Pages

Friday 30 December 2016

آمريڪا، روس ڇڪتاڻ ڪٿي دنگ ڪندي؟

صاحب خان ڀٽي
8 نومبر 2016 ۾ ٿيل صدارتي چونڊن کان پوءِ آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ڪڏهن شام تڪرار تي ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف وڌي رهيا آهن ته ڪڏهن وري روس تي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ هيڪنگ جا الزام لڳايا پيا وڃن، جنهن کي روس هر ڀيري رد ڪندو رهيو آهي، روسي صدر ولادي ميرپيوٽن ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته روس جي آمريڪي صدارتي چونڊن  ۾ ڪا به مداخلت نه هئي، اهڙن الزامن کي لڳائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پر ان باوجود ٻنهي ملڪن طرفان هڪ ٻئي خلاف بيان بازي بند نه ٿي سگهي  آهي، جنهن جو سلسلو اڄ به جاري آهي پر انهن ۾ هاڻ تيزي اچي چڪي آهي ۽ اها ڇڪتاڻ وڃي ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن تائين پهچي چڪي آهي، آمريڪا به روس جي 35 سفارتڪارن کي ناپسنديده قرار ڏئي جلد کان جلد ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي روس طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته آمريڪا طرفان روسي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ بعد روس به ڪو نه ڪو سخت قدم ضرور کڻندو، پر ان سان گڏ روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اهو بيان به جاري ڪيو آهي ته هو 20 جنوري تائين نئين چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو انتظار ڪندا ۽ پنهنجو معاملو ان اڳيان رکندا، روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان اهو به چيو ويو آهي ته اوباما انتظاميا آمريڪا ۽ روس جي لاڳاپن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن سبب اهڙا قدم کنيا پيا وڃن، آمريڪي ميڊيا تي به روس بابت بحث تيز ٿي ويو آهي. آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي حڪم بعد روسي سفارتڪارن کي نيڪالي ڏني وئي، جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي حڪم بعد روسي سفارتڪارن کي ناپسنديده قرار ڏئي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي پر ان باوجود ڊونالڊ ٽرمپ اهو چئي رهيو آهي ته اوباما انتظاميه صدارتي چونڊن ۾ روسي هيڪنگ جا ثبوت ڏئي عوام آڏو آڻي نه ته خاموش ٿي وڃي.
آمريڪا ۾ 8 نومبر تي ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ري پبلڪن پارٽي جي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، جنهن بعد آمريڪي صدر بارڪ اوباما شڪست کي قبولي اقتدار جي منتقلي بابت به ڊونالڊ ٽرمپ سان ڳالهيون ڪيون هيون ۽ ڪجهه پاليسين کي برقرار رکڻ جي سفارش  به ڪئي هئي، ٻنهي اڳواڻن ۾ اها ملاقات تمام گهڻي دير تائين ته نه ٿي هئي پر ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات کان پوءِ اهو محسوس ٿي رهيو هو ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ڪي به اختلاف نه آهن ۽ نه ئي ٻئي اڳواڻ اليڪشن ٿيڻ بعد هڪ ٻئي جي خلاف ڪي بيان ڏيندا، جيتوڻيڪ ڊيموڪريٽڪس جي اميدار هيلري ڪلنٽن واحد آمريڪي عورت  هئي جنهن بابت بارڪ اوباما به چيو هو ته جيڪڏهن هيلري ڪلنٽن صدر بڻجي وئي ته اها آمريڪا جي پهرين عورت صدر هوندي ۽ کيس اهو اعزاز آمريڪي عوام به ڏياري سگهي ٿو پر چونڊ نتيجن جا مختلف آيا جنهن سبب صدارت لاءِ ڊونالڊ ٽرمپ تمام گهڻا ووٽ کڻي هيلري کان اڳڀرو رهيو، ايتري قدر جو چونڊ مهم دوران ڊونالڊ ٽرمپ هيلري ۽ سندس مڙس کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ هن مسلمانن خلاف به زهر اوڳاڇيو هو، جنهن بعد اولهه ملڪن جي اسلامي ملڪن بابت پاليسي واضع  ٿيندي پئي وڃي. بهرحال آمريڪي چونڊون ته خريت سان ٿي ويو پر ڪنهن به شخص اهو نه سوچيو هو ته ڪو آمريڪا ۾ آمريڪي جهنڊن کي ساڙيو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن