Pages

Wednesday, 2 November 2016

نواز حڪومت تي ڇانيل ڪارا ڪڪر ٽري ويا؟

صاحب خان ڀٽي
اسلام
پاناماليڪس معاملو پاڪستان اندر ايڏي شدت اختيار ڪري ويندو، شايد اهو ڪنهن به نه سوچيو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن پاناماليڪس ۾ وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڪٽنب جي آفشورز ڪمپنين جو انڪشاف ڪيو ويو تڏهن هڪڙي جماعت هئي جيڪا صاف شفاف جاچ جو مطالبو ڪري رهي هئي، جڏهن ته ٻيون سموريون جماعتون صرف بيان ئي ڏئي رهيون هيون پر عملي طور ڪو به احتجاج نه ڪرايو هو، ڪڏهن مختلف جماعتن طرفان اهي بيان ڏنا ويندا هئا ته هو جمهوريت جي ريل کي ڪڏهن به پٽڙي تان لهڻ نه ڏيندا، ٻي طرف وري عمران خان جي احتجاجن ۽ ڌرڻن کي جمهوريت لاءِ هاڃيڪار ڪوٺيو ويندو هو ۽ چيو ويندو هو ته عمران خان ڪنهن جي اشاري تي هو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي، ان جي رد عمل ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اها وضاحت به ڪندو هو ته ڪنهن جي به چوڻ ته روڊن تي نه نڪتو آهي ۽  نه ئي ڪو هو فوج کي دعوت ڏئي رهيو آهي، هو صرف روڊن تي نڪتو آهي ته صرف ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نڪتو آهي، جڏهن تحريڪ انصاف رائيونڊ ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو ته ان وقت به نواز سرڪار تمام گهڻو پريشان ٿي وئي هئي ۽ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو هو ته هو ڪنهن کي به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه  ڏيندا ۽ اهو به چيو هو ته  جيڪڏهن جلسو هڪ هنڌ ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃ ڊاهه نه ڪئي وئي ته هو عمران خان کي رائيونڊ ۾ جلسي ڪرڻ جي اجازت ڪندا،
شروعات ۾ ته تحريڪ انصاف جي سربراهه  عمران خان اهو بيان ڏنو هو ته ڪارڪن رائيونڊ ڌرڻي لاءِ تيار ٿي وڃن ۽ ٻيو کوڙ ساريون دعوائون به ڪيون هيون پر جڏهن مختلف ٽي وي چينلن تي اهي خبرون هليون ته نواز سرڪار طرفان ڏنڊا بردار فورس تيار ڪئي وئي آهي ۽ پنجاب ۾ نواز سرڪار جي ڏنڊا بردار فورس طرفان ڪئمپون به لڳايون ويون آهن ته ان وقت به عمران خان ٿورو پريشان ٿي ويو هو ۽ بيان ڏيڻ واري رويي ۾ ٿوڙي تبديلي آندي هئي، نواز سرڪار طرفان جيڪي ڏنڊا فورس تيار ڪئي وئي ته ان وقت اهي چئي رهيا هئا ته جيڪڏهن رائيونڊ ۾ تحريڪ جي انصاف جي ڪارڪنن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو انهن ڏنڊن سان استقبال ڪندا  ۽ ان نواز ليگ جي ڪارڪنن طرفان تياري لاءِ پش اپس هنيا ويا هئا، بهرحال خاطري بعد تحريڪ انصاف رائيونڊ ۾جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ان وقت به سڀ اهو ئي سوچي رهيا هئا ته شايد هن ڀيري حڪومت خطري ۾ پئجي ويندي ۽ نواز سرڪار کي وڏو ڌڪ رسندو پر ائين نه ٿيو هو، اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف طرفان وڏا ڌرڻا هنيا ويا هئا ۽ لاهور ۾به طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ويو هو پر جيڪڏهن اسان سمورن ڌرڻن ۽ احتجاجن تي سرسري نظر ڦيرائينداسين ته اسان کي اها به خبر پوندي ته سمورن ڌرڻن ۾ عورتن سان بدسلوڪي وارا واقعا پيش آيا هئا، جڏهن ته غيرت جي نالي تي ڀاءُ جي هٿان قتل ٿيل ماڊل قنديل بلوچ به عمران خان جي جلسي ۾ روئي ڏنو هو ۽ ان به اها ئي دانهن ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کيس عمران خان سان ملڻ ڏنو ۽ ساڻس بدسلوڪي ڪئي وئي ۽ ٻيون کوڙ ساريون ويڊيون به فيس بڪ سميت مختلف چينلن تي ڏيکاريون ويون.
