Pages

Saturday 24 December 2016

اسرائيلي آبادڪاري ۽ سلامتي ڪائونسل جو ٺهراءُ

صاحب خان ڀٽي
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسرائيل فلسطين ۾ غيرقانوني طور يهودين کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ احتجاج ڪندڙ فلسطين کي شهيد به ڪري رهيو آهي پر ان باوجود گڏيل قومون خاموش آهن، ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاج به ٿي رهيا آهن پر هن وقت تائين نه ته ڪنهن اسلامي ملڪ فلسطينين جو آواز عالمي سطح تي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو اسلامي ملڪ هن وقت تائين مظلوم فلسطينن جي مدد ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي رهيو آهي، اهو ڪو ڏينهن نه بچيو هوندو جنهن ڏينهن فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم جي داستان نه ٻڌي هجي، جيتوڻيڪ عرب ملڪ اسرائيلي جي جارحيت جي ظاهري طور مذمت ڪندي ته نظر اچي رهيا آهن پر اسرائيل جي ٿيندڙ معصوم فلسطينن مٿان ظلم کي روڪڻ لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسرائيل ڪو وڏو ملڪ نه آهي  پر ان باوجود سعودي عرب ۽ ٻيا اسلامي ملڪ اسرائيل جي جارحيت کي روڪڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيا آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته فلسطيني  هن وقت به اسرائيلي فوج آڏو مهاڏو اٽڪائيندي نظر اچي رهيا آهن، آمريڪا جو جيڪو به صدر آيو آهي ان به صرف اسرائيل جي سپورٽ ڪئي آهي، اهو سڀ ان ڪري ٿي رهيو آهي جو آمريڪا جي معيشيت مضبوط آهي ته ان جي پٺيان به صرف اسرائيل جو ئي هٿ آهي، جنهن سبب آمريڪا هر ڀيري صرف ساٿ ڏنو آهي ته صرف ۽ صرف اسرائيل جو ڏنو آهي، ڀلي کڻي هن وقت عالمي سطح تي فلسطين جا مسلمان اڪيلا بڻجي ويا آهن پر ان باوجود اهي پنهنجو احتجاج جاري رکندو پيا اچن، هڪ طرف اسرائيل فلسطين جي اولهه سرحدي وارن علائقن ۾ غيرقانوني طور گهر تعمير ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري آمريڪا به ان جي تائيد ڪري رهيو آهي ان جو مثال گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ٿيل 15 رڪني اجلاس مان به لڳائي سگهجي ٿو، ان سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ جڏهن اسرائيلي آبادڪاري خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويو هو ته ان ۾ آمريڪا  حصو نه ورتو ۽  ٺهراءُ جي نه حمايت ڪئي ۽ نه ئي  وري مخالفت ڪئي.
جيتوڻيڪ اسرائيل کي ملڪ تقسيم ڪيو پيو وڃي پر ان باوجود فلسطيني ان ڳالهه کي مڃڻ کان مڪمل طور انڪاري نظر اچي رهيا آهن، اسرائيل ايشيا جو اهو ملڪ آهي جيڪو روم جي اولهه سامونڊي واري علائقي ۾ قائم آهي.  سندس اتر ۾ لبنان، شام ۽ اولهه ۾ اردن ۽ ڏکڻ اولهه ۾ فسلطين، مصر ۽ ٻيا ملڪ قائم آهن ۽ اسرائيل پاڻ کي يهودي جمهوريه سڏرائيندو آهي پر پاڪستان اڄ تائين ان کي ملڪ تسليم نه ڪيو آهي، هي واحد ملڪ آهي جتي يهودين جي آبادي اڪثريت ۾ آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسرائيل طاقت ۾ فلسطين کان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي ۽ فلسطينن جا حق غضب ٿيڻ لڳا آهن ۽ ان سڄي صورتحال جو ذميوار به  عالمي طاقتون  آهن، ڇاڪاڻ ته انهن سمورن عالمي طاقتن ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري آهي. اهو 1948ع جو وقت هو جڏهن اسرائيلي جي پاڙيسري ملڪن تي حملا ڪيا ويا هئا.