Pages

Friday, 23 September 2016

شام جنگبندي ۾ ناڪام بڻيل عالمي برادري

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪجهه عرصي کان عالمي برادري شام بحران ختم ڪرڻ  لاءِ سرگرم نظر اچي رهي آهي، جنيوا ۾ به ڪيترائي ڀيرا اجلاس ٿي چڪا آهن، آمريڪا ۽ روس پاران به شام اندر امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو اظهار ڪيو ويو هو، ايتري قدر جو آمريڪا ۽ روس وچ ۾ معاهدو به ٿيو هو ته جنگ بندي ڪئي ويندي ۽ متاثرن علائقن ۾ ماڻهن کي امداد ڏني ويندي پر ان باوجود هن وقت تائين شام ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب لکين ماڻهو دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي چڪا  آهن، ڪيترائي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ٻين ملڪن ڏانهن رخ ڪيو آهي، گڏيل قومن به پنهنجي رپورٽ ڄاڻايو هو ته بمباري ۾ ڪيترائي شامي شهري به مارجي چڪا آهن پر ان باوجود روس، آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن طرفان شام ۾ بمباري بند ناهي ڪئي آهي، گڏيل قومن به شام صورتحال تي رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته شام ۾ زهريلي گئس جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جڏهن به شامي حڪومت گڏيل قومن جي ان رپورٽ کي مڪمل طور ڪري ڇڏيو هو ۽ چيو هو ته جيڪا گڏيل قومن رپورٽ جاري ڪئي  آهي ان ۾ خاص ثبوت پيش ناهن ڪيا ويا، جنهن اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته شام اندر زهريلي گيس جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
 بهرحال ان رپورٽ جو ته شامي حڪومت تي ڪو به اثر نه پيو هو پر روس ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ گهجٽي وئي هئي آهي آمريڪا پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي وزير جان ڪيري کي مختلف ملڪن جي دوري تي موڪليو جنهن دوران آمريڪي پرڏيهي وزير ڀارت، روس ۽ ٻين ملڪن جو دورو ڪيو هو ۽ ان دوري دوران جان ڪيري مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون هيون ۽ انهن ملاقاتن ۾شام اندر امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ سميت خطي جي صورتحال تي غور ويچار ڪيوويو هو. جان ڪيري روسي هم منصب سان به ملاقات ڪئي هئي ۽ ان ملاقات دوران شام ۾ جنگ بندي بابت معاهدو به ٿيو هو جنهن کي لڪايو ويو هو ۽ اهو چيو ويو هو ته معاهدي کي منظرعام تي نه آڻڻ جو مقصد معاهدي کي نقصان ٿيڻ کان بچائڻ آهي. جڏهن آمريڪا طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته ان وقت لڳي رهيو هو ته هاڻ ٻئي ملڪ شام ۾ امن امان جي صورتحال بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا پر افسوس جو اهو سچ ثابت نه ٿي سگهيو ۽ شام جون حالتون ان کان به وڌيڪ بدتر ٿي ويون، ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هاڻ هڪ دفعو ٻيهر روس، شامي فوج ۽ آمريڪي اتحادي فوج طرفان هوائي حملا شروع ڪيا ويا آهن. اهي به اطلاع آهن ته شامي حڪومت ۽ اتحادي فوج داعش جي ٺڪاڻن تي حملا به ڪري رهي آهي پر ان باوجود اتي امن امان جي صورتحال جئين جو تئين آهي، جنهن ۾ تر جيترو به فرق اچي نه سگهيو آهي. جڏهن آمريڪا ۽ روس وچ ۾ جنگ بندي جو معاهدو ٿيو هو ته ان وقت آمريڪا طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو هو ته جنگ بندي معاهدو شامي حڪومت جي راضي ٿيڻ بعد ڪيو ويو، اهڙي فيصلي بعد دنيا ۾ اها اميد پيدا ٿي هئي ته شايد هن ڀيري عالمي برادري شام صورتحال تي سنجيده آهي ۽ شام اندر جنگ بندي ٿي ويندي.
