Pages

Friday, 11 November 2016

ٽرمپ جي ڪاميابي بعد آمريڪا ۾ ٿيل احتجاج

صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ صدارتي چونڊون ري پبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ کٽي چڪو آهي پر ان باوجود  ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا هزارين ڪارڪن هن وقت به ٽرمپ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، جنهن سبب آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن ڊونلڊ ٽرمپ خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ اهو خدشا به ظاهر ڪيا پيا  وڃن ته ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ سان ملڪ ۾ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي ويندا، هڪ طرف ڊيمڪوڪريٽڪ پارٽي جا ڪارڪن احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري آمريڪي صدر بارڪ اوباما نئين چونڊجي آيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جيڪا ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي، ان ملاقات ۾ نئين چونڊجي آيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي صدر بارڪ اوباما وچ ۾ اختيارين جي منتقلي تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ڊونالڊ ٽرمپ طرفان اهو بيان جاري ڪيو ويو ته ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ملاقات ۾ اهم ۽ ڏکين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ڊونالڊ ٽرمپ اوباماسان ملاقات کان پوءِ ٻين به ڪيترن ئي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن ملاقاتن دوران سندس اهو ئي چوڻ هو ته  سندس ترجيحن ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ، هيلٿ ڪيئر ۽ بارڊر سڪيورٽي آهي، جنهن تي اهم عهديدار سندس اهڙي موقف جي حمايت به ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ڊونالڊ ٽرمپ کي اعتماد به وڌي رهيو آهي.
ڊونالڊ ٽرمپ جڏهن صدارتي چونڊون کٽيون هيون ته ان وقت نه آمريڪا ۾ جشن ملهايو ويو ۽ نه ئي وري ڪي اهم تقريبون ڪوٺايون ويون پر هر طرف خاموشي ڇانيل هئي ۽ هر هڪ ان ڳالهه بابت سوچي پريشان ٿي رهيو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ بعد هاڻ ڇا ٿيندو، 9 نومبر 2016 جو جڏهن سج جي روشني زمين تي ڦهلجي وئي تڏهن هر ڪو ماڻهو پنهنجي ڪم سانگي لڳي وئي هو پر ان باوجود آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ مايوسي ڇانيل هئي، ان جا به ڪيترائي سبب هئا، ڇاڪاڻ ته هيلري ڪلنٽن ۽ آمريڪي صدر بارڪ اوباما اهو اڳ ئي چئي چڪا هئا ته ڊونالڊ ٽرمپ احمق ۽ بيوقوف شخص آهي ۽ سندس حرڪتون ڪنهن کان به لڪيل نه آهن، هيلري ۽ اوباما  جي اهڙن الزامن کان پوءِ ڊونالڊ ٽرمپ جون کوڙ ساريون اهڙيون وڊيوز به منظرعام تي آيون جنهن ۾ هو بيوقوفن جيان حرڪتون به ڪري رهيو هو، بهرحال اهڙين وڊيوز  سان سندس حيثيت تي ڪو به اثر نه پوندو پر صدارتي چونڊن بعد جيڪي آمريڪا ۾ حالتن جنم ورتو آهي ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته  آمريڪي عوام صدارتي چونڊن کي تسليم نه پئي ڪري جنهن سبب ئي آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو شايد وقت سان گڏ اڳتي هلي شدت به اختيار ڪري سگهي ٿو.
هڪ طرف آمريڪا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن ته ٻي طرف وري  آمريڪا ۾ رهندڙ اقليتي ماڻهن کي به نشانو بڻائڻ  وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي، فلاڊليفيا ۾ به هزارين ماڻهن گذريل ڏينهن ڊونالڊ ٽرمپ خلاف هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، سٽي سينٽر ويجهو احتجاجي مظاهرو ۾ ڊونالڊ ٽرمپ خلاف سخت نعريبازي به ڪئي وئي هئي. ٻڌڻ ۾ آيو  آهي ته آمريڪا جي ڪجهه رياستن ۾ مسلم اقليتي ڇوڪرين کي اسڪارف مطلب ته نقاب پائڻ سبب نشانو بڻايو پيو وڃي، ڪجهه هنڌن تي حملن جا به اطلاع  آهن، هاڻ انهن خبرن ۾ ڪيتري ئي صداقت آهي اها ته پرڏيهي ميڊيا کي ئي خبر هوندي، ڇاڪاڻ ته اهي خبرون اسان به ميڊيا تي ئي ٻڌي رهيا آهيون، گذريل ڏينهن به ڪجهه ڏيهي ٽي وي چينلن تي اهي خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن جي شڪست کان پوءِ جتي سڄي دنيا ۾ مايوسي ڇانيل هئي اتي آمريڪا ۾ به ماڻهن پنهنجيون ٽي ويون ٽوڙي  غصو گهٽايو هو، ڪجهه هنڌن تي ته ماڻهن کي هيلري جي شڪست تي روئيندي به ڏيکاريو ويو هو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته جيڪڏهن واقعي آمريڪا ۾ اقليتي ڪميونٽي کي نشانو