صاحب خان ڀٽي
سنڌ ۾ تعليمي معيار کي
بهتر ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين صرف دعوائون ڪيون پيون وڃن پر عملي قدم ڪيترو کنيو ويو
آهي ان جو اندازو بند پيل اسڪولن مان به لڳائي سگهجي ٿو جيڪي اڄ تائين نه کلي
سگهيا آهن ۽ نه انهن کي کولرائڻ لاءِ ڪي هنگامي بنيادن تي قدم کنيا ويا آهن، جنهن
سبب هر ڪو شخص پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ کان لنوائيندو آهي،
باقي غريب ماڻهو غربت سبب پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو
ڏين، ايتري قدر جو سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا اسڪول اڄ به قائم آهن جيڪي بااثرن جون
اوطاقون بڻيل آهن پر نه ته سنڌ سرڪار ڪو نوٽيس وٺي رهي آهي ۽ نه ئي وري ضلعي حڪومت
ڪو اهڙو خاص قدم کڻي رهي آهي جنهن سان تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي، هونءَ ته
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تعليمي ايمرجنسي لاڳو
ڪئي هئي پر اها ايمرجنسي هاڻ ايمرجنسي ئي بڻجي وئي آهي جنهن جي هجڻ يا نه
هجڻ سان ڪو به فرق نه پئيجي رهيو آهي، اسڪولن جي جيڪا حالت ماضي ۾ هئي اها اڄ به
جئين جو تئين آهي، جنهن سبب تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ واريون دعوائون صرف دعوائون
ئي رهجي وڃن ٿيون. سنڌ ۾ اسڪولن جي عمارتن لاءِ جيڪي به فنڊ جاري ڪيا وڃن ٿا انهن
جي خبر ئي نه پوندي آهي ته اهي آخر ڪڏانهن وڃن ٿا، سرڪاري اسڪولن تي نظر
ڦيرائينداسين ته ائين لڳندو ته هي ڪي سرڪاري اسڪول نه پر ڪي قديمي آثار آهن، جڏهن
به ڪنهن اسڪول جي نئين عمارت تعمير ٿي آهي، جيڪڏهن انهن کي ٻه يا ٽي سال گذرڻ بعد
ڏٺو وڃي ته اهي به ڪنهن قديمي آثارن جو ڏيک ڏيڻ لڳندا آهن، جيڪي به سرڪاري اسڪولن
جون عمارتون ڄامشورو، دادو، گهوٽڪي ۽ ٻين شهرن ٺهرايون ويون آهن انهن مان به اڪثر
عمارتوون زبون حال بڻجي چڪيون آهن، جنهن سبب روز سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ اسڪول
جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ جون خبرون رپورٽ ٿينديون رهيون آهن.
ڪجهه ماڻهو ته پنهنجي
ٻارڙن کي وڏن ناليوارن اسڪولن ۾ داخل ڪرائيندا آهن ۽ اهي سوچيندا آهن ته انهن جي
ٻارڙن جو مستقبل روشن ٿي ويندو. پر اهي ان خبر کان اڻڄاڻ هوندا آهن ته هنن جي اولاد سان سرڪاري اسڪولن ۾ ٿيندڙ سلوڪ
به ورجايو ويندو. اهڙو هڪ شخص راشد مشوري
جنهن پنهنجي پٽ کي لاڙڪاڻي جي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرايو هو ته جئين سندس پٽ جو مستقل روشن ٿي سگهي پر
کيس اها خبر نه هئي ته سندس پٽ مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ويندو، لاڙڪاڻي جي ڪيڊ ڪاليج ۾ استاد جي تشدد سبب
شاگرد محمد احمد مشوري ڳالهائڻ جي سگهه ۽ ذهني صلاحيت وڃائي ويٺو ۽ کيس اسپتال
داخل ڪرايو ويو پر سندس طبيعت ۾ بهتري نه اچي سگهي، سندس والد راشد مشوري ميڊيا کي
روئيندي ٻڌايو ته سندس پٽ تي ٿيل تشدد جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي
ڪئي وڃي، ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تشدد سٽيل شاگرد جي پيءُ راشد مشوري وس وارن کان مطالبو ڪيو
ته سندس پٽ جو علاج آمريڪا مان ڪرايو وڃي ته جئين هو جلد کان جلد صحتياب ٿي سگهي. جڏهن
ته سيڪريٽري تعليم شاگرد تي تشدد واري معاملي تي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو به حڪم ڏنو. ٻڌڻ
۾ آيو آهي ته 3 مهينا اڳ اٺيئن ڪلاس جي
شاگرد محمد احمد مشوري کي استاد تشدد جو نشانو بڻايو هو جنهن کي مختلف اسپتالن ۾
داخل ڪرايو ويو پر سندس طبيعت ۾ بهتري نه اچي سگهي. سندس والد راشد مشوري ميڊيا
سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاليج انتظاميا فون ڪري کيس گهرايو ۽ اچيو ته سندس پٽ جي
طبعيت خراب ٿي وئي ان کي کڻائي ويو، راشد
مشوري چيو ته جڏهن هن پنهنجي پٽ کي ڏٺو ته جي زبان ٻاهر نڪتل هئي ۽ هو نيم بي هوشي
واري حالت ۾ هو، سندس جسم تي تشدد جا نشان هئا ۽ ان جو مڻڪو به ڀڳل هو ،جنهن بعد
هو نينگر کي کڻائي گهر آيو. راشد مشوري ميڊيا آڏو دانهيندي اهو به ٻڌايو ته آرمي
يچف ۽ ٻيا وس وارا نينگر جو علاج ڪرائن ته
جئين سندس پٽ جي طبيعت بهتر ٿي سگهي. هونءَ
ته سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو شاگرد تي تشدد واري معاملي جو نوٽيس ورتو هو ۽
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به نوٽيس ورتو هو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت جئين ٻين
اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪندي آهي اها حڪومت ڪيڊٽ ڪاليج جي انتظاميه خلاف ڪارروائي به
ڪندي يا وري صرف رواتي موجب ڪارروائي ڪري خامش اختيار ڪئي ويندي..