اهو سوچيو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊن ۾ ڪاميابي بعد هر طرف مايوسي پکڙجي ويندي، ان جا به کوڙ سارا سبب هئا پر اها صورتحال ايتري شدت اختيار ڪري ويندي شايد ان جو ڪنهن اندازو به نه لڳايو هو، جڏهن کان ڊونالڊ ٽرمپ صدارتي چونڊون کٽيون آهن، ان ڏينهن کان آمريڪي صدر بارڪ اوباما مختلف ملڪن جا دورا ڪري رهيو آهي، ايتري قدر جو هن ڪيوبا سان لاڳاپا بحال ڪرڻ سان گڏ جاپان ڏانهن تمام گهڻو ڌيان ڏنو آهي ۽ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جاپان وڃي ٻي عظيم جنگ ۾ مارجي ويل آمريڪي  فوجين جي يادگار تي گلن جون چادرون به چاڙهيون هيون، هڪ طرف بارڪ اوباما مختلف ملڪن جا دورا ڪري پراڻا اختلاف ويسارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هونءَ ته آمريڪا ۽ روس ۾ لاڳاپا ڪي خاص بهتر نه رهيا آهن، ڊسمبر 2015ع ۾ صدر بشارالاسد جي حمايت ۾ روسي فضائي جهاز ڪارروايون ڪندا رهيا آهن، مارچ 2011ع جڏهن شام تڪرار شروع ٿيو هو تڏهن کان هن وقت تائي هزارين شامي شهري مارجي چڪا آهن.جنهن تي عالمي طاقتون به آمهون سامهون آهن. ان کان اڳ به ڪيترائي  روسي جهاز شام ڪارروائي ڪري چڪا  آهن، جنهن تي هن وقت تائين روس ڪوبه رد عمل نه ڏيکاريون آهي پر حالتون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ ٻي ملڪ هڪ ٻئي کان ڏور ٿيندا پيا وڃن جنهن مان اهو  اندازو لڳائي سگهي ٿو ٻنهي ملڪن ۾ جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ اختلاف وڌيا ته ان جو سڀ کان نقصان به آمريڪا ۽ روس کي ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن  وقت روس آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي پاڻ طرف ڪري ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ ڊونالڊ ٽرمپ به سڄي دنيا کي 20 جنوري تائين انتظار ڪرڻ جو چئي چڪو آهي ته 20 جنواري تي حالتون تبديل ٿي وينديون، اسرائيل طرفان ڊونالڊ ٽرمپ ۾ وڏيون اميدون رکيون پيون  وڃن، هڪ طرف فلسطين ۾ نين يهودي وسندين جي تعمير کي روڪڻ گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي شڪايت ڪئي وئي آهي ته ٻي طرف وري ڊونالڊ ٽرمپ گڏيل قومن جو ساٿ ڏيڻ بدران انهن جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن سان نه ته ڪا بهتري اچي سگهي ٿي ۽ نه ڪا ڀلائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي،  جيڪڏهن هن وقت به آمريڪي عوام ڪو جلد قدم نه کنيو ته لڳي ٿو ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن وارو معاملو انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري وٺندو ۽ آمريڪا جي ڪيترين رياستن ۾ ڏڦيڙ به پکڙجي سگهجن ٿا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آمريڪا ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان جو ذميوار به ڊونالڊ ٽرمپ ۽ بارڪ اوباما ئي هوندا. في الحال ته ٻنهي اڳواڻن طرفان اهڙي عمل جي سخت مخالفت ڪئي وئي آهي، جنهن اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو روس آمريڪا سان لڳاپا خراب نه ٿو ڪرڻ چاهي پر ان باوجود آمريڪا ۾ روسي هيڪنگ جا الزام سمجهه کان ٻاهر نظر اچي رهيا آهن. جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾  هيڪنگ وارو معاملو ڳالهين ذريعي حل نه ٿيو ته شايد اهو تڪرار هٿيار استعمال ڪرڻ تائين به پهچي سگهي ٿو، جنهن لاءِ هر ملڪ کي تيار رهڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڏاندن جي ويڙهه ٿيندي آهي ته ٻوٽا به لتاڙبا آهن.تنهن جي ڪري جيتري احتياط ڪئي وڃي اوترو گهٽ آهي. هونءُ ته جڏهن به ڪنهن بي ملڪ جو جهيڙو ٿيندو آهي ته هر ملڪ انهن کي ڳالهين جو دڳ اختيار ڪرڻ  جو مشورو ڏيندا آهن پر هن ڀيري آمريڪا ۽ روس جي وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڪيترائي ملڪ هن وقت به خاموش آهن.

No comments:

Post a Comment