صاحب خان ڀٽي
پاڪستان طرفان والاريل ڪشيمر جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت کانپوءِ سنڌ طاس معاهدو
خطري ۾ پئجي ويو آهي، ڀارت طرفان پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ بدران گهٽائڻ جو فصيلو ڪيو
آهي، جڏهن ته چناب تي ڊيمن جي اڏاوت کي پڻ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته
پاڪستان به عالمي برادري ۾ پنهنجو آواز ڀرپور نموني اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته ٻي طرف وري آمريڪا توڙي ٻين ملڪن طرفان
هن وقت تائين سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي بابت ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي
وري والاريل ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي موقف بابت ڪو خاص بيان جاري ڪيو ويو
آهي، صرف آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان پنهنجي پريس بريفنگ دوران چيو آهي ته پاڪستان
۽ ڀارت جي عملدارن جي گڏيل قومن جي سلامتي اجلاس ۾ ٿيل تقريرن کي هنن ٻڌو آهي،
جنهن مان لڳي رهيو آهي ته آمريڪا ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ڪو خاص ڪردار ادا ڪرڻ
لاءِ تيار نه آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو هن وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ ماحول پيدا ٿي ويو آهي ان کان
اڃا وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ سان گڏ ٻيا به قدم
کڻي سگهي ٿو، جنهن سبب حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ نا ممڪن ٿي سگهي ٿو،
جيتوڻيڪ وزيراعظم نوازشريف والاريل ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف کي ڀرپور نموني پيش ڪيو ۽ ڪشميرين تي ٿيل ظلم جا
ثبوت به فراهم ڪيا پر ان باوجود عالمي برادري خاموش رهي ۽ آمريڪا طرفان اهي بيان
به جاري ڪيا ويا ته آمريڪا جو ڪشمير بابت
موقف ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته آمريڪا ڪنهن صورت ۾ ڀارت سان ڦٽائڻ نه ٿو چاهي،
هڪ طرف آمريڪا پاڪستان کان دهشتگردن خلاف ڊو مور جو مطالبو ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف
وري پاڪستان کي هٿيار ۽جهاز ڏيڻ کان به
انڪار ڪري رهيو آهي پر ان باوجود پاڪستان طرفان اهي بيان جاري ڪيا ويا آهن ته هو
بنا فرق جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن، اهڙن بيانن باوجود آمريڪا هن وقت
تائين پاڪستان جي ڪاررواين مان مطئمن نظر نه اچي رهيو آهي، ان سڄي صورتحال مان لڳي
رهيو آهي ته جيڪي به هن وقت پاڪستان دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪيون آهن ان مان
آمريڪا ناخوش نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب هر ڀيري آمريڪا ڊو مور جو مطالبو ڪندو
رهيو آهي، بهرحال آمريڪا جو ڊو مور جو مطالبو پنهنجي جڳهه تي پر هن ڀيري ڀارت والاريل
ڪشمير جي حمايت واري عمل کان پوءِ پاڪستان تي مڪمل طرح ڪاوڙجي ويو آهي، جنهن سبب
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هڪ اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ ڀارتي وزيرن شرڪت ڪئي ۽ ان
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀارت، پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ بدران پاڻي کي گهٽائيندو
۽ چناب تي ڊيمن جي اڏاوت کي تيز ڪيو
ويندو، اهڙي فيصلي کانپوءِ پاڪستان
به ڳڻتي ظاهر ڪئي پر ان باوجود
گڏيل قومن سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جو ڪو
به نوٽيس نه ورتو، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي ڪندو ته ملڪ
اندر پاڻي جي کوٽ ٿي ويندي.
جيڪڏهن ائين ٿيو ته سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ ۽ بلوچستان ئي ٿيندا، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي
رهيا آهن ۽ سنڌ جي ڊيلٽا به تباهه ٿي رهي آهي، سمنڊ زمين به ڳڙڪائي رهيو آهي، پاڻي
جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ بنجر به بڻجي وئي آهي، جيڪڏهن ڀارت پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾
ڪامياب ٿي ويو ۽ پاڻي بند ڪيو ته جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان کي پاڻي ملي رهيو آهي اهو به
شايد گهٽجي وڃي، تنهن ڪري ضروري آهي ته ڀارت کي ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي پاڻي کي
گهٽتائڻ جي اجازت نه ڏني ۽ اهڙي عمل ۾ سعودي عرب، ايران، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي
ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڀارت هاڻ وڙهڻ بدران پاڻي بند ڪري پاڪستانين کي
مارڻ چاهي ٿو. جڏهن وزيراعظم نوازشريف گڏيل قومن ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو هو ته
هو ڪشميرين جي حق خوداراديت جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندا، تڏهن ڀارت طرفان
پاڪستان خلاف چڙ ڏياريندڙ بيان جاري ڪيا ويا هئا ۽ اهي بيان جاري ڪيا ويا هئا ۽ چيو ويو هو ته ڪشمير ڀارت جو حصو آهي،
جڏهن ته پاڪستان هر ڀيري ڪشمرين جي حق خوداراديت جي جدوجهد کي تسليم ڪيو آهي ۽ چيو
آهي ته هو ڪشمرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا.
