Pages

Saturday 31 December 2016

2016ع جا ڏنل گهاءُ ۽ نئين سال ۾ اميدون

صاحب خان ڀٽي
نئون سال 2017ع جو پهريون سج نيون اميدون کڻي اڀريو آهي، سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ امن ۽ شانتي جون دعائون به گهريون ويون آهن ۽ صوفين جي سرزمين کي مذهبي ڪٽر پڻي کان نجات ڏيارڻ لاءِ عزم ورجايو ويو آهي پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن اسين گذريل سال مان ڪجهه سبق حاصل ڪري سگهون. سال 2016ع ته ڏکن، سورن ۽ خوشين ۾ گذري ويو پر جيڪي گهاءُ ڏئي ويو آهي، شايد اهي ڪڏهن به ڀرجي نٿا سگهجن. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کان وٺي سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ تائين هر هڪ ساڃاهه وند ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ، ايتري قدر جو سنڌ جي ماروئڙن جي حقن لاءِ آواز به اٿاريو آهي. جڏهن 2016ع ۾ خوشي وچان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ فائرنگ ڪئي وئي هئي ته ان وقت  به ڪيترائي ماڻهو فوت  ۽ زخمي به ٿي پيا هئا، 2 جنوري 2016 ع  ۾ ڪنهن سوچيو به نه هو ته دنيا اندر دهشتگردي جي پهرين واقعي جي شروعات ڀارت کان ٿيندي، جڏهن پٺاڻ ڪوٽ تي حملو ٿيو هو ته ان ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي اهلڪار مارجي ويا هئا، جنهن جو الزام پاڪستان تي مڙهيو ويندو، پهرين جنوري تي ڀارتي پنجاب ۾ پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي حملو ٿيو هو، جنهن جو الزام پاڪستان مٿان مڙهيو ويو هو پر اهو ڀارت ثابت نه ڪري سگهيو هو.2016ع جي 2  جنوري تي سعودي عرب شعيا اڳواڻ نمر النمر سميت 47 ڄڻن جا سر قلم ڪري ڇڏيا هئا، جنهن تي سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي ۽ عرب سڳورن پاڪستان جا دورا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، ملڪ جي مختلف اڳواڻن طرفان اهي بيان به جاري ڪيا ويا هئا ته سعودي عرب ۽ ايران ٻئي اسلامي ملڪ آهن، جنهن سبب پاڪستان کي ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
 4 جنوري تي عراق ۾ عسودي سفارتخاني تي راڪيٽ حملو ٿيو هو، جڏهن ته ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ به سعودي سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن جي سعودي عرب سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي هئي. 4 جنوري 2016ع ۾ خيبرپختونخواهه جي بنون واري علائقي ۾ اسپيشل پوليس يونٽ ڪارروائي ڪري 6 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو هو. خيبروپختونخواهه جي گادي واري شهر پشاور ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٽرڪ ويجهو ڌماڪو  ٿيو هو. 4 جنوري 2016ع ۾ ڀارتي رياست مانيپور ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪفوت ۽ 100 کان وڌيڪ  زخمي ٿي پيا هئا. 5 جنوري 2016ع ۾ افغانستان جي سرحدي علائقن بني ڪوٽ، بانڊر، نازيان  ۽ ٻين علائقن ۾ ٻن طالبان گروپن ۾ چڪرين دوران 35 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا هئا. 7 جنوري  2016ع ۾ لبيا پوليس ٽريننگ سينتر تي آپگهاتي بم حملي ۾ 70 کان وڌيڪ مارجي ويا هئا، جڏهن ته 120 کان مٿي زخمي به ٿي پيا هئا. 7 جنوري 2016ع ۾ والاريل ڪشمير جو بي اختيار وڏو وزير مفتي سعيد بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. جنوري ۾ اتر ڪوريا طرفان پهريون هائيڊرون بم جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي. 9 جنوري 2016ع ۾ سمنڊ سنڌ جي 20 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائڻ جواعتراف ڪيو ويو هو، جڏهن ته 13 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو هو. 13جنوري 2016ع اففانستان جي جلال آباد شهر ۾ پاڪستاني قونصلخاني ويجهو آپگهاتي حملي ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، 12 ۽ 13 جنوري  جي وچ ۾ ڪوئيٽا سيٽلائيٽ  ٽائون ۾ پوليو سينٽر  ڀرسان ڌماڪو ٿيو  هو جنهن جي نتيجي ۾ 12 پوليس اهلڪار ۽ هڪ ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويو  هو.
