Pages

Monday, 26 September 2016

ڀارتي جنونيت ۽ سنڌ طاس معاهدي جو مستقبل



صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ والاريل ڪشمير تان تڪرار هلندڙ آهي، مختلف وقتن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو به ٿيندو رهيو آهي، هن ڀيري جڏهن پاڪستان عالمي سطح تي والاريل ڪشميرين جي حق خوداراديت جو آواز اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀارت طرفان ڌمڪيون به ڏنيون ويون، ايتري قدر جو ڀارتي ميڊيا تي پاڪستان خلاف واويلا به ڪئي وئي ۽ پاڪتان مخالف پروگرام به هلايا ويا، ڀارتي سرڪاري چينل تي هڪ مذهبي انتهاپسند شخص وزيراعظم نوازشريف جو سر ڪٽي آڻيندڙ کي انعام ڏيڻ جو به اعلان ڪيو هو، جڏهن اهي خبرون ڀارتي سرڪاري چينل سميت مختلف خانگي چينلن تي نشر ٿيون هيون ته  ان تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ ڀارتي حڪومت کي مجبورن اهڙين خبرن جو نوٽيس به وٺڻو پيو هو، بهرحال هن وقت ڀارت والاريل ڪشميرين جي حمايت ڪرڻ تي تمام گهڻو ڪاوڙيل به نظر اچي رهيو آهي جنهن سبب اتان جي ميڊيا تمام گهڻو سرگرم نظر اچي رهي آهي، پاڪستاني اداڪارن ۽ گلوڪارن کي به ڀارت ۾ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ پاڪستاني اداڪارن تي به الزام لڳايو پيو وڃي ته پاڪستاني راڳي ۽ اداڪار  ڀارت مان ڪمايل پئسن مان دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن، جنهن سبب انهن کي فوري طور ڀارت ڇڏي ڏيڻ گهرجي، جنهن ڪري پاڪستاني راڳي ۽ اداڪار تمام گهڻو پريشاني جي ور چڙهي ويا آهن ته ٻي طرف وري پاڪستاني ميڊيا جا اينڪر ۽ هتان جي فلم انڊسٽري جون اهم شخصيتون انهن کي تسلي ڏيڻ بدران انهن خلاف بيان ڏيڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن.
جڏهن پاڪستان گڏيل قومن ۾ والاريل ڪشمير ۾ ٿيل ظلم کي اٿارڻ جو اعلان ڪيو هو ته  ان وقت ئي ڀارت ٿرٿلي ۾ اچي ويو هو ۽ پاڪستان تي حملي جون به ڌمڪيون به ڏنيون هيون ته ٻي طرف وري پاڪستاني سول ۽ عسڪري قيادت به ڀرپور جواب ڏيڻ جو بيان جاري ڪيو هو، ائين لڳي رهيو هو ته گڏيل قومن جو اجلاس نه پر ڪو وڏو محاذ کڙو ٿيڻ طرف وڃي رهيو هو ۽ جئين جئين گڏيل قومن جي اجلاس جا ڏينهن ويجهو اچي رهيا هئا تئين تئين ڀارتي ميڊيا تي ڀارتي اڳواڻن جا پاڪستان مخالف بيان به اچڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ انهن ۾ تيزي ان وقت آئي جڏهن وزيراعظم نوازشريف نيويارڪ پهتو هو، جتي هن مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت کان آگاهه ڪيو هو ۽ والاريل ڪشمير ۾ڀارتي ظلم جا ثبوت به پيش ڪيا هئا، جنهن تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون پاران ڳڻتي جو به اظهار ڪيو  ويو هو، پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو هو ته وزيراعظم نوازشريف به گڏيل قومن جي اجلاس کي خطاب دوران والاريل ڪشمير جو معاملو ڀرپور نموني اٿاريو ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت بابت ٻڌايو. بهرحال گڏيل قومن جو اجلاس ته ختم ٿي ويو پر ڀارت هن وقت به پاڪستان مخالف سرگرمين ۾ ٺاپر ناهي آندي، ان جو اندازو تازو پاڪستاني فنڪارن کي مليل ڌمڪين مان لڳائي سگهجي ٿو.
بهرحال وزيراعظم نوازشريف گڏيل قومن ۾ خطاب ڪري اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪري ڇڏيو پر مودي سرڪار هن وقت به ٿرٿلي ۾ آهي ، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نريندر مودي سنڌ طاق معاهدو ختم ڪرڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي،  اجلاس ۾ گهرو ۽ پرڏيهي شرڪت ڪندا، جيڪي نريندر مودي کي سنڌ طاس معاهدي بابت بريفنگ ڏيندا. اهڙي خبر جڏهن ڀارتي ميڊيا تي نشر ٿي ته پاڪستان ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، ڇاڪاڻ ته ان معاهدي ختم ٿيڻ سان پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وچ ۾ وڌيڪ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ، جنهن کي شايد پوءِ ڪو ختم به نه ڪري سگهندو. ڀارتي ميڊيا اها به دعويٰ ڪري رهي آهي ته پاڪستان طرفان والاريل ڪشمرين جي حق خودارايت