Pages

Sunday 25 December 2016

آمريڪي اقتدار جي منتقلي ۽ روسي مداخلت جو راڳ

صاحب خان ڀٽي
آمريڪي صدارتي چونڊن بعد اقتدار جي منتقلي 20 جنوري ٿي رهي آهي، جنهن بابت آمريڪي صدر بارڪ اوباما واضع ڪري چڪو آهي ته نئين چونڊجي آيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس وچ ۾ اقتدار جي منتقلي تي ڳالهيون ٿي چڪوآهي، جڏهن ته ڊونالڊ ٽرمپ به پنهنجي بيانن ۾ چئي چڪو  آهي ته سندس اقتدار بعد آمريڪا حالتون مختلف هونديون، هڪ طرف ڊونالڊ ٽرمپ مسلمانن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي ته ٻي طرف وري اسرائيل ۽ روسي صدر ولادي ميرپيوٽن به سندس حمايت ۾بيٺل آهي، ان سڄي صورتحال کي ڏسندي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 20 جنوري 2017ع ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جي اسلامي ملڪن خلاف پاليسي سخت هوندي، ڇاڪاڻ ته صدارتي چونڊن کان اڳ ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم جي ريلين دوران پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته هو ڪامياب ٿيڻ بعد هو آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن خلاف پاليسي کي تبديل ڪندو ۽ اميگريشن پاليسي ۾ به تبديلي آڻيندو ۽ جيڪي پناهگير آمريڪا ۾ رهي رهيا آهن انهن جي به مستقبل جو فيصلو ڪندو، هڪ طرف آمريڪا ۾ مظاهرن دوران آمريڪا جا جهنڊا ساڙيا پيا وڃن ته ٻي طرف وري آمريڪي صدر بارڪ اوباما به پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو هو ته وائيٽ هائوس ۾ کيس نسلي نفرتن کي منهن ڏيڻو پيو.
بارڪ اوباما جي اهڙي بيان  کان پوءِ لڳي رهيو آهي ته آمريڪا ۾ جيڪي ڪاري نسل جا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، اهي ڪافي حد تائين درست آهين. بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن بابت وڏو بحث ٿي رهيو آهي، ايف بي آءِ  جو ترجمان چئي رهيو آهي ته آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت جا کين ڪي به پڪا ثبوت نه مليا آهن، ٻي طرف آمريڪي ميڊيا، بارڪ اوباما ۽ هيلري ڪلنٽن سميت مختلف اڳواڻ اهو راڳ ڳائي رهيا آهن ته صدارتي چونڊن ۾ روسي هيڪرز اي ميلز هيڪ ڪيا ۽ صدارتي چونڊن ۾ به مداخلت ڪئي وئي، اهڙي سڄي صورتحال باوجود آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ ڊيمڪوريٽڪ پارٽي جا سمورا اڳواڻ صدارتي چونڊن جي نتيجن کي مڃي رهيا آهن ۽ چونڊ نتيجن بابت روسي مداخلت جا انڪشاف به ڪري رهيا آهن. روسي صدر ولادي ميرپيوٽن ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو به ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي بيانن ۾ چيو هو ته نئين چونڊجي آيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ سان گڏجي سمورن معاملن کي حل ڪندا. بهرحال ڊونالڊ ٽرمپ هڪ ڪامياب ڪاروباري شخصيت آهي جنهن جو ڪاروبار به مختلف ملڪن ۾ پکڙيل آهي۽ سندس سوچ به هڪ ڪاروباري هوندي ۽ هو خطي ۾ پنهنجي ڪاروبار سان گڏ آمريڪي پاليسين تي تمام گهڻو غور ڪندو ۽ خاص طور تي اسلامي ملڪن جي لاءِ سندس پاليسي به واضع ٿيندي پئي وڃي،