اسرائيل جي مرڪز کي تل ابيب سڏيو وڃي ٿو، جڏهن ته آبادي ۽ صدر واري علائقي کي يرو شلم چيو وڃي ٿو پر ان باوجود بين الاقوامي طور يروشلم کي اسرائيل جو حصو تسليم نه ڪيو ويندو آهي. اسرائيل ۾ اشڪنازي يهودي، مزرابي يهودي، فلسطيني، سفاردي يهودي، يمني يهودي، ايٿو پيائي يهودي، بحريني يهودي ۽ ٻيا نسل ۽ قبيلا موجود آهن. 2014 اسرائيل جي ٽوٽل آٻادي 8146300 هئي ۽ ان ۾ 6110600 ماڻهو يهودي هئا، جڏهن ته اسرائيل جو سڀ کان وڏو نسل عرب گروپ  آهي. جنهن جي آبادي 1686000 ماڻهن تي ٻڌل آهي. ان کان علاوه عيسائي، آفريقي ملڪن کان ايندڙ پناهه گيرن  ۽ ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو به رهن ٿا. 1948ع کان لبنان ۽ مصر جي اڪثر حصي تي هن اسرائيل جي رياست قائم ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ انهن سمورن علائقن کي فلسطين سڏيو ويندو هو. ان جو گادي وارو شهر بيت المقدس هو جنهن تي 1967ع تي اسرائيل قبضو ڪيو هو. جڏهن ته اسرائيلي بيت المقدس کي يروشلم چوندا آهن ۽ هي شهر يهودين، عيسائين ۽ مسلمانن لاءِ وڏو مقدس شهر آهي ۽ مسلمانن جو پهريون قبلو آهي.
اسرائيل فلسطين  جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪرڻ فلسطيني شهرين تي ظلم ته ڪندو رهيو آهي پر اسرائيلي فوج 6 جون 2011ع ۾ گولان جي قبضي ۾ ڪيل جبلن تي گڏ ٿيندڙ فلسطين جي حمايت شامي مظاهرين تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا.21 جولاءِ 2014ع ۾ غزه ۾ رت جا درياهه وهائي ظلم جي هڪ نئين تاريخ لکي ڇڏي هئي. يهودي فوج جي هوائي ۽ زخميني حملن ۾ 70 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا ۽ اهو ظلم ڪيترائي ڏينهن جاري رهيو هو ۽ شهيد ٿي ويلن جو انگ 500 کان وڌي ويو هو، جڏهن ته غزه تي اسرائيلي فوج بمباري ڪئي هئي ته ان ۾  معصوم ٻاررنت سميت بي گناهه فلسطيني شهري به شهيد ٿي ويا هئا ۽ اهو سلسلو ڪافي ڏينهن تائين هلندو رهيو هو جنهن دوران عمارتن تي به بمباري ڪئي وئي هئي ۽ سموريون عمارتون ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويون هيون ۽ ان بمباري ۾ 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جون به خبرون به شايع ٿيون هيون، 8 جولاءِ 2014ع ۾ به اسرائيلي جارحيت سبب چوطرف تباهي جا منظر هئا، جڏهن ته حماس ۽ اسرائيلي فوج وچ ۾ ويڙهه سبب هزارين فلسطينين پاڙيسري ملڪ مصرف ۾ پناهه ورتي هئي.  18 آڪٽوبر 2015ع ۾ والاريل بيت المقدس ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج  فائرنگ  ڪئي هئي جنهن جي تنيجي ۾ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا هئا ۽ غزا ۾ به اسرائيلي فوج  اهڙي ڪارروائي ڪئي هئي. 18 آڪٽوبر 2015ع ۾ فلسطينن جي خلا ف اسرائيلف وج جي وڌندڙ جارحيت سبب ڪجهه اسلامي ملڪن ڳڻتي جو اظهار به ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته انهي ڏينهن به اسرائيلي جارحيت جو مظاهرو ڪندي 5 فلسطينن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. 24 نومبر 2015ع ۾ فلسطين جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب 3 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا هئا. 4 ڊسمبر 2015ع ۾ بيت المقدس ويهو اسرائيلي پوليس اهلڪارن هڪ فلسطين کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. 16 سيپٽمبر 2016 تي به والاريل بيت المقدس جي والهه واري علائقي ۾ اسرائيلي فوج فائرنگ ڪئي هئي ۽ ڪيترن ئي فلسطينن کي زخمي ڪري وڌو هو.