 پر افسوس جو عمران خان انهن ڪارڪنن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي هئي پر رهندو تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پاران ميڊيا جي جي گاڏين تي حملا ڪيا ويا هئا، ڪجهه عرصو اڳ  هڪ ناليواري نيوز ڪاسٽر جڏهن جلسي جي ڪوريج ڪري رهي هئي ته ان سان بدسلوڪي ڪئي وئي هئي ۽ هن روئي پنهنجي جان ڇڏائي وڃي پنهنجي چينل جي گاڏي جي ڇت تي پناهه ورتي هئي ۽ اکين ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي ڪوريج ڪئي هئي پر ان وقت به تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان طرفان ميڊيا جي ماڻهن سان بدسلوڪي جو نوٽيس نه ورتو ويو هو رهندو ميڊيا تي اهو الزام لڳايو ويو ته ميڊيا هڪ ڌر کي ڪوريج ڏئي رهي آهي. جيڪڏهن اسان ڪراچي جي سياست تي نظر وجهنداسين ته ان مان به اسان کي اهو پتو پوندو ته ڪراچي ۾ هڪ اهڙي سياست جماعت هئي جيڪا اڄ به آهي جنهن کي ڪوريج نه ڏيڻ تان هيسايون ويندو هو ۽ مجبور سمورن ميڊيا جي ماڻهن کي هنن جي هڪ اشاري تي جتي چاهيندا هئا پهچڻو پوندو هو، ڪجهه عرصو اڳ لنڊن مان هڪ ٽيليفون خطاب بعد هڪ چينل تي حملو ڪيو ويو هو جواز ڄاڻايو ويو هو ته هنن سندن پارٽي خلاف ڳالهايو آهي جنهن سبب حملو ڪيو ويو ۽ ان ۾ حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته ان ٽيلفونڪ خطاب دوران ملڪ خلاف بيان به ڏنا ويا هئا ۽ ماڻهن کي مڇرايو ويو هو ته اهي وڃن ميڊيا تي حملو ڪن ۽ جڏهن حملو ڪيو ويو ته ان وقت عورتون به موجود هيون جيڪي آفيسن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري رهيون هيون جن کي بعد انهن ٽي وي چينلن جي مالڪن طرفان بخش ڪيو  ويو هو. هاڻ وري عمران خان جي جلسن ۽ ڌرڻن ۾ ڪوريج لاءِ هڪ خانگي چينل جي گاڏي تي به پٿراءُ ڪرڻ جون خبرون نشر ٿي رهيون  آهن، هڪ خانگي ٽي وي چينل طرفان به ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي اڳواڻي  پشاور کان ايندڙ قافلي جي ڪوريج ڪئي وئي جنهن دوران ان چينل جي گاڏي تي پشاور ۾ پٿراءُ ڪيو ويو، بهرحال ميڊيا جي ماڻهن تي حملي جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي ۽ اهڙي سياست به ختم ٿيڻ گهرجي، جنهن سان ميڊيا جي ماڻهن جون حياتيون خطري ۾ پئجي وڃن، رهي ڳالهه پاناماليڪس معاملي جي جاچ جي ته اها ذميواري حڪومت ۽ عدليا جي آهي، جنهن تي عدليا به قدم کنيوآهي، باقي رهي ڳالهه ڪوريج ته سموري اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا سمورين ڌرين کي برابر ڪوريج ڏئي رهي  آهي، ڪجهه نواز ليگ ڪوريج  وڌيڪ ڏئي رهي آهي ته ڪجهه چينل وري تحريڪ انصاف کي وڌيڪ ڪوريج ڏئي رهيا آهن،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها تحريڪ انصاف جماعت هئي جنهن سڄي ملڪ ۾ پاناما جي صاف شفاف جاچ لاءِ احتجاجي مظاهر ا ڌرڻا هئا، جڏهن ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري طرفان ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو، پاناما ليڪس جي انڪشافن بعد مختلف وقتن تي ٿيل احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ تحريڪ انصاف جو ساٿ پاڪستان عوامي  تحريڪ سان گڏ شيخ رشيد به ڏنو  آهي، ظاهري طور  تي شيخ رشيد ته هڪ الڳ پارٽي جو سربراهه آهي پر سندس بهتر لاڳاپا صرف عمران خان سان ئي رهيا آهن جنهن سبب هو هر وقت عمران خان جي حمايت ۾ بيان ڏيندو رهيو آهي، رهي ڳالهه پيپلزپارٽي جي ته شيخ رشيد بلاول ڀٽي زرداري کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي پر جڏهن بلاول  ڀٽي زرداري شيخ رشيد سان ملاقات ڪئي تنهن بعد هن وقت تائين شيخ رشيد طرفان بلاول خلاف بيان نه ڏنو ويو آهي، بلاول ڀٽي زرداري طرفان ته الطاف کي انڪل چيو ويو، بهرحال جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان طرفان 30 آڪٽوبر تي اسلام آباد کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ته ان وقت اهو چيو ويو هو ته هاڻ حڪومت ختم ٿي ويندي پر  جئين جئين 30 آڪٽوبر ويجهو ايندو آيو ته عمران خان يوٽرن ورتو ۽  اسلام آباد ڌرڻي جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي ۽ 2 نومبر تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ان وقت لڳي رهيو هو ته  تاريخ تبديل ڪرڻ جو مقصد ته احتجاج  نواز سرڪار جي حڪومت جي خاتمي تائين جاري رهندو پر ان کان اڳ ريلوي واري وفاقي وزير  خواجا سعد رفيق طرفان ڏنو ويو هو ته جتي به موٽر هجي اتي عمرن خان جي تصوير لڳائي ڇڏيو  ته هر ماڻهو سمجهي ويندو اڳيان يو ٽرن آهي، بهرحال عمران خان ۽ نواز ليگ طرفان هڪ ٻئي خلاف سخت بيان ڏيڻ جو سلسلو هن وقت به جاري آهي، جڏهن ته خواجا سعد رفيق مختلف هنڌن تي عمران خان کي ڳالهين جي آڇ به ڪندو رهندو رهيو آهي.
