Pages

Monday 26 December 2016

ڀٽو خاندان سان انصاف ڪڏهن ٿيندو؟

صاحب خان ڀٽي
صوفين جي سرزمين تي 21 جون 1953ع ۾ جنم وٺندڙ دنيا جي عظيم اڳواڻ شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کي 9 سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر افسوس جو جمهوريت خاطر شهادت جو جام پيئندڙ هن عظيم اڳواڻ جي عظيم ڌيءُ جي قاتلن جو ڪو به پتو نه لڳايو ويو آهي ۽ نه ئي وري جاچ ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، ٻاهرن ملڪن کان به جاچ ڪرائي وئي هئي پر ان ۾ صرف سندس موت جو ڪارڻ ٻڌايو ويو هو پر شهيد محترمه جي قاتل ۽ ماسٽر مائينڊ جو هن وقت تائين ڪو پتو نه لڳايو ويو آهي، جنهن سبب هن وقت به سڄي سنڌ ۾ مايوسي ڇانيل آهي، جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ويجهو ايندي آهي ته ان وقت حڪومت صرف بيان ئي ڏيندي آهي پر افسوس جو قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪي به خاص قدم نه کنيا ويا آهن ۽ نه ئي وري هاڻ صحافي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان ڪي سوال ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه سال اڳ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو هو ته هو قاتلن جي جاچ ٿي رهي آهي، جيڪا اڄ تائين مڪمل ٿيندي نظر نه پئي اچي، جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي پنهنجي اقتدار جا 5 سال پورا ڪري چڪي آهي پر ان باوجود انهي دور ۾ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ نه ڪرائي وئي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو ٻه ڀيرا مل جي وزيراعظم بڻي ۽ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو، جنهن جو به تعلق لاڙڪاڻي جي چڪي مٽي سان هو، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو جي ماءُ نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان شهر هو، بينظير ڀٽو ذوالفقار ڀٽي جي وڏي ڌيءُ هي،  هي پاڻ ۾ چار ڀائر ۽ ڀڻيون هيون، جن مان صرف هڪ ڀيڻ صنم ڀٽو حيات آهي. بينظير ڀتو کي 1958ع ۾ ڪراچي جي مشهور اسڪول ڪائويينٽ آف جيزز اينڊ ميري ۾ داخل ڪرايو ويو هو، هوءَ ننڍ پڻ ۾ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهڙي هجڻ سان گڏ تمام گهڻي ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي، سنڌ جي عظيم نياڻي جڏهن ستن سالن جي هئي ته سندس والد جنرل ايوب خان جي ڪابينا ۾ وزير ٿيو هو ۽ سندس ڪٽنب روالپنڊي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي جتي پهرين کيس پريزنٽيشن ڪانوينٽ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو بعد ۾ سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي ننڍ پڻ کان ئي پڙهڻ لڳڻ ڪتابن سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو ۽ هوءَ اسڪول جي راندين ۽ ٻين غير نصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي. شهيد راڻي جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پرڏيهي وزير بڻيو ته ان وقت سندس مقبوليت ۾ گهڻو اضافو ٿيو هو پر جڏهن 1965ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ جنگ لڳي ته ڀٽي صاحب جا ايوب خان سان اختلاف ٿي پي اهئا ۽ اهو ئي سبب هو جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ايوب جي حڪومت کان ڌار ٿي ويو هو. 1966ع ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وڏو مقبول سياسي ليڊر بڻجي اڀرو.