پر افسوس جو سنڌ سرڪار
اڄ تائين اهڙن معاملن جو نوٽيس ناهي ورتو، جنهن مان اهو محسوس ٿي ريو آهي ته حڪومت
سنڌ ۾ تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم خاص قدم نه کڻي سگهي آهي. سنڌ ۾
ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن جتي اڄ به شاگردن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويندو آهي پر اهڙيون
خبرون ڪڏهن ڪڏهن ئي رپورٽ ٿينديون آهن، جهڙي ريت ڪجهه عرصو اڳ ڪي پي ۾ هڪ استاد جي
وڊيو منظر عام تي آئي هئي جنهن ۾ هڪ استاد ٻارڙن کي اسڪول دير اچڻ تي لٺين سان تشدد
ڪري رهيو هو ۽ ان بي رحم استاد جي جڏهن وڊيو منظر عام تي آئي ته پوليس به حرڪت ۾
آئي هئي ۽ ان استاد خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو هو ۽ کيس حراست ۾ به ورتو ويو هو.سنڌ
۾ به اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، جيڪي اخبارن جي زينت بڻبا رهيا آهن پر
افسوس جو حڪومت اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نه کنيا آهن، ڪجهه اهڙا
اسڪول به آهن جتي استاد گهٽ مقرر ٿيڻ سبب تعليم به متاثر ٿي رهي آهي. سنڌ جا
ڪيترائي اهڙا شهر آهن جتي اسڪول ته ٺهرايا ويا پر عملو گهٽ ۽ ٻيون سهولتون نه هجڻ
سبب شاگردن جو انگ به گهٽجي ويو آهي. هڪ طرف حڪومت طرفان تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ
لاءِ جيڪي به دعوائون ڪيون ويون آهن انهن کي عوام به بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي، ان جو
سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته هڪ طرف استادن کي پگهارون نه ملي رهيون آهن يا وري انهن
جا جائز مطالبا نه پيا وڃن تنهن سبب اهي استاد به اسڪولن کان غير حاضر نظر ايندا
آهن.جنهن سبب تعليمي عمل متاثر ٿيندو رهيو آهي، ڪجهه اهڙا اسڪول به آهن جتي گهوسٽ
استادن جي مقرري جو انڪاشف ڪيو ويو پر انهن خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويا ان بابت ته
تعليمي کاتي جا عملدار ئي ٻڌائي سگهن ٿا،
هڪ طرف سنڌ جي اسڪولن جي حالت زبون حال آهي ته
ٻي طرف وري ڪجهه شهرن ۾ آنسو ٻائي جهڙيون نياڻيون بنا اسڪول جي عمارت جي ٻارڙن کي
مفت تعليم ڏئي رهيون آهن جن جي واکاڻ ڏيهه
توڙي پرڏيهه به ڪئي وڃي ٿي، بهرحال جيڪو ڪم حڪومت جو هوندو آهي ان کي عام ماڻهو
ڪري ته ان مان صاف ظاهر ٿي وڃي ٿو ته حڪومت تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي به
قدم نه کڻي رهي آهي.جنهن سبب ماڻهو پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ
بدران پرائيوٽ اسڪولن ۾ داخل ڪرائي رهيا آهن ته ڪي وري پنهنجي ٻارڙن کي مزدوري يا
ٻين ڪمن ڪارن سان لڳائي ڇڏيندا آهن جنهن سبب سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جو انگ ڏينهون
ڏينهن گهٽجي رهيو آهي ۽ ٻارڙا تعليم جهڙي
زيور کي حاصل ڪرڻ کان پري ٿيندا پيا وڃن ان جو ذميوار سنڌ حڪومت آهي جنهن جي
ذميواري آهي ته هو عوام کي تعليم صحت ۽ ٻيو سهولتون فراهم ڪري، پر سنڌ جي تعليمي
معيار کي ڏسي ماڻهو پنهنجي ٻارڙن کي وڏن اسڪولن ۾ داخل ان جي ڪري ڪرائيندا آهن ته
جئين انهن جي ٻارڙن جو مستقبل روشن ٿي سگهي پر افسوس جهڙي ريت ڪيڊٽ ڪاليج ۾ شاگر
محمد احمد مشوري سان ورتا ءُ ڪيو ويو ۽ مٿس تشدد ڪري ذهني صلاحيت کسي وئي اهڙو
مثال شايد تاريخ ۾ ڪڏهن نه ملندو، جنهن کي
انصاف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ذميوارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ته جئين مستقل
۾ اهڙو ٻيو واقعو نه ٿي سگهي ۽ ڪو ٻيو شاگرد تشدد سبب ذهني صلاحيت کان محروم ٿي
سگهي.
sahibalisindhi@gmail.com
No comments:
Post a Comment