ايتري قدر جو پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله اها دعويٰ ڪئي هئي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار عمران خان کي ڳالهين جي دعوت ڏني پر ان کي هن رد ڪري ڇڏيو هو،
بهر حال جڏهن 2 نومبر ويجهو آيو ته ان کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ايتري قدر جو حڪومت طرفان پي ٽي آءِ جي  اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي فهرست به تيار ڪئي وئي هئي جنهن ۾ عمران خان، شاهه محمود قريشي سميت اهم اڳواڻن جا نالا به شامل ها، جڏهن شيخ رشيد لال حويلي ۾ جلسي جو اعلان ڪيو ته ان وقت به لال حويلي  ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن کي ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو هو ۽ اهي به خبرون ٻڌڻ ۾ مليون هيون ته جيڪڏهن شيخ رشيد جلسي ۾ پهتو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو ، عمران خان طرفان به جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي کيس خاطري ڪرائي وئي هئي پر لال حويلي ۾جلسي کان اڳ ئي بني گالا ۾  سڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي هئي ۽  عمران خان کي گهر ۾ نظربند ڪرڻ جون خبرون مختلف چينلن تي هلي رهيون هيون پر حڪومت طرفان اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي وئي هئي ۽ چيو ويو هو ته عمران خان کي نظر بند نه ڪيو ويو آهي پر بني گالا  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايف سي ۽ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جيڪي صرف ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ اهو قدم کنيو ويو، اهڙي سڪيورٽي بعد لال حويلي ۾ جلسو ته نه ٿيو ۽ نه ئي وري عمران خان بني گالا مان نڪري سگهيو ۽ مجبورن شيخ رشيد موٽرسائيڪل تي سوار ٿي سڪيورٽي اهلڪارن کان بچندي  ميڊيا جي هڪ گاڏي تي چڙهي ٻه ٽي لفظ ڳالهائي هليو ويو هو، پر جڏهن ڪي پي جو وڏو وزير پرويز خٽڪ صوابي کان قافلي جي صورت ۾ پنجاب طرف روانو ٿيو ته انٽرچينج وٽ رڪاوٽون کڙيون ويون هيون ۽ ان وقت پي ٽي آءِ ڪارڪنن مٿان رٻڙ جون گوليون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي هئي اهو سلسلو رات کان شروع ٿيو هو ۽ صبح جو پرهه ڦٽي ختم ٿيو هو، جڏهن عمران خان طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو ته پرويز خٽڪ ڪارڪنن سميت واپس موٽي وڃي ٻه نومبر ڌرڻي تازه دم ٿي ٻيهر گڏ ٿئي، جنهن بعد عدالت سڳوري ۾ به پاناما ليڪس معاملي تي ٻڌڻي ٿي ۽ تحريڪ انصاف طرفان  اسلام آباد کي بند ڪرڻ وارو اعلان واپس وٺڻو پيو، ان کان اهي به خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته احتجاج دورن 2 پي ٽي آءِ ڪارڪن مارجي ويا آهن پر عمران خان پاڻ هڪ چينل کي انٽرويو ڏيندي ان خبر جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته سندن ڪو به ڪارڪن ناهي ماريو ويو صرف زخمي ٿيا آهن. بهرحال هڪ طرف نواز سرڪار پاناما ليڪس واري معاملي کي منهن ڏئي رهي آهي ته ٻي طرف وري ملڪي سلامتي خلاف هلائيندڙ صحافي وارو معاملو به نواز سرڪار جي ڳچي ۾ آهي، نواز سرڪار  پنهنجي هڪ وفاقي وزير کي ان خبر هلائڻ واري معاملي تي قربان ڪري چڪي آهي پر  ڪجهه تجزيه نگار چئي رهيا آهن ته اهو معاملو اتي دنگ نه ٿيندو ۽ اهو معاملو اڃا به نواز سرڪار لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندو رهندو، هونءَ ته نواز سرڪار کي لڳ ڀڳ سال باقي بچيو آهي ڏسڻو  اهو آهي ته نوازشريف هاڻ پاناماليڪس معاملي تي پنهنجي قرباني ڏيندو يا وري ڪنهن ٻي وزير کي وزارت تان هٿ ڌوئڻا پوندا.

No comments:

Post a Comment