واري  حمايت بعد نريندر مودي سرڪار  پاڪستان تي تمام گهڻو ڪاوڙيل آهي  جنهن سبب نريندر مودي سنڌ طاس معاهدي بابت اجلاس طلب ڪيو، ڀارتي ميڊيا ته اها به دعويٰ ڪري رهي آهي ته سنڌ طاس معاهدي بابت بيڪ ڊور ڊپلوميسي شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا تي اهي به خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته  نريندر مودي اجلاس ۾ وزيرن جي بريفنگ بعد سنڌ طاس معاهدي کي ختم  به ڪري سگهي ٿو، ڀارتي اختياريون به اهو ئي چئي رهيون آهن ته نريندر مودي پنهنجي ادارن کي سنڌ طاس معاهدي ۾ ترميم جون هدايتون به جاري ڪري چڪو آهي. جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير  جي ڪشميرين جي سفارتي  ۽ اخلاقي حمايت واري پاڪستاني موقف تي تمام گهڻو تپيل آهي جنهن سبب هاڻ ڀارت ڪو به انتهائي قدم کڻڻ طرف وڃي رهيو آهي، بهر حال هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته جيڪڏهن ٻنهي ملڪن طرفان ڪو به غلط قدم کنيو ويو ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ ايٽمي پاور آهن جنهن  جي ڪري ڀارت ۽ پاڪستان کي ڇڪتاڻ گهٽتائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي، سڀ کان پهرين ڀارت کي ئي جنگ واري خيال کي ختم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جنگون مسئلي جو حل نه هونديون آهن، جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو نه آيو ته صرف پاڪستان ۽ ڀارت جون حالتون  خراب نه ٿينديون پر هن سموري خطي جون حالتون خراب ٿي وينديون.
جتيوڻيڪ سنڌ طاس معاهدو  19 سيپٽمبر 1960 ع ۾ ڪراچي ۾ ڪيو ويو هو جنهن تحت 6 ڀارتي دريائن مان پاڪستان کي هن وقت تائين پاڻي ملي رهيو آهي، پاڻ هاڻ لڳي رهيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس ماهدي بابت بيڪ ڊور ڊپلوميسي شروع ڪري ڇڏي آهي،  جيڪڏهن اهو معاهدو ختم ٿيو ته ان جو نقصان ٻنهي ملڪن کي ئي ٿيندو. هڪ طرف ڀارت پاڪستاني اداڪارن ۽ فنڪارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيوآهي ته ٻي طرف وري ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي ختم ڪرڻ جو اشارو ڏنو  ويوآهي. جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم ڪري 6 ڀارتي دريائن مان  پاڪستان کي  پاڻي فراهم بند ڪيو ته پوءِ اڳ جيڪو ملڪ اندر پاڻي جو بحران آهي هر هڪ صوبو اها ئي دانهن ڪري رهيو آهي  کين پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو  آهي هونءَ ته جيڪي به ڊيم ٺهيل آهن انهن ڊيمن تي ٽنهي صوبن کي خدشا آهن ته ٻي طرف وري پنجاب به گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪالا باغ ٺاهڻ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي ٽنهي صوبن بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي پر افسوس جو هاڻ اسان جي ملڪ جيڪو به پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته انهن خلاف واويلا شروع ٿي وڃي ٿي انهن کي غدار چيو وڃي ته اهو سلسلو اڄ به جاري ساري آهي. جيڪڏهن ڪو پارٽي اڳواڻ ڪالا باغ ڊيم کي تباهي قرار ڏئي ٿو ته ان تي غداري جو الزام لڳايو وڃي ٿو، جيڪو مذمت جوڳو آهي، ڇاڪاڻ جيڪڏهن ٽئي صوبا ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي خلاف آهن ته پوءِ پنجاب جي اڳواڻن کي ڪو به حق ناهي ته اهي ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ بابت فتويٰ جاري ڪن. ان لاءِ پنجاب کي  ننڍن صوبن سان زيادتي ڪرڻ بدران  مفاهمت وارو عمل جاري رکڻ گهرجي، جنهن سان ٽنهي صوبن ۾ وڌندڙ اخلاف گهٽجي سگهن ٿا، جيڪڏهن ائين نه ٿيا ته پوءِ ڀارت سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ ۾ ڪاماب ٿي ويندو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪيس کي نقصان ب پهچي سگهي ٿو، جنهن لاءِ ضروري آهي ته سنڌ طاس معاهدي تي نريندر مودي جي گهرايل اجلاس تي پاڪستاني سول ۽ عسڪري قيادت کي متحد ٿيڻو پوندو ۽ ڀارتي اڳواڻڻ جي چالن ک سمجهڻ گهرجي، جيڪڏن ائين نه ٿيو ته پوءِ ڀارت پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

No comments:

Post a Comment