڪو به اهڙو سانحو پيش نه اچي جنهن سان جمهوريت جي ريل پٽڙي تان لهي وڃي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته ان جي ذميوار به تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ ئي هوندي.

No comments:

Post a Comment