افسوس جو ائين نه ٿيو ۽ جنگ بندي معاهدي جي سڀ کان پهرين ڀڃڪڙي آمريڪا ڪئي،  روس پاران اهي بيان ڏنا ويا ته جنگ بندي جي معاهدي جي 24 ڪلاڪن اندر آمريڪي اتحادي فوج 54 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي وئي، اهي خبرون هلي ئي رهيون هيون ته مٿان وري آمريڪي اتحادي جهازن شامي ايئربيس تي هوائي حملو ڪيو، جنهن سبب 60 کان وڌيڪ شامي فوجي ۽ شهري مارجي  ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿيا هئا، جنهن تي روس پاران سخت ڪاوڙ جو اظها رڪيو ويو هو ۽ گڏيل قومن جو اجلاس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو پر ان اجلاس جي مطالبي جو به ڪو خاص نتيجو نه نڪري سگهيو هو، جڏهن آمريڪي اتحادي فوج جي بمباري ڪئي وئي ته ان وقت شامي عملدارن اهي بيان ڏنا هئا ته آمريڪا غلط ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا تي اهي به خبر نشر ٿيو ته آمريڪي اتحادي جهازن جي حملي ۾ 80 کان وڌيڪ شامي فوجي مارجي ويا هئا، جنهن تي روس طرفان به اهو بيان ڏنو ويو هو ته هو ڪنهن به صورت ۾ اهڙين ڪاررواين کي برداشت نه ڪندا ۽ مستقبل ۾ اهڙن حملن کي ڀرپور طريقي سان شامي فوج ڏيندي، بهرحال اهڙي بيان بازي ته هن وقت جاري آهي پر شامي ايئربيس تي حملي بعد شامي حڪومت جنگ بندي معاهدو ختم ڪري ڇڏيو هو، شام سرحد وٽ بيٺل گڏيل قومن جي امدادي قافلي کي به نشانو بڻايو ويو هو، جنهن تي آمريڪا آمريڪا الزام لڳائيندي چيو هو ته اهو حملو شامي حڪومت ڪيو پر شامي حڪومت اهڙن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو بعد ۾ آمريڪا طرفان بيان ڏنو ويو ته سندن خيال آهي ته روسي جهازن گڏيل قومن جي قافلي کي نشانو بڻايو پر ان کي روس به رد ڪندي چيو ته اهڙن الزامن کان پاسو ڪيو وڃي، سندن جهازن گڏيل قومن جي قافلي کي نشانو ناهي بڻايو، جڏهن ته گڏيل قومن طرفان اها تصديق ڪئي وئي  هئي ته هوائي حملي ۾ سندن هڪ ٽرڪ کي به تباهه ڪيو، جنهن شامي متاثرن علائقن لاءِ سامان هو. بهر حال هو معاهدو نه ته گهڻو دير تائين نه هلي سگهيو پر هڪ دفعو ٻيهر آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ عالمي برادري جو اجلاس گهرايو ويو هو جيڪو به بنا نتيجي ختم ٿي ويو،
عالمي برادري جي اجلاس ۾ شام صورتحال بابت عالمي برادري ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو هو  پر ان اجلاس ۾ 23 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي هئي، اجلاس جڏهن ختم ٿيو هو ته ان وقت آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري پريس بريفنگ ڏيندي چيو هو ته روس جيڪڏهن سنجيده ٿي وڃي ته شام جنگبندي تي عمل ٿي سگهي ٿو. هن اهو به چيو ته جيڪڏهن روس سجيدگي اختيار ڪري ته شام جنگبندي تي نظرثاني به ڪري سگهجي ٿي. جان ڪيري پنهنجي پريس بريفنگ ۾ جان ڪيري چيو هو ته شام ۾ جنبگ بندي جو واحد رستو روس جي سنجيدگي آهي. بهر حال عالمي برادري ته اجلاس ۾ ڪنهن فيصلي تي نه پهچي سگهي پر شامي فوج حلب ۾ مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارروايون تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد لڳي پيو ته هڪ دفعو ٻيهر وڏي پئماني تي هوائي حملا ڪيا ويندا ۽ جنهن سان اڃا وڌيڪ نقصان ۾ شام ٿيڻ جو خدشو آهي. ايراني صدر حسن روحاني به نيويارڪ ۾ شام صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته شام ۾ امداد پهچائڻ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، امداد پهچائڻ لاءِ جهاز هيٺ لاهڻ جي ضرورت ناهي، حسن روحاني اهو به چيو ته ضرورتمند ماڻهن تائين امداد پهچائڻ گهرجي، جهازن کي گرائونڊ ڪرڻ دهشتگردن جي مدد ڪرڻ جي برابر هوندو، بهرحال هن وقت عالمي برادري کي گهرجي تي شام ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ شامي حڪومت کي به گڏ وٺي هلڻ گهرجي ، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آمريڪي اتحادي فوج کي شام ۾ امن قائم ڪرائڻ آهي ته پوءِ بشارالاسد جي حڪومت ۽ روس سان سهڪار ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اهي ملڪ پاڻ ۾ ئي پيا وڙهندا ۽ فائدو دهشتگرد تنظيم کي ٿيندو، جنهن لاءِ عالمي برادري کي سخت قدم کڻڻا پوندا ۽ شامي حڪومت سان سهڪار به ڪرڻو پوندو ۽ گڏيل قومن کي به گهرجي ته شام ۾ شهري علائقن تي حملي کان اتحادي فوج ۽ شامي حڪومت کي روڪيو وڃي ته جئين بي گناهه ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن.  

No comments:

Post a Comment