بهرحال اسرائيلي فوج جون ڪهري ڪارروايون هن وقت به جاري آهن جنهن سبب ئي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ يهودي آبادڪاري خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي ۽ اهو ٺهراءُ 24 ڊسمبر 2016ع ۾ منظور ڪيو ويو، سلامتي ڪائونسل جي 15 رڪني اجلاس ۾ آمريڪا ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، جڏهن ته اهو ٺهراءُ نيوزيلينڊ، ملائيشيا، وينزي ويلا ۽ سينگال طرفان پيش ڪيو ويو هو، 23  ڊسمبر 2016 ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل  جي اجلاس ۾ اسرائيلي آبادڪاري خلاف ٺهرءُ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي پر ان کي ڪجهه سببن جي ڪري ملتوي ڪيو ويو هو، جيڪو 24 ڊسمبر تي ٻيهر ٿيو ۽ ان  اجلاس ۾ ٺهراءُ تي ووٽنگ ڪرائي وئي ۽ ان ٺهراءُ جي حمايت ۾ 15 ووٽ وڌا ويا، جڏهن ته آمريڪا ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو هو. گڏيل قومن مقرر آمريڪي سفير سمانٿا پاول به ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ کي مذمت جوڳو قرار ڏنو هو،سماناٿا پاول اهو به چيو هو ته 5 ڏهاڪن کان يهودي آبادڪاري جو سلسلو هلندڙ آهي، جنهن کي بند ٿيڻ گهرجي. ٻي طرف وري اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هو اهڙي ٺهراءُ کي قبول نه ڪندا ۽ هو 20 جنوري تي اقتدار سنڀاليندڙ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ سان گڏجي ٺهراءُ تي خدشن کي ختم ڪندا. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا گڏيل قومون اسرائيل طرفان يهودي بستين جي تعمير کي روڪرائي سگهنديون يا وري آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري ان ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ ته ووٽنگ کان اڳ ئي نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ فلسطين ۾ يهودي آبادڪاري واري ٺهراءُ کي ويٽو جو مطالبو ڪيو هو جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ڪڏهن به معصوم فلسطينين جي حمايت نه ڪندو ۽ اسرائيلي فوج جي حق ۾ بيهي رهندو، جنهن بعد گڏيل قومون مجبور ٿي وينديون ۽ ان ٺهراءُ تي ذري جو به عمل نه ٿي سگهنديون ۽ اهو سڀ ان ڪري  ٿيندو جو  ڪنهن به اسلامي ملڪ ۾ ٻڌي نه آهي ۽ نه ئي ڪو اسلامي ملڪ فلسطينن جي مدد ڪرڻ ۾ سنجيده نظر اچي رهيو آهي، هاڻ سڀني ملسمان ملڪن اهم وقت آهي ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ گڏيل قومن مان منظور ٿيل ٺهراءُ تي عمل ڪرائڻ لاءِ اڳتي وڌن ۽ اسرائيلي ظلم کي روڪڻ لاءِ يهودي آبادڪاري خلاف بل تي عمل ڪرائن ته جئين فلسطين جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهن.

تصوير ڊيليٽ ٿي وئي آهي جيڪڏهن توهان وٽ موجود هجي ته لڳائجو، مهرباني

No comments:

Post a Comment