هڪ طرف ڀارت ۾ پاڪستان جو پاڻي گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته ٻي طرف وري گڏيل
قومن ۾ ڀارت جي پرڏيهي وزير ششما سوراج خطاب ۾ پاڪستان تي دهستگردي جي حمايت جا
الزام به لڳايا، ايتري قدر جو ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو ته بلوچستان ۾ ظلم
ٿي رهيو آهي، ڪشمير ڀارت جو اڻٽٽ حصو آهي،
جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ الڳ نٿو ڪري سگهجي، جنهن تي پاڪستان طرفان به بيان جاري
ڪيو ويو ته جيڪڏهن ڪشمير ڀارت جو اڻٽٽ انگ آهي ته پوءِ اهو سلامتي ڪائونسل جي
ايجنڊا تي ڇو آهي؟ سشما سوراج پنهنجي خطاب ۾ اهو
به چيو ته هنن پاڪستان سان دوستي جو هٿ وڌايو پر جواب ۾ کين پٺاڻ ڪوٽ ۽ اڙي
حملا مليا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ۾ پاڪستان مڪمل سهڪار ڪرائڻ جي
خاطري ڪرائي هئي ايتري قدر جو پٺاڻ ڪوٽ حملي بابت ڀارت جي هڪ وزير اهو بيان به
جاري ڪيو هو ته پاڪستان پاڻ ئي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ته اهو ڪهڙي طرح دهشتگردي
ڪرائي سگهي ٿو پر ان باوجود هن وقت تائين ڀارت پٺاڻ ڪوٽ حملي جو الزام پاڪستان تي
لڳائيندو رهيو آهي، جڏهن والاريل ڪشمير ۾ اڙي حملو ٿيو هو ته ان وقت به ڀارت پاڪستان تي الزام لڳايو هو ۽ هي حملو ان
وقت ٿيو هو جڏهن پاڪستان گڏيل قومن ۾ والاريل ڪشمير جي حق خوداراديت کي اٿارڻ جو
فيصلو ڪيو هو پر ڀارت جي الزامن باوجود پاڪستان ڪشميرين تي ٿيل ظلم جا ثبوت دنيا آڏو پيش ڪيا هئا، جنهن
تي ڀارت جي ننڊ حرام ٿي وئي هئي جنهن سبب ئي ڀارت هاڻ پاڪستان سان وڙهڻ بدران
پاڪستان کي پاڻي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ ان تي عمل به شروع ڪري ڇڏيو آهي، نريندر
مودي اهو حڪم به جاري ڪيو آهي ته جنهن تحت پاڪستان جو پاڻي گهٽايو ويندو، ان سان
گڏ چناب تي ڊيمن جي اڏاوت کي به تيز ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان گڏيل قومن ۾ ڀارتي
پرڏيهي وزير سشما سوراج جي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پر ان باوجود ڀارت
پنهنجي فيصلن ۾ڪا به تبديل نه آندي آهي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌندي نظر اچي
رهي آهي پر ان باوجود آمريڪا توڙي ٻين ملڪن ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ تي زور نه ڏنو آهي، پاڪستان جو دوست ملڪ چين به
هن وقت تائين ڀارتي جارحيت جي مذمت نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وري چين طرفان ڀارت جي پاڻي
گهٽائڻ واري فيصلي خلاف بيان جاري ڪيو ويو آهي، چين سان گڏ سعودي عرب به خاموش
آهي، انهن ٻنهي ملڪن طرفان ڀارتي رويي بابت ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو، بهر حال
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڪهڙو ملڪ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اڳتي پنهنجو ڪردار ادا
ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي ڪندو هو ۽ هاڻ پاڻي گهٽائڻ وارو فيصلو ڪري
سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ طرف وڃي رهيو آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا
ٿي سگهي ٿي.
No comments:
Post a Comment