 1967ع ۾ پيپلزپارٽي جو بنياد پئجي چڪو هو جنهن جو چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو بڻيو هو ۽ ان وقت بينظير ڀٽو صرف 14 ورهين جي هئي، 1969 ۾ شهيد بينظير ڀٽو ويٽنام جنگ خلاف ٿيل مظاهرن ۾ حصو به ورتوهو. 1970ع جي چونڊن ۾ اولهه پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڪثريت سان چونڊجڻ مهل بينظير ڀٽو آمريڪا ۾ هئي ۽ ان دور ۾ اولهه پاڪستان جون حالتون خراب ٿي ويون هيون ۽ اولهه پاڪستان ۾ آزادي جي تحريڪ شروع ٿئي هئي،  اولهه پاڪستان ۾ حالتون خراب ٿيڻ سبب ڀارت به بنگالين جي مطالبي جي حمايت ڪئي، پوءِ ڏسندي ڏسندي بنگلاديش پاڪستان کان الڳ ٿي ويو هو،  شهيد ذوالفقار علي 14 آگسٽ 1973ع تي ملڪ جو آئين نافظ ڪيو هو ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو جڏهن به ڪنهن دوري تي ويندي هو ته شهيد محترمه کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. 1947ع ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ڪوٺائي وئي هئي جنهن مصرف جي صدر انور سادات، سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل لبيا جي ڪرنل قذافي، بنگلاديش جي شيخ مجيب الرحمان، فلسطين جي ياسر عرفات ۽ ٻين سان ملڻ جو موقعو مليو هو. 1977ع ۾ شهيد محترم بينظير ڀٽو پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي جنهن اهو عهدو ماڻيو هو. شهيد بينظير ڀٽو احتجاجي سياست به ڪئي ۽ 1977ع ۾ پڙهائي پوري ڪري ڊگري وٺي ڏيهه واپس اچي وئي هئي. 4 جولاءِ 1977ع تي جنرل ضاءُ الحق اوچتو 4 ۽ 5 جولاءِ جي وچ واري رات ۾ ڀٽي صاحب جي اقتدار جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو، جنهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج به ڪيا ويا هئا. 1981ع ۾ ايم آرڊِ جي تحريڪ به هلائي جيڪا 1983۾ عروج تي هئي، مارچ1981ع ۾ پي آءِ جو هڪ جهاز اغوا ٿيو جنهن جو الزام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڀائرن تي لڳايو ويو.
بيگم نصرف  ڀٽو کي هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس 1982 ع تائين قيد رکيو ويو. 1986ع ۾ شهيد راڻي جڏهن لاهور واپس پهتي هئي ته ان وقت سندس شاندار استقبال ڪيو ويو هو. شهيد بينظير ڀٽو 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ سياسي خاندان  حاڪم علي زرداري جي فرزند آصف عيل زرداري سان شادي ڪئي، بينظير ڀٽو کي ٽي ٻار هڪ پٽ بلاول ۽ ٻه نياڻيون بختاور ۽ آصف جو اولاد ٿيو ۽ سندس مڙس به هڪ ڀيرو ملڪ جو صدر رهي چڪو آهي10 اپريل تي اوجهڙي ڪئمپ واري واقعي کانپوءِ 29 مئي 1987ع تي جنرل ضياءُ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ۽ اسيمبليون ختم ڪيون هيون ۽ چونڊن ججو اعلان ڪيو هو. 1988ع ۾ وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کٽيو هو ۽ 2 ڊسمبر 1988ع تي ايوان صدر ۾ بينظير ڀٽو وزيراعظم جي عهدي جو قسم کنيو هو.محترمه بينظير ڀٽو 12 ڊسمبر تي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ به حاصل ڪيو هو. 1989ع ۾ شهيد راني جي حڪومت ۾ سندس مخالفن بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي جيڪا ناڪام ٿي هئي. جنهن بعد سنڌ اندر نسلي فساد پکڙجي ويا هئا ۽ 5 آگسٽ 1989 تي ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان ٽيلي ويزن تان قوم کي خطاب ڪندي حڪومت کي برطرف ڪي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون هيون. انکان پوءِ نگران حڪومت غلامم مصطفي جتوئي کي ڏني وئي هئي ۽ نين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو هو. 6 نومبر 1990ع تي هن مخالف ڌر جي اڳواڻ طور اسيمبلي کي خطاب به ڪيو هو.