بڻائڻ وارن واقعن ۾ واڌ اچي وڃي ٿي ته پوءِ ان ڳالهه ۾ اهو ثابت ٿي ويندو ته جيڪو ڊونالڊ ٽرمپ چيو هو ته هو مسلمانن کي آمريڪا ۾ ڪڍي ڇڏيندو ۽ ڪنهن به  دهشتگردي جي ور چڙهيل ملڪ جي شهري کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندو ته پوءِ شايد آمريڪا لاءِ به ڪيترائي مسئلا وڌي ويندا ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آمريڪا سعودي عرب، ايران، ڀارت، پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي شهرين کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندو، قانوني طور تي ته انهن ملڪن وٽ به اهي اختيار  موجود آهن  اهي به ساڻن ساڳيو ئي ورتاءُ اختيار ڪري سگهن ٿا، بهرحال ڀارت سان آمريڪا ڪڏهن به لاڳاپا خراب نه ڪندو، رهي ڳالهه پاڪستان، ايران، سعودي عرب  ۽ ٻين ملڪن جي ته انهن بابت  ڪجهه غور ڪرڻ ضروري آهي،
آمريڪا طرفان چيو ويو آهي ته نئين چونڊجي آيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اچڻ  باوجود پاڪستان بابت آمريڪا جي پاليسي تبديل نه ڪئي ويندي ۽ اها ساڳي ئي رهندي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڊونالڊ ٽرمپ ڪاميابي جي خوشي ۾ في الحال خاموش آهي ۽ هن اڃا تائين صدر جو حلف نه کنيو آهي ۽ نه ئي ڪي اختيار کيس ڏنا ويا آهن پر جڏهن ڊونالڊ ٽرمپ باقاعده طور پنهنجو عهدو سنڀاليو ته پوءِ لڳي ٿو ته هو سڀ کان پهرين ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ جو فيصلو ضرور ڪندو، ڇاڪاڻ ته هو شروعات کان اهو ئي چئي رهيو آهي ته هو پناهگيرن کي بي دخل ڪرڻ سان گڏ اقليتي ڪميونٽي کي به ٻاهر ڪڍندو، صدارتي چونڊن کان اڳ جڏهن هيلري ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ پهريون مباحثو ٿيو هو ته ان وقت ڊونالنڊ ٽرمپ چيو هو ته آمريڪا سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جي حفاظت ڪري رهيو آهي پر کين ڪجهه به نه ملي رهيو آهي هو جڏهن اقتدار ۾ آيو ته سعودي عرب کان ان جا پئسا وٺندو، بهرحال هن وقت اڃا تائين  ڊونالنڊ ٽرمپ ڪو اهڙو خاص بيان سعودي عرب بابت نه ڏنو آهي، جنهن سان اهو ثابت ٿي سگهي ته ٽرمپ سعودي عرب سان به لاڳاپا خراب ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهيو  آهي.
جيتوڻيڪ هيلري ڪلنٽن کي صدارتي چونڊ کان اڳ ئي اي ميلز معاملي مان ڪلين چٽ ملي وئي هئي پر ان باوجود سندس چونڊن ۾ هارائڻ وڏو حيران ڪندڙ آهي، اهو ان ڪري جو جيڪي به آمريڪا ۾ سروي ڪرايا ويا هئا ان وقت اهو ثابت ٿي رهيو هو ته هيلري ڪلنٽن ڪاميابي ماڻيندي، ڇاڪاڻ ته هيلري ڪلنٽن جتي به  ريلي ڪڍي رهي هئي ته ڊونالڊ ٽرمپ کان وڌيڪ سندس جلسي ۾ شريڪ به ٿي رهيا هئا پر ان باوجود ڊونالنڊ ٽرمپ مٿس الزام لڳائيندو رهيو ته هيلري ڪلنٽن جي اي ميلز سان ملڪي سلامتي کي ڌڪ رسيو هو ۽ ايف بي آءِ معاملي جي جاچ ڪري هيلري ڪلنٽن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي، هونءَ ته جيڪي آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن کان اڳ جيڪو ماحول ٺهي ويو هو اهو ته صرف هيلري جي ڪاميابي ڏانهن ئي اشارو ڏئي رهيو هو پر هن ڀيري ان تبديلي ان ڪري به آئي جو وڪي ليڪس اهڙا ته انڪشاف ڪيا جو ماڻهن جو هيلري ڪلنٽن تان به اعتبار کڏڻ لڳو هو، جنهن سبب عوام ٿي سگهي ٿو وڪي ليڪس جي انڪشافن کي سچ سمجهي هيلري بدران ڊونالڊ ٽرمپ کي ووٽ ڏنا هجن.
بهرحال هيلري ڪلنٽن کي ته ڪليئر قرا ر ڏنو ويو پر وري به جيت ٿي ته اها ڊونالد ٽرمپ جي ٿي. هن وقت ڀلي کڻي صدارتي چونڊون ڊونالڊ ٽرمپ کٽي چڪو آهي پر ان باوجود سندس خلاف ٿيل احتجاج اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته عوام اهو فيصلو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ نه آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما به ڪيترائي سال حڪومت پوري ڪري چڪو آهي پر ان باوجود هن ڪڏهن به مسلمانن خلاف اهڙي ڪريل ٻولي استعمال ناهي ڪئي، جهڙي ريت ڊونالڊ ٽرمپ ڳالهائي رهيو آهي،جئين جئين ڊونالڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو  آهي تئين تئين آمريڪا جي مختلف شهرن، شاگردن، عورتن ۽ ٻاررن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ڊونلڊ ٽرپ جي صدارتي چونڊ کٽڻ کي ٽي ڏينهن گذري چڪا آهن پر هن وقت به آمريڪا ۾ ڪجهه ماڻهو ڊونالڊ ٽرمپ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، هاڻ ڏسڻو اهو اهي ته آخر ڪيستائين اهو احتجاجن جو سلسلو شدت اختيار ڪري سگهي ٿو،


No comments:

Post a Comment