14 جنوري 2016ع ۾ انڊونيشيا جي گادي واري شهر ۾ جڪارتا ۾ هڪٻئي پٺيان 6 ڌماڪن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻا مارجي ويا هئا. 14 جنوري 2016ع ۾ پوليو سينٽر تي ٿيل آپگهاتي بم ڌماڪي جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويوهو، 14 جنوري 2016 تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پرڏيهي سيڪريٽريز سطح تي 15 ٿيندڙ اسلام آباد ڳالهيون ملتوي ڪيون ويون هيون.  16 جنوري 2016ع ۾ اولهه آفريڪي ملڪ برڪينا فاسو جي گادي واري شهر اوگاڊو جي هوٽل تي دهشتگردن جي حملي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا. 18 آڪٽوبر 2016ع  تي گستاخ مواد اپلوڊ ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ پنج سالن تائين بند رهندڙ يوٽيوب سروس کي به بحال ڪيو ويو هو. 19 جنوري 2016 ع ۾ خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود ۾  خاصه دار فورس جي چيڪ پوسٽ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا. 2016ع ۾ ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال رهي، جنهن دوران ڪيترائي معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا هئا. مٺي اسپتال ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا دوائن جي کوٽ سبب حياتي جي جنگ هارائي ويٺا هئا. جنوري ۾ ئي  چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگرد حملي ۾ هڪ پروفيسر سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا. هن حملي ۾ مارجي ويلن ۾ شاگردياڻيون به شامل هنيون.  20 جنوري 2016 ۾ بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ايف سـِي جي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد  مارجي ويا هئا ۽  ٽـِن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو هو.
20 جنوري ۾ 2016 ع ۾ پيرو  ۾ هڪ پل تان مسافر بس ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. 21 جنوري 2016ع ۾ فلڪيات جي امريڪي ماهرن کي نظام شمسي ۾ نائين سياري جي موجودگي جون شاهديون ملي ويون هيون، جيڪو پلوٽو کان به پري مدار ۾ گردش ڪرڻ بابت ٻڌايو ويو هو. 22 جنوري 2016ع ۾ ترڪي جي سامونڊي علائقي ۾ پناهگيرن جو ٻيڙو اونڌو ٿيڻ سبب 12 ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته 26 کي بچايو ويو هو، 22جنوري 2016ع ۾ پشاور جي يڪه توت واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مردان سان تعلق رکندڙ ايليٽ فورس جا 2 اهلڪار شهيد ٿي وياهئا. 23 جنوري 2016ع ۾ مس يونيورس جو اعزاز ماڻيندڙ فلپائن جي سونهن راڻي پيا ورزباڪ جي وطن پهچڻ تي پرجوش آجيان ڪئي وئي هئي26 جنوري 2016ع لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ زِيڪا وائرس سٽيل مائرون ننڍن مٿن واران ايبنارمل ٻار پيدا ڪرڻ لڳيونهيون،، وائرس جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بڻيل برازيل جي طبي ماهرن عورتن کي محتياط رهڻ جي هدايت ڪئي هئي، ۽ هي وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو هو. 26 جنوري 2016ع تاريخي ايٽمي ٺاهه کانپوءِ يورپ ايران لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا هئا.
29  فيبروري 2016ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ پوليس پاران رستن تان حددخليون هٽائڻ دوران مڇريل ماڻهن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيو هيون، جنهن دوران ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. 4 جنوري 2016ع ۾ ڀارتي رياست مني پور ۾ 6 ڏهائي 8 جي شدت سان زلزلي سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا،7 جنوري 2016ع لبيا ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي آپگهاتي بم حملي ۾ 65 کان وڌيڪ مارجي ويا هئا، 13 جنوري 2016ع افغانستان جي جلال آباد شهر ۾ پاڪستاني قونصلخاني ويجهو آپگهاتي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا. 12 جنوري 2016ع ۾ ترڪي جي شهر استبول ۾ سياحتي مرڪز آڏو آپگهاتي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. 