 1992 ۾ نوازشريف الزام هڻي غلام اسحاق خان کي برطرف ڪيو هو. 1993ع ي پڇاڙي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊون ٿيون ۽ بينظير ٻيو ڀيرو وزيراعظم بڻجي وئي هئي. جڏهن ته 13  نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو هو. 1995ع جي آخري ڏهاڙن ۾ صدر فاروق لغاري بنيظير جو مخالف ٿي ويو هو. 20 سيپٽمبر 1995ع تي بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ  کي شهيد ڪيو ويو هو 17 فيبروري ۾ نوازشريف جي حڪومت قائم ٿي هئي، 1997ع جي پڇاڙي ۾ بينظير کي وري ڪيترن ڪيسن ۽ ڪورٽن کي منهن ڏيڻو پيو هو. 1999ع ۾ هو پرڏيهه هلي وئي هئي. 12 آڪٽوبر 1999تي جنرل پرويز مشرف نوازشريف جي حڪومت جو ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو هو . 18 آڪٽوبر 2007ع جڏهن بيبنظير ڀٽو ڏيهه واپس اچي رهي هئي ته سندس آجيان لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻهو پهچي ويا هئا، جنهن کي ميڊيا ڏسي هيران ٿي وئي هئي ۽ ان ڏينهن سندس قافلي تي ڪار سازوٽ  2 زور دار ڌماڪا ٿيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ 179 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا، پر جمهوريت جا دشمن سنڌ جي راڻي کي شهيد ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا هئا. پر افسوس 179 جي ماڻهن جي شهادتن باوجود  سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار کي رحم نه آيو هو ۽ نه ئي وري اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف شهيد راڻي کي ڪا سڪيورٽي فراهم نه ڪئي هئي.
جڏهن محترمه بينظير ڀٽو 27 ڊسمبر تي 2007ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرم ڪامياب ٿي وئي ته اتان واپسي مهل مٿس گوليون وسايون ويون ۽ بم به ڦاڙيا ويا جنهن دوران به هڪ عظيم ليڊر تي حملو ڪيو ويو ۽ شهيد راڻي هن دنيا ۾ هميشه لاءِ اسان کان ڏور هلي وئي، جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته ان وقت سڄي ملڪ ۾ سوڳ واري فضا قائم ٿي وئي هئي ۽ هر طرف ماتم برپا ٿي ويو هو، هر هڪ شخص جي اکڙين ۾ لڙڪ لڙي آيا هئا، سندس مخالفن کي غم کائي ويو هو، شهيد محترمه بينظير ڀٽي جي راولپنڊي ۾ شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ ته ڄڻ قيامت اچي وئي هئي هر طرف باهيون ۽ باهيون هيون ۽ سڪيورٽي ادارا مڪمل طور غائب ٿي ويا هئا، شهيد راڻي جي شهادت واري خبر باهه جيان پکڙجي وئي هئي، سنڌ ۾ ته پاڪستان نه کپي جا نعرا لڳي رهيا هئا ۽  اهو هڪ فطري عمل هو ڇاڪاڻ ته شهيد راڻي کي پنجاب ۾ شهيد ڪيو ويو هو، جتان اڳ به سندس والد ۽ عظيم ليڊر جو لاش سنڌ ۾ اچي چڪو هو پر جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي خبر سنڌ واسين کي پئي ته پاڪستان نه کپي جو نعرو لڳو جنهن کي بعد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي پاڪستان کپي جي نعري ۾ تبديل ڪيو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ڪاوڙ ختم ڪئي ۽  اها پڪ ڏياري وئي هئي ته شهيد راڻي جا قاتل انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندا ويندا پر افسوس جو 9 سال گذرڻ باوجود هن وقت تائين قاتلن جو پتو نه لڳايو ويو آهي ۽ نه ئي وري ڪارساز سانحي جي شهيدن جي خون سان انصاف ٿيو آهي. جيڪڏهن هاڻ به ڪارساز جي شهيدن سان انصاف نه ٿيو ته پوءِ آخر ڪڏهن ٿيندو، جڏهن شهيد محترمه جي ورسي ايندي آهي ته هر هڪ کي اهو ئي خيال ذهن ۾ ايندو آهي ته شايد هن ڀيري شهيد بينظير ڀٽو جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو وڃي.


No comments:

Post a Comment