ڪجهه ڏينهن اڳ ڊونالڊ ٽرمپ اهو به چيو هو ته جن ملڪن جي حفاظت آمريڪا ڪري رهيو آهي انهن کي هاڻ پيسا ڏيڻا پوندا، هاڻ آمريڪا ڪهڙن ڪهڙن عرب ملڪن کان حفاظت لاءِ  پيسا وٺندو اهو ته وقت ئي ٻڌائندو، پر روس جي آمريڪي صدارتي چونڊ مداخلت بابت جيڪي بحث ڇڙي ويا آهن، ان کي آمريڪي اختياريون ڪهڙي ريت منهن ڏينديون ان بابت هن وقت ڪو خاص بيان نه ڏنو ويو آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان به جان ڪربي به ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هو ته روسي هيڪرز بابت هنن روسي صدر ولادي مير پيوٽن کي ٻڌائي ڇڏيو هو پر  ولادي مير پيوٽن ان بابت ڪي به قدم نه کنيا هئا، جان ڪربي پنهنجي پريس بريفنگ جڏهن صحافين کانئنس ڊونالڊ ٽرمپ جي پاليسي بابت پڇيو ته جان ڪربي جواب ۾ چيو هو ته کيس ڊونالڊ ٽرمپ جي پاليسي بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي ته سندس پاليسي ڪهڙي هوندي پر ان پريس بريفنگ دوران جان ڪربي اهو به چيو هو ته آمريڪا، ڀارت سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ بهتر لاڳاپا آهن، ان کان اڳ به ڪيترائي بيان جاري به ڪري چڪو آهي. جئين جئين 20 جنوري 2017ع ويجهو اچي رهيو آهي تئين تئين آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ به پنهنجي مصروفيتون به وڌائي  رهيو آهي ۽ پنهنجو سڄو ڪاروبار پنهنجي خاندان جي حوالي ڪري  سڄو ڌيان اقتدار جي منتقلي جو انتظار ڪري رهيوآهي،
هاڻ ڏسڻو اهو ئي آهي ته 20 جنوري تي بارڪ اوباما ڪهڙو بيان ڏئي ٿو ۽ ڊونالڊ ٽرمپ بابت ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته صدارتي چونڊن بعد آمريڪي صدر بارڪ اوباما ڊونالڊ ٽرمپ سان به ملاقات ڪري چڪو آهي پر ٻنهي اڳواڻن جي ملاقاتن ۾ ڪو اهڙو خاص پيغام نه ڏنو ويو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ڪي اختلاف نه آهن، بهرحال ٻنهي اڳواڻن جي ملاقاتن کانپوءِ بارڪ اوباما بيان ڏنو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ جي ڪجهه پاليسين تي کيس اختلاف آهن. بهرحال ڊونالڊ ٽرمپ به چيو هو ته آمريڪي جهنڊا ساڙيندڙن خلاف هو ڪجهه نه ڪجهه قدم ضرور کڻندا، جيتوڻيڪ هن وقت آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ خلاف مظاهرن جو سلسلو بند ٿي ويو آهي پر اهو سلسلو 20 جنوري کان پوءِ ڪيتري شدت اختيار ڪندو ۽ انهن ۾ ڪيتري تيزي ايندي، ان بابت اسان کي 20 جنوري تائين انتظار ڪرڻو پوندو، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊونالڊ ٽرمپ بيان ڏنو هو ته عراق جنگ ۾ پوڻ سندن درست فيصلو نه هو، ڊونالڊ ٽرمپ ته هيلري ڪلنٽن کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو ۽ چيو هو ته هيلري ڪلنٽن باغين کي هٿيار فراهم ڪيا ۽ داعش جي مدد  جا الزام به لڳايا هئا. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا  صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت کي ڪئين ثابت ڪندو، جيڪڏهن روس آمريڪي صدارتي ڇونڊن ۾ مداخلت ڪئي ته ڇا ڊونلڊ ٽرمپ کي به پوءِ صدر مڃيو ويندو يا وري صرف اهي مداخلت جا بيان  اولهه ملڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏنا پيا وڃن.

No comments:

Post a Comment