11 جنوري 2016ع ۾ ڏکڻ ميڪسيڪو ۾ فٽبال ٽيم جي بس سان حادثي جي نتيجي ۾ 20 رانديگر فوت ٿي ويا هئا،20 ڊسمبر 2016ع ۾ ترڪي جي راڄڌاني انقره ۾ روسي سفير جي قتل کانپوءِ سڄي دنيا جي روسي سفارتخانن جي سڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو هو.2016ع جي سال جي شروعات ۾ اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ مذهبي جماعتن ڌرڻو هڻي پارليامينٽ هائوس ۾ داخل ٿيڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي. اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف به پنهنجي ملازمت جي مدي تي رٽائرڊ ٿي ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ تاريخ رقم ڪئي ۽ نئون آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ڪيو ويو. 2016ع ۾ مارچ مهيني ۾ بلوچستان مان را جي ايجنٽ ڪلڀوشن  ياديو کي گرفتار ڪيو يو هو.
21 مئي 2016 ع ۾ بلوچستان ۾ طالبان سربراهه ملا  اختر منصور کي آمريڪي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو هو.  جون مهيني پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ پاڪستان طرفان افغانستان جي سرحد وٽ گيٽ هڻڻ جو فيصلو ڪيو  ته ان وقت افغانستان ڏمرجي پيو هو. 2016ع ۾ هڪ طرف ڀارت سرحد وٽ فائرنگ ڪري رهيو هو ته ٻي طرف وري افغانستان فورس جا اهلڪار به سرحد تي پاڪ فوج جا جوان شهيد ڪري رهيا هئا. 22 آگسٽ 2016ع ۾ ملڪي سياست ۾ هڪ وڏي تبديلي  آئي هئي جيڪو شخص ڪلاڪن جا ڪلاڪن سڀني خلاف زهر اوڳاڇيندو هو، ان سڪيورٽي ادارن سان گڏ هن ملڪ خلاف ڳالهايو ته ان تي به پابندي لڳائي وئي پر هن وقت تائين ان تنظيم خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، 29 نومبر تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف رٽائرڊ ٿي ويو هو، جڏهن ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پاناما معاملي تي وڏا وڏا ڌرڻا ۽ احتجاج ڪيا ويا هئا. 2016ع ۾ ڪوئيٽا ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي به حملو ڪيو ويو هو جنهن دوران ڪيترائي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا ۽ ايمبولينسز نه هجڻ سبب لاش گاڏين جي ڇتن تي رکي وارثن ڏانهن اماڻيا ويا هئا. 
جڏهن گوادر ۾ چين ٻيڙي کي روانو ڪرڻ جي افتتاحي تقريب هلي  هئي ۽ جشن ملهايو پيو ويو ته  دهشتگردن  درگاهه شاهه نوراني تي آپگهاتي حملو ڪيو هو جنهن ۾ ڪيترائي عقيدتمند شهيد ٿي ويا هئا ۽ پر ان آپگهاتي ڌماڪي ۾  شهيد ٿيلن جي وارثن وٽ بروقت لڙي نه آيو هو. شڪارپور ۾ عيدالاضحيٰ جي ڏهاڙي تي آپگهاتي حملي آورن امام بارگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کي هڪ بهادر پوليس اهلڪار روڪي ورتو هو ۽ پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي دهشتگردن جي منهن تي دانگي ملي ڇڏي هئي. بهرحال 2016ع سال  صرف ڏک ۽ ڏک ڏئي هليو ويو آهي ۽ نئين سال جو سج اڀريو آهي ان وقت صرف دنيا جي مالڪ کان صرف هڪ دعا گهرنداسين ته هن صوفين جي سرزمين کي مذهبي انتهاپسندي کان مڪمل طور ڇٽڪارو ڏياري ته جئين ڪو به شخص مذهب جي نالي تي ڪنهن کي قتل نه ڪري ۽ نه ئي ڪنهن نابالغ جو مذهب تبديل ڪرائي سگهي، صوفين جي ڌرتي تي ان ڏينهن کان دهشتگردي کي هٿي ملي آهي جنهن ڏينهن کان هتان جي چونڊيل نمائندن اقتدار جي لالچ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائڻ شروع ڪيو نه ته ماضي ۾ سنڌ کي صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي سڏيو ويندو هو ۽ اڄ به سڏيو پيو وڃي ۽ امن ۽ شانتي جو لقب ڏنل هو پر اڄ انتهاپسندي سبب هتان جو امن ۽ سڪون مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي، ٻين ملڪن ۾ دهشتگرد هتي اچي انتهاپسندي پکيڙي رهيا  آهن ۽ حڪمران اقتدار جي لالچ ۾ اگهور ننڊ ستل آهن.

No